Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 7:5 - Sindhi Bible

5 ۽ عئي جي ماڻهن هنن منجهان اٽڪل ڇٽيهہ ماڻهو ماري وڌا: ڇالاءِ جو هو شهر جي دروازي کان وٺي شبريم تائين انهن جي پٺيان پيا، ۽ هيٺ لهندي انهن کي ماريائون: انهي ڪري ماڻهن جون دليون پگهرجي پاڻي پاڻي ٿي ويون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 ۽ منجھائن اٽڪل ڇٽيهہ ماڻهو ماري وڌائون. هنن شهر جي دروازي کان وٺي پٿرن جي کاڻين تائين انهن جو پيڇو ڪيو ۽ لاهيءَ تائين کين ماريندا آيا. پوءِ تہ بني اسرائيل جو ساهہ ئي سڪي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 7:5
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ پاڻيءَ وانگي پيو هارجان، ۽ منهنجون سڀ هڏيون سنڌن مان نڪري ويون آهن: منهنجي دل ميڻ وانگر منهنجي اندر ۾ پگهري ويئي آهي.


ڀلي تہ اهي وهندڙ پاڻيءَ وانگر هليو وڃن: جڏهن هو تير هڻڻ لاءِ ڪمان ڪشي، تڏهن اُهي مردارن وانگر ٿي پون.


تنهن ڪري سڀ هٿ ضعيف ٿيندا، هر ڪنهن ماڻهوءَ جي دل پگهري ويندي؛


۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن هو توکي چوندا تہ تون ڇو ٿو آهون ڪرين؟ تڏهن تون چئج تہ انهي خبر جي ڪري، ڇالاءِ جو اُها اچي ٿي: ۽ سڀ ڪا دل پگهرجي ويندي، ۽ سڀ هٿ ضعيف ٿي ويندا ۽ سڀ ڪو روح ماندو ٿي ويندو، ۽ سڀ گوڏا پاڻيءَ جهڙا نستا ٿي ويندا: خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ ڏس، اُها اچي ٿي ۽ ائين ڪيو ويندو.


۽ جيڪي اوهان مان پنهنجي دشمن جي ملڪ ۾ باقي رهندا، تن جي دلين ۾ آءٌ خوف پيدا ڪندس: ۽ اهي پن اُڏامڻ جي کڙڪي تي بہ ڀڄي ويندا؛ ۽ هو ائين ڀڄندا، جيئن ڪو ترار کان ڀڄي؛ ۽ ڪوبہ سندن پيڇو نہ ڪندو تہ بہ هو ڪري پوندا.


هو خالي، سکڻي، ۽ ويران آهي، هنن جي دل پاڻي ٿي وڃي ٿي ۽ گوڏا پاڻ ۾ پيا ٽهڪن، ۽ چيلهہ چڪي ٿي وڃين، ۽ سڀني جا منهن ڦڪا ٿي ويا آهن.


۽ اموري، جي انهي جبل ۾ رهندا هئا، سي اوهان سان وڙهڻ لاءِ نڪري آيا، ۽ ائين اوهان جي پٺيان پيا جيئن ماکيءَ جون مکيون پونديون آهن، ۽ شعير ۾ اوهان کي ماري، حرمہ تائين ڀڄائي ڪڍيائون.


۽ جنهن وقت اسان اهي ڳالهيون ٻڌيون تنهن وقت اسان جون دليون پگهرجي ويون، ۽ اوهان جي ڊپ کان ڪنهن بہ ماڻهوءَ ۾ وڌيڪ همت ڪانہ رهي: ڇالاءِ جو خداوند اوهان جو خدا مٿي آسمان جو، ۽ هيٺ زمين جو، خدا آهي.


۽ انهن ماڻهن کي چيائين تہ مون کي خبر آهي تہ خداوند هي ملڪ اوهان کي ڏنو آهي، ۽ اوهان جو ڊپ اسان تي غالب ٿيو آهي، ۽ هن ملڪ جا سڀ رهاڪو اوهان جي هيبت کان ساڻا ٿي پيا آهن.


۽ هيئن ٿيو تہ امورين جا سڀ بادشاهہ جي يردن جي الهندي پاسي هئا، ۽ ڪنعانين جا سڀ بادشاهہ جي سمنڊ جي ڪناري سان هئا، تن جڏهن ٻڌو تہ خداوند يردن جو پاڻي بني اسرائيل جي اڳيان سڪائي ڇڏيو آهي، جيستائين ڪ هو پار لنگهي ويا، تڏهن هنن جي دل پگهرجي ويئي، ۽ بني اسرائيل جي ڊپ کان منجهن وڌيڪ همت ڪانہ رهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ