Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 7:26 - Sindhi Bible

26 ۽ انهي جي مٿان پٿرن جو هڪڙو وڏو ڍڳ رکي ڇڏيائون، جو اڄ ڏينهن تائين قائم آهي؛ انهيءَ طرح خداوند پنهنجي ڪاوڙ جي سختيءَ کان ڦريو، انهي ڪري انهي هنڌ جو نالو عڪور جي وادي رکيائون، جو اڄ ڏينهن تائين هليو اچي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

26 هنن انهيءَ جي مٿان پٿرن جو هڪڙو وڏو ڍير ڪري ڇڏيو جيڪو اڄ ڏينهن تائين اتي موجود آهي. انهيءَ ڪري اها ماٿري اڄ ڏينهن تائين عڪور جي نالي سان سڏجي ٿي. پوءِ خداوند بني اسرائيل تان پنهنجو غضب هٽايو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 7:26
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هنن ابي سلوم کي کنيو ۽ ٻيلي ۾ هڪڙيءَ وڏيءَ کڏ ۾ اُڇلائي وڌائونس، ۽ مٿانئس پٿرن جو هڪڙو وڏو ڍير ڪري ڇڏيائون: ۽ سڀ اسرائيلي ڀڄي پنهنجي پنهنجي تنبوءَ ڏي ويا.


۽ انهن سائول ۽ سندس پٽ يونتن جا هڏا، ضلع ۾ بنيمين جي ملڪ ۾، ۽ سندس پيءُ قيس جي قبر ۾ دفن ڪيا: ۽ جيڪو بادشاهہ حڪم ڪيو سو هنن بجا آندو. ۽ انهيءَ کان پوءِ ملڪ جي لاءِ خدا دعا ٻڌي.


هاڻي منهنجي دل ۾ آهي تہ خداوند اسرائيل جي خدا سان هڪڙو عهد اقرار ڪريان تہ من سندس ڪاوڙ اسان تان ٽري وڃي.


هاڻي سڄيءَ جماعت لاءِ اسان جا سردار مقرر ٿين، ۽ اسانجن شهرن ۾ جن جن ماڻهن ڌاريون زالون پرڻيون آهن، سي ٺهرايل وقتن تي اچن، ۽ ساڻن گڏ سڀ ڪنهن شهر جا بزرگ ۽ قاضي بہ اچن، جيستائين اسان جي خدا جي ڪاوڙ اسان تان ٽري وڃي، ۽ هي ڪم پورو ٿئي.


اي اسان جي نجات جا خدا، اسان کي بحال ڪر، ۽ پنهنجو ڏمر اسان تان لاهي ڇڏ.


ڇو مصري چون تہ هو کين ڪنهن خرابيءَ جي لاءِ ڪڍي وٺي ويو، تہ اُنهن کي جبلن ۾ ماري وجهي، ۽ کين زمين جي سطح تائين مٽائي ڇڏي؟ تون پنهنجي غصي کي ٽاري ڇڏ، ۽ پنهنجيءَ اُمت تي اها مصيبت آڻڻ جي ارادي کي ڇڏي ڏي.


اوهين يروشلم سان تسلي سان ڳالهايو، ۽ انهي کي پڪاري چئو تہ سندس جنگ پوري ٿي، ۽ سندس بڇڙائيءَ جي معافي ملي آهي؛ انهي کي خداوند جي هٿان سندس سڀني گناهن جو ٻيڻو بدلو مليو آهي.


منهنجي اُمت جنهن مون کي ڳوليو آهي تنهن لاءِ شارون ڌڻ جو واڙو ٿيندو، ۽ عڪور جي وادي ڍورن جي سمهڻ جي جاءِ ٿيندي.


هنن منهنجي حياتي قيد ۾ وڍي ڇڏي آهي، ۽ مون تي پٿر رکي ڇڏيو اٿن.


۽ انهي کان پوءِ آءٌ هن کي سندس ڊاک جا منهہ ڏيندس، ۽ عڪور جي وادي اُميد جو در ڪري ڏيندس: ۽ هوءَ پنهنجي جوانيءَ جي ڏينهن وانگر اُتي جواب ڏيندي، ۽ اُنهي ڏينهن وانگر جڏهن هوءَ مصر جي زمين مان نڪري آئي هئي.


ڇالاءِ جو آءٌ هن جي وات مان بعليم جا نالا ڪڍي وٺندس، ۽ هو وري اڳتي انهن نالن سان نہ سڏيا ويندا.


۽ پنهنجي ڪپڙن کي نہ، بلڪ پنهنجي دل کي ڦاڙيو، ۽ خداوند پنهنجي خدا ڏي ڦرو: ڇالاءِ جو هو مهربان ۽ رحم ڀريو آهي، ۽ ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ڍرو آهي؛ وٽس گهڻي رحمت آهي، ۽ هو غضب ڪرڻ کان ڦري ٿو.


تڏهن خداوند کي پنهنجي ملڪ جي لاءِ غيرت آئي، ۽ پنهنجي قوم تي رحم ڪيائين.


تڏهن هنن يوناہ کي کڻي سمنڊ ۾ اُڇلائي وڌو: ۽ سمنڊ جو زور شور بس ٿي ويو.


تڏهن هن مون کي پڪاري چيو تہ ڏس، اهي جيڪي اُتر واري ملڪ ڏانهن وڃن ٿا تن منهنجي روح کي اُتر واري ملڪ ۾ آرام ڏنو آهي.


۽ انهي اسرائيلي ماڻهوءَ جي پٺيان تنبوءَ ۾ وڃي انهن ٻنهي، يعني انهي اسرائيلي مرد، ۽ انهيءَ زال جو پيٽ ونڌي ڇڏيائين. انهيءَ طرح بني اسرائيل مان طاعون بند ٿيو.


۽ انهيءَ برباديءَ لاءِ مقرر ٿيل شين منجهان ڪجهہ بہ تنهنجي هٿ ۾ نہ رهي، تہ خداوند پنهنجيءَ خوفناڪ ڪاوڙ کان مُڙي، ۽ توتي رحم ڪري، ۽ توتي مهربان ٿئي، ۽ جيئن هن تنهنجي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو آهي، تيئن هو توکي وڌائي.


اهو تڏهن ٿيندو، جڏهن تون پنهنجي خدا جو آواز ٻڌندين، ۽ جيڪي حڪم آءٌ اڄوڪي ڏينهن توکي ٻڌايان ٿو، تن تي عمل ڪندين، ۽ جيڪي خداوند تنهنجي خدا جي نظر ۾ چڱو آهي سو ڪندو رهندين.


۽ سج لهڻ مهل هيئن ٿيو جو يشوع جي حڪم تي هنن انهن کي وڻن تان لاٿو، ۽ جنهن غار ۾ هو لڪا هئا، تنهن غار ۾ اُڇلائي ڇڏيائون، ۽ ڪي وڏا پٿر غار جي منهن تي آڻي وڌائون، جي اڄ ڏينهن تائين اُتي پيا آهن.


۽ يشوع، ۽ ساڻس گڏ سڀني اسرائيلين، زارح جي پٽ عڪن کي پڪڙيو، ۽ اُها چاندي، ۽ پوشاڪ، ۽ سوني ڇپر، ۽ سندس پٽ، ۽ سندس ڌيون، ۽ سندس ڏاند، ۽ سندس گڏهہ، ۽ سندس رڍون، ۽ سندس تنبو، ۽ ٻيو جيڪي وٽس هو، سو هٿ ڪيائون: ۽ انهن کي عڪور جي واديءَ ۾ آندائون.


۽ عئي جي بادشاهہ کي هن وڻ تي ڦاسي ڏني، ۽ هو شام تائين اُتي لٽڪيو پيو هو: ۽ جنهن وقت سج لٿو، تنهن وقت يشوع حڪم ڏنو تہ انهي جو لاش وڻ تان هيٺ لاهين، ۽ شهر جي اندر اچڻ واري دروازي وٽ اُڇلائي ڇڏين، ۽ انهي جي مٿان پٿرن جو هڪڙو وڏو ڍير رکي ڇڏين، ۽ اهو اڄ ڏينهن تائين اُتي موجود آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ