Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 7:20 - Sindhi Bible

20 تڏهن عڪن يشوع کي ورندي ڏيئي چيو، تہ بيشڪ مون خداوند اسرائيل جي خدا جو گناهہ ڪيو آهي، ۽ مون هيئن ڪيو تہ،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 تڏهن عڪن يشوع کي ورندي ڏيئي چيو تہ ”بيشڪ مون خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو گناهہ ڪيو آهي. مون هيئن ڪيو هو جو

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 7:20
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هو پاڻ ۾ چوڻ لڳا تہ سچ اسين پنهنجي ڀاءُ جي بابت ڏوهاري آهيون؛ ڇالاءِ تہ جڏهن هن اسان کي نيزاريون ٿي ڪيون، تڏهن اسان هن جي جيءَ جو ڏک ڏسي بہ سندس ڳالهہ قبول نہ ڪئي. تنهنڪري اسان تي هيءَ مصيبت آئي آهي.


هو ماڻهن جي اڳيان ڳائي ٿو ۽ چوي ٿو، تہ مون گناهہ ڪيو آهي، ۽ جيڪي سنئون هو تنهن کي ڏنگو ڪيو اٿم، ۽ انهيءَ مان مون کي ڪوبہ فائدو حاصل نہ ٿيو:


مون گناهہ ڪيو آهي، تہ اي ماڻهن جا سنڀاليندڙ، آءٌ توکي ڇا ڪريان؟ ڇو تو مون کي پنهنجي لاءِ هڪڙو نشان ٺهرايو آهي. جنهن ڪري آءٌ پاڻ تي بار ٿي پيو آهيان؟


ڇالاءِ جو آءٌ پنهنجي بڇڙائي ظاهر ڪندس؛ ۽ پنهنجي گناهہ ڪري پشيمان ٿيندس.


تڏهن فرعون جلدي موسيٰ ۽ هارون کي گهرايو، ۽ کين چيائين تہ آءٌ خداوند اوهان جي خدا جو، ۽ اوهان جو گنهگار آهيان.


تڏهن فرعون ماڻهو موڪلي موسيٰ ۽ هارون کي گهرايو، ۽ چيائين تہ هن ڀيري مون برابر گناهہ ڪيو آهي؛ خداوند راستباز آهي، ۽ آءٌ ۽ منهنجا ماڻهو گنهگار آهيون.


تڏهن بلعام خداوند جي فرشتي کي چيو، تہ مون گناهہ ڪيو آهي؛ ڇالاءِ جو مون کي خبر ڪانہ هئي تہ تون منهنجيءَ مخالفت ۾ رستي تي بيٺو آهين: سو هاڻي، جيڪڏهن تون خوش نہ هجين تہ آءٌ موٽي ويندس.


بلڪ هي عطر ڳچ پئسن تي وڪڻي غريبن کي ڏجي ها.


۽ چوڻ لڳو، تہ مون گناهہ ڪيو آهي، جو بي ڏوهيءَ کي جهلايو اٿم. پر هنن چيس تہ انهي ۾ اسان جو ڇا؟ تون ڄاڻ، تنهنجو ڪم ڄاڻي.


۽ يشوع عڪن کي چيو تہ اي پٽ، آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان تہ خداوند اسرائيل جي خدا جي وڏائي بيان ڪر، ۽ سندس اڳيان قبولدار ٿيءُ؛ ۽ جيڪي تو ڪيو آهي سو مون کي ٻڌاءِ؛ اهو مون کان نہ لڪاءِ.


جڏهن لٽ جي مال ۾ مون هڪڙي سهڻي بابل جي پوشاڪ، ۽ ٻہ سؤ چانديءَ جا شيڪل، ۽ پنجاهن شيڪلن جي تور جي هڪڙي سوني ڇپر ڏٺي، ۽ انهن جي مون کي لالچ ٿي، تڏهن اُهي شيون مون کنيون؛ ۽ ڏس، اُهي منهنجي تنبوءَ ۾ زمين جي هيٺان لڪل آهن، ۽ چاندي انهن جي هيٺان آهي.


۽ سائول سموئيل کي چيو تہ مون گناهہ ڪيو آهي: ڇالاءِ جو مون خداوند جي حڪم کان، ۽ تنهنجي چوڻ کان ٻاهر وک وڌي آهي: ڇالاءِ جو آءٌ ماڻهن کان ڊنس، ۽ انهن جي ڳالهہ مڃيم.


تڏهن هن چيو تہ مون گناهہ ڪيو آهي: انهي هوندي بہ آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ منهنجي قوم جي بزرگن جي اڳيان، ۽ اسرائيل جي اڳيان، منهنجي آبرو رک؛ ۽ مون سان گڏجي موٽي هل تہ آءٌ خداوند، تنهنجي خدا کي سجدو ڪريان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ