Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 7:21 - Sindhi Bible

21 جڏهن لٽ جي مال ۾ مون هڪڙي سهڻي بابل جي پوشاڪ، ۽ ٻہ سؤ چانديءَ جا شيڪل، ۽ پنجاهن شيڪلن جي تور جي هڪڙي سوني ڇپر ڏٺي، ۽ انهن جي مون کي لالچ ٿي، تڏهن اُهي شيون مون کنيون؛ ۽ ڏس، اُهي منهنجي تنبوءَ ۾ زمين جي هيٺان لڪل آهن، ۽ چاندي انهن جي هيٺان آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 لُٽ جي مال ۾ مون بابل ملڪ جي هڪڙي سهڻي پوشاڪ، اٽڪل ٻہ ڪلوگرام چاندي ۽ تقريباً اڌ ڪلو تور جي هڪ سوني سر ڏٺي. مون کي انهن جي لالچ ٿي، سو مون اهي کڻي ورتيون. هاڻي اهي منهنجي تنبوءَ ۾ زمين اندر پوريل آهن، چاندي سڀني جي هيٺان آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 7:21
35 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن جي بادشاهت جي شروعات سنعار ملڪ جي بابل، ارڪ، اڪاد ۽ ڪلنہ مان ٿي.


جڏهن زال ڏٺو تہ هن وڻ جو ميوو کائڻ لاءِ چڱو، ڏسڻ ۾ سهڻو، ۽ سمجهہ ڏيڻ لاءِ سٺو آهي، تڏهن اهو ميوو ڇني پاڻ بہ کاڌائين، ۽ پنهنجي مڙس کي بہ ڏنائين، ۽ هن بہ کاڌو.


يعقوب جي پٽن، انهن کي قتل ڪرڻ کان پوءِ سندن شهر بہ ڦريو: ڇالاءِ جو انهن سندن ڀيڻ جي آبرو ورتي هئي.


تڏهن خدا جي پٽن ماڻهن جي ڌيئرن کي ڏٺو تہ اهي سهڻيون آهن، ۽ انهن مان جنهن کي جيڪا وڻي، سا هن پنهنجي زال ڪئي.


۽ شام جي وقت هيئن ٿيو تہ دائود پنهنجي هنڌ تان اُٿيو، ۽ بادشاهي محلات جي ڇت تي ٽهلڻ لڳو: ۽ ڇت تان هڪڙي زال کي وهنجندي ڏٺائين؛ ۽ اها زال ڏاڍي خوبصورت هئي.


۽ جڏهن اهي ڪوڙهيا لشڪرگاهہ جي ٻاهرئين حصي وٽ آيا، تڏهن هڪڙي تنبوءَ ۾ گهڙي ويا ۽ اُتي وڃي کاڌائون پيتائون، ۽ اُتان چاندي، ۽ سون، ۽ ڪپڙا کڻي وڃي لڪايائون؛ پوءِ وري آيا ۽ ٻئي تنبوءَ ۾ گهڙيا، ۽ اُتان بہ اهي شيون کڻي وڃي لڪايائون.


مون پنهنجن اکين سان عهد اقرار ڪيو؛ تڏهن ڪيئن آءٌ ڪنهن ڪنواري ڇوڪريءَ ڏي نهاريان؟


منهنجين اکين کي اجاين شين تان ڦيراءِ؛ ۽ مون کي پنهنجيءَ واٽ ۾ جيار.


تون پنهنجي پاڙيسريءَ جي گهر جي لالچ نہ ڪر؛ تون پنهنجي پاڙيسريءَ جي زال يا سندس غلام، يا سندس ٻانهيءَ، يا سندس ڍڳي، يا سندس گڏهہ جي لالچ نہ ڪر؛ مطلب تہ پنهنجي پاڙيسريءَ جي ڪنهن بہ شيءِ جي لالچ نہ ڪر.


جيڪو ماڻهو نفعي جي لالچ ٿو رکي تنهنجا رستا اهڙا ئي آهن؛ اهو سندس ئي ساهہ ٿو ڪڍي.


جڏهن شراب ڳاڙهو آهي تڏهن اُن ڏانهن نہ نهار، يا جڏهن اُهو پيالي ۾ پنهنجو رنگ ظاهر ڪري ٿو، ۽ جڏهن اهو لسو ڳسيو وڃي ٿو:


جنهن جي نظر بري آهي سو دولت جي پٺيان تڪڙو ٿي پوي ٿو ۽ اهو سماءُ نٿو پويس تہ ڪنگالپڻ مٿس ڪاهي اچي پوندي.


ڏاڍي ڪوشش سان دل جي سنڀال رک؛ ڇالاءِ جو حياتيءَ جا نتيجا انهيءَ مان ٿا نڪرن.


ڇالاءِ جو اوهان چيو آهي تہ اسان موت سان عهد اقرار ڪيو آهي، ۽ دوزخ سان اسان جو انجام آهي؛ جڏهن سزا جي اُٿل ٿيندي، تڏهن اها اسان ڏانهن نہ ايندي؛ ڇالاءِ جو اسان ڪوڙ کي پنهنجي پناهہ ڪيو آهي، ۽ دغا هيٺ اسان پاڻ کي لڪايو آهي:


انهن تي افسوس آهي، جي پنهنجي مشورت خداوند کان لڪائڻ جي ڪوشش ٿا ڪن، ۽ جن جا ڪم اونداهيءَ ۾ ٿا ٿين، ۽ چون ٿا تہ ڪير اسان کي ڏسي ٿو؟ ڪير اسان کي سڃاڻي ٿو؟


انهي تي افسوس جو پنهنجي گهر لاءِ ناحق فائدو حاصل ٿو ڪري، انهيءَ لاءِ تہ پنهنجو آکيرو مٿي رکي، تہ خرابيءَ کان بچي رهي!


۽ هن چين تہ سنڀالجو، ۽ پاڻ کي هر طرح جي لالچ کان بچائيندا رهجو، ڇالاءِ جو ماڻهوءَ جي حياتيءَ جو مدار سندس ججهي مال متاع تي نہ آهي.


پر ڪابہ اهڙي شيءِ ڪانهي جا ڍڪيل آهي ۽ پڌري نہ ٿيندي، ۽ ڳجهي آهي ۽ کولي نہ ويندي.


پر جيئن ڪ پاڪ ٿيلن کي مناسب آهي، زناڪاريءَ ۽ هر قسم جي ناپاڪيءَ، يا لالچ جو نالو بہ اوهان ۾ هئڻ نہ کپي.


پڪ ڄاڻو تہ ڪوبہ زناڪار، يا ناپاڪ، يا لالچي ماڻهو جو بُت پرست جي برابر آهي، تنهن جو مسيح ۽ خدا جي بادشاهت ۾ ڪوبہ ورثو ڪونهي.


اوهين انهن جي معبودن جي اُڪريل مورتن کي باهہ سان ساڙي ڇڏجو: ۽ جيڪا چاندي يا سون انهن تي هجي، تنهن جي تون لالچ نہ ڪج، نڪي اهي پنهنجي لاءِ کڻج، متان تون انهن ۾ ڦاسي پوين: ڇالاءِ جو اها ڳالهہ خداوند تنهنجي خدا جي نظر ۾ ڪراهت جهڙي آهي:


تنهنڪري اوهان جا عضوا جي زمين تي آهن، تن کي ماري ڇڏيو، يعني زناڪاري، ناپاڪي، شهوت، خراب خواهش، ۽ لالچ جا بُت پرستي آهي؛


پيسي جي پيار کان اوهين آزاد رهو؛ جيڪي اوهان وٽ آهي تنهن تي راضي رهو: ڇالاءِ جو هن پاڻ چيو آهي تہ ”آئون توکي ڪنهن بہ طرح ڇڏي ڪين ڏيندس، نڪي آئون ڪڏهن توکي وساريندس.“


پوءِ اها خواهش حاملہ ٿي گناهہ ٿي ڄڻي: ۽ جڏهن اهو گناهہ وڌي وڏو ٿو ٿئي، تڏهن موت ٿو آڻي.


تڏهن عڪن يشوع کي ورندي ڏيئي چيو، تہ بيشڪ مون خداوند اسرائيل جي خدا جو گناهہ ڪيو آهي، ۽ مون هيئن ڪيو تہ،


تڏهن يشوع قاصد موڪليا جي انهيءَ تنبوءَ ۾ ڊوڙي ويا؛ ۽ اُهي شيون هن جي تنبوءَ ۾ لڪل هيون، ۽ چاندي انهن جي هيٺان هئي.


اهي سنئون رستو ڇڏي گمراهہ ٿي پيا آهن، ۽ بعور جي پٽ بلعام جي پيروي ٿا ڪن، جنهن کي گناهہ جو اُجورو پسند هو؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ