Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 7:24 - Sindhi Bible

24 ۽ يشوع، ۽ ساڻس گڏ سڀني اسرائيلين، زارح جي پٽ عڪن کي پڪڙيو، ۽ اُها چاندي، ۽ پوشاڪ، ۽ سوني ڇپر، ۽ سندس پٽ، ۽ سندس ڌيون، ۽ سندس ڏاند، ۽ سندس گڏهہ، ۽ سندس رڍون، ۽ سندس تنبو، ۽ ٻيو جيڪي وٽس هو، سو هٿ ڪيائون: ۽ انهن کي عڪور جي واديءَ ۾ آندائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

24 پوءِ يشوع ۽ بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن زارح جي گھراڻي واري عڪن کي کڻي سوگھو ڪيو ۽ اها چاندي، پوشاڪ، سوني سر، عڪن جا پٽ، ڌيئر، ڍور ڍڳا، گڏهہ، رڍون، سندس تنبو ۽ ٻيو جيڪي بہ وٽس هو سو هٿ ڪيو ۽ انهن کي هڪ ماٿريءَ ۾ آندائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 7:24
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

شل توکان ائين نہ ٿئي، جو بدڪارن سان گڏ راستبازن کي بہ برباد ڪرين، ۽ راستباز بدڪارن جهڙا ليکجن. ساريءَ دنيا جو منصف انصاف ڪين ڪندو ڇا؟


هو دولت ڳهي ويو آهي ۽ اها هو وري اُلٽي ڪري ڪڍندو: اها خدا هن جي پيٽ مان ڪڍي ڇڏيندو.


تون انهن جي اڳيان سجدو نہ ڪر، نڪي انهن جي عبادت ڪر: ڇالاءِ جو آءٌ خداوند تنهنجو خدا غيرت وارو خدا آهيان، ۽ ابن ڏاڏن جي براين جي سزا، جيڪي مون سان عداوت رکندا آهن، تن جي پٽن کي ۽ انهن جي ٽينءَ ۽ چوٿينءَ پيڙهيءَ کي ڏيندو آهيان؛


جنهن کي نفعي جي لالچ ٿي رهي سو خود پنهنجي گهر کي تڪليف ۾ وجهي ٿو: پر جيڪو رشوت کي ڌڪاري ٿو سو جيئرو رهندو.


هڪڙي وڏي خرابي آهي جا مون سج هيٺان ڏٺي آهي، يعني دولت، جيڪا ان جو مالڪ پنهنجي نقصان لاءِ رکي ٿو.


منهنجي اُمت جنهن مون کي ڳوليو آهي تنهن لاءِ شارون ڌڻ جو واڙو ٿيندو، ۽ عڪور جي وادي ڍورن جي سمهڻ جي جاءِ ٿيندي.


۽ انهي کان پوءِ آءٌ هن کي سندس ڊاک جا منهہ ڏيندس، ۽ عڪور جي وادي اُميد جو در ڪري ڏيندس: ۽ هوءَ پنهنجي جوانيءَ جي ڏينهن وانگر اُتي جواب ڏيندي، ۽ اُنهي ڏينهن وانگر جڏهن هوءَ مصر جي زمين مان نڪري آئي هئي.


تنهن کان پوءِ اُها سرحد عڪور جي واديءَ مان نڪري دبير ڏانهن چڙهي ويئي، جتان وري اُتر ڏي جلجال جي رخ تي هلي، يعني ادميم جي چاڙهيءَ جي سامهون، جا نديءَ جي ڏکڻ پاسي آهي: پوءِ اُها سرحد لنگهي عين شمس جي پاڻيءَ ڏي ويئي، جو عين راجل وٽ وڃي ٿو نڪري:


زارح جي پٽ عڪن وقف ڪيل شيءِ جي نسبت ۾ گناهہ ڪيو هو، جنهنڪري اسرائيل جي ساري جماعت تي غضب نازل نہ ٿيو ڇا؟ ۽ اُهو ماڻهو پنهنجي گناهہ جي ڪري اڪيلو ناس نہ ٿيو.


۽ اوهين هر طرح پاڻ کي لعنت ڪيل شيءِ کان روڪجو، تہ متان اوهين پاڻ کي لعنت ڪيل شيءِ کڻڻ سان لعنتي ڪريو، ۽ اسرائيل جي منزلگاهہ کي لعنتي ڪريو، ۽ انهيءَ کي تڪليف ۾ وجهو.


۽ جيڪي بہ شهر ۾ هو، يعني مرد توڙي زالون، ننڍا توڙي وڏا، ڏاند، رڍون، ۽ گڏهہ، تن سڀني کي ترار جي ڌار سان صفا ناس ڪري ڇڏيائون.


بني اسرائيل لعنت ٿيل شين جي نسبت ۾ هڪڙو قصور ڪيو: ڇالاءِ جو يهوداهہ جي فرقي واري عڪن، بن ڪرمي، بن زبدي، بن زارح، انهن لعنت ڪيل شين مان ڪا کنئي: ۽ انهي ڪري خداوند جي ڪاوڙ بني اسرائيل تي ڀڙڪي.


۽ هنن تنبوءَ جي وچ مان اُهي شيون هٿ ڪيون، ۽ يشوع وٽ سڀني اسرائيلين جي سامهون کڻي آيا؛ ۽ خداوند جي اڳيان آڻي رکيائون.


۽ انهي جي مٿان پٿرن جو هڪڙو وڏو ڍڳ رکي ڇڏيائون، جو اڄ ڏينهن تائين قائم آهي؛ انهيءَ طرح خداوند پنهنجي ڪاوڙ جي سختيءَ کان ڦريو، انهي ڪري انهي هنڌ جو نالو عڪور جي وادي رکيائون، جو اڄ ڏينهن تائين هليو اچي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ