Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 7:3 - Sindhi Bible

3 ۽ انهن موٽي اچي يشوع کي چيو تہ سڀ ماڻهو چڙهي نہ وڃن: پر اٽڪل ٻہ يا ٽي هزار ماڻهو چڙهي وڃن، ۽ عئي کي مارين؛ سڀني ماڻهن کي اوڏانهن موڪلڻ جي تڪليف نہ ڏي، ڇالاءِ جو هو ٿورا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 پوءِ انهن موٽي اچي يشوع کي چيو تہ ”عئي شهر تي حملي ڪرڻ لاءِ سڀني ماڻهن جي وڃڻ جي ضرورت نہ آهي. رڳو ٻہ يا ٽي هزار ماڻهو وڃي اهو شهر هٿ ڪن. سو سڀني ماڻهن کي اوڏانهن وڃڻ جي تڪليف نہ ڏيو، ڇو تہ اتي ٿورا ماڻهو آهن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 7:3
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سست ماڻهو خواهش ڪري ٿو، ۽ حاصل ڪجهہ بہ نٿو ٿئيس: پر محنتي ماڻهوءَ جي جان ٿلهي ٿي ٿئي.


سست ماڻهوءَ جي خواهش کيس ڪهي ٿي؛ ڇالاءِ جو اُن جا هٿ پورهئي ڪرڻ کان انڪار ڪن ٿا.


تڏهن اُنهن کي چيائين تہ سوڙهي دروازي مان گهڙڻ لاءِ دل و جان سان ڪوشش ڪريو: ڇالاءِ جو آئون اوهان کي چوان ٿو تہ گهڻا اندر گهڙڻ جي ڪندا، پر گهڙي ڪين سگهندا.


تنهنڪري اچو تہ اسين انهي آرام ۾ داخل ٿيڻ جو سعيو ڪريون تہ ڪوبہ ماڻهو انهن وانگر نافرماني ڪري گمراهہ نہ ٿئي.


۽ يشوع يريحو مان عئيءَ ڏي ماڻهو موڪليا، جو بيت ايل جي اُڀرندي پاسي بيت آون سان لڳ آهي، ۽ انهن کي چيائين تہ اوهين چڙهي وڃي اُهو ملڪ ڏسو، ۽ انهن ماڻهن وڃي عئي ڏٺو.


انهي ڪري اٽڪل ٽي هزار ماڻهو اوڏي چڙهي ويا: ۽ انهن کي عئي جي ماڻهن ڀڄائي ڪڍيو.


تنهنڪري اي ڀائرو، پنهنجي ڪوٺ ۽ چونڊ جي خاطري ڪرڻ لاءِ زيادہ ڪوشش ڪريو؛ ڇالاءِ تہ جيڪڏهن اوهين ائين ڪندا تہ ڪڏهن بہ گمراهہ نہ ٿيندا.


۽ انهي سبب ڪري اوهين پنهنجي طرفان نهايت ڪوشش ڪري پنهنجي ايمان سان گڏ نيڪي وڌايو، ۽ نيڪيءَ سان علم.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ