Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 7:7 - Sindhi Bible

7 ۽ يشوع چوڻ لڳو تہ افسوس، اي خداوند خدا، ڇو تو هن قوم کي يردن لنگهائي آندو؛ انهي لاءِ ڇا تہ انهن کي امورين جي حوالي ڪرين، تہ ناس ٿي وڃن؟ شل اسين راضي ٿي يردن جي هن ڀر رهون ها!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 پوءِ يشوع چوڻ لڳو تہ ”آہ! اي خداوند خدا! ڇو تو هن قوم کي اردن درياءَ جي پار آندو؟ ڇا انهيءَ لاءِ تہ اسان کي امورين جي حوالي ڪرين؟ يا انهيءَ لاءِ تہ اسين ناس ٿي وڃون؟ جيڪر اسين اردن درياءَ جي هُن ڀر ئي راضي ٿي رهي پئون ها!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 7:7
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اسرائيل جي بادشاهہ چيو تہ افسوس آهي، ڇالاءِ جو خداوند هن ٽن بادشاهن کي گڏ سڏيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ هنن کي موآب جي هٿن ۾ ڏيئي.


مون تڪڙ ڪري چيو، تہ سڀيئي ماڻهو ڪوڙا آهن.


۽ بني اسرائيل هنن کي چيو تہ جڏهن اسين مصر جي ملڪ ۾ گوشت جي ديڳڙن وٽ ويٺا هئاسين، ۽ پيٽ ڀري ماني ٿي کاڌيسين، تڏهن جي خداوند جي هٿان مري وڃون ها تہ چڱو ٿئي ها؛ ڇالاءِ اوهان اسان کي هن رڻ پٽ ۾ آندو آهي، تہ هن ساري جماعت کي بکن ۾ ماريو.


۽ اتي ماڻهو پاڻيءَ لاءِ حيران ٿيڻ لڳا، ۽ موسيٰ جي برخلاف ڪُرڪڻ لڳا، ۽ چوڻ لڳا تہ تو اسان کي مصر مان انهيءَ لاءِ آندو آهي ڇا، تہ اسين، ۽ اسان جا ٻار، ۽ اسان جو چوپايو مال، اُڃ جي ڪري مرون؟


خداوند هن اُمت کي انهي ملڪ ۾ پهچائي نہ سگهيو، جنهن بابت انهن سان قسم کنيو هئائين، تنهنڪري کين بيابان ۾ ماري وڌائين.


ڇالاءِ خداوند اسان کي هن ملڪ ۾ ترار سان مارجڻ لاءِ آندو آهي؟ اسان جون زالون ۽ اسان جا ٻار پڪڙجي ويندا: اسان لاءِ ائين بهتر نہ آهي ڇا، تہ موٽي مصر ۾ هلون؟


۽ يسوع ورندي ڏيئي چيو تہ اي بي اعتقاد ۽ نرڄي قوم، آئون ڪيستائين اوهان سان هوندس؟ ڪيستائين اوهان جي سهندس؟ انهي کي مون وٽ وٺي اچو.


۽ هن چين تہ اوهان جي ٿوري ايمان ڪري: ڇالاءِ جو آئون سچ ٿو چوان تہ جيڪڏهن اوهان کي اهر جي داڻي جيترو ايمان هوندو تہ جي اوهين هن جبل کي چوندا تہ هتان هٽي وڃ، تہ هو هٽي ويندو، ۽ ڪابہ ڳالهہ اوهان لاءِ اڻ ٿيڻي نہ هوندي.


۽ اوهان اُها نصيحت وساري ڇڏي آهي جا پٽن وانگر اوهان کي ڪئي ويئي هئي، تہ ”اي منهنجا فرزند، خداوند جي سيکت کي ڪين جهڙو نہ ڄاڻ، جڏهن اهو تو کي ڇينڀي، تڏهن دل نہ لاهہ؛


تڏهن يشوع، ۽ اسرائيل جا بزرگ، پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي خداوند جي صندوق جي اڳيان شام تائين زمين تي منهن ڀر ڪري پيا؛ ۽ هو پنهنجن مٿن تي مٽي وجهڻ لڳا.


اي خداوند، جڏهن اسرائيلي پنهنجن دشمنن جي اڳيان پٺ ڏيئي ٿا ڀڄن، تڏهن آءٌ ڇا چوان؛


(۽ بني اسرائيل وڃي شام تائين خداوند جي اڳيان رنو؛ ۽ هنن خداوند کان پڇيو ۽ چيائون تہ اسين پنهنجن ڀائرن بني بنيمين سان جنگ ڪرڻ لاءِ وري کين ويجها وڃون يا نہ؟ ۽ خداوند چيو تہ ڀلي هنن تي ڪاهي وڃو).


۽ جڏهن هو لشڪرگاهہ ۾ آيا تڏهن اسرائيل جي بزرگن چيو تہ ڇالاءِ خداوند اڄ اسان کي فلستين جي اڳيان شڪست ڏني آهي؟ اچو تہ خداوند جي عهدنامي جي صندوق سيلا ۾ کڻي اچون تہ اُها اسان منجهہ اچي، ۽ اسان کي اسانجن دشمنن جي هٿان ڇڏائي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ