Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 7:19 - Sindhi Bible

19 ۽ يشوع عڪن کي چيو تہ اي پٽ، آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان تہ خداوند اسرائيل جي خدا جي وڏائي بيان ڪر، ۽ سندس اڳيان قبولدار ٿيءُ؛ ۽ جيڪي تو ڪيو آهي سو مون کي ٻڌاءِ؛ اهو مون کان نہ لڪاءِ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 تڏهن يشوع عڪن کي چيو تہ ”اي پٽ! خداوند، بني اسرائيل جي خدا جي وڏائي بيان ڪر ۽ سندس اڳيان قبولدار ٿيءُ. جيڪي تو ڪيو آهي سو مون کي ٻڌاءِ، اهو مون کان نہ لڪاءِ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 7:19
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن چيو تہ هنن تنهنجي گهر ۾ ڇا ڏٺو آهي؟ حزقياہ ورندي ڏني تہ جيڪي بہ منهنجي گهر ۾ آهي سو سڀ هنن ڏٺو آهي: منهنجن خزانن ۾ اهڙي ڪابہ شيءِ ڪانهي جا مون هنن کي نہ ڏيکاري آهي.


۽ اهي سڀيئي لاوي جي خداوند جي عبادت ۾ ماهر هئا، تن سان حزقياہ دلاسو ڏيئي ڳالهايو. تن عيد جا ست ئي ڏينهن کاڄ کاڌا، ۽ سلامتيءَ جون قربانيون چاڙهيائون، ۽ خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جا شڪرانا بجا آندائون.


مون تو وٽ پنهنجا گناهہ باسيا، ۽ مون پنهنجي برائي ڪين لڪائي: مون چيو تہ آءٌ خداوند وٽ پنهنجن گناهن جو اقرار ڪندس؛ ۽ تو منهنجن گناهن جي برائي معاف ڪئي.


ڇو جو آءٌ پنهنجا ڏوهہ باسيان ٿو: ۽ منهنجا گناهہ هميشہ منهنجي سامهون آهن.


جيڪو پنهنجا قصور لڪائي ٿو سو سکيو نہ گذاريندو، پر جيڪو اُهي قبول ڪندو ۽ ڇڏيندو تنهن کي رحم حاصل ٿيندو.


آءٌ ماڻهوءَ کي عمدي سون کان بلڪ انسان کي اوفير جي خالص سون کان بہ وڌيڪ ڪامياب ڪندس.


خداوند پنهنجي خدا کي جلال ڏيو انهيءَ کان اڳي تہ هو اونداهي ڪري ۽ اوهان جا پير اوندهہ وارن جبلن تي آٿڙن؛ ۽ جڏهن اوهين روشنائيءَ لاءِ منتظر رهو تڏهن هو انهي کي ڦيرائي موت جو پاڇو ڪري، ۽ ڀڀ اونداهي ڪري وجهي.


۽ مون خداوند پنهنجي خدا اڳيان دعا ڪئي، ۽ ڏوهہ قبول ڪيم، ۽ چيم تہ اي خداوند، وڏا ۽ هيبت وارا خدا، جو انهن سان عهد اقرار قائم رکين ٿو، ۽ انهن تي ڪرم ڪرين ٿو، جي توکي پيار ٿا ڪن، ۽ تنهنجن حڪمن جي سنڀال ٿا ڪن؛


ڇا، هن ڌارئي بنا ڪوبہ ڪونہ موٽيو، جو اچي خدا جي تعريف ڪري؟


تڏهن اُهو شخص جو اڳي انڌو هو، تنهن کي ٻيهر سڏي چيائون، تہ خدا جي وڏائي ڪر: اسان کي خبر آهي تہ اهو ماڻهو گنهگار آهي.


ڇالاءِ جو راستبازيءَ لاءِ ماڻهو دل سان ايمان ٿو آڻي، ۽ نجات جي واسطي وات سان اقرار ٿو ڪري.


۽ جيڪي مخالف آهن تن کي حلم سان سمجهائي، شايد خدا انهن کي توبهہ جي توفيق بخشي تہ هو سچ کي سڃاڻن،


يعني تہ پير مرد پرهيزگار، سنجيدا ۽ سالم دل هجن، ۽ اهي ايمان ۽ محبت ۽ صبر ۾ قائم هجن.


ڇالاءِ جو انسان جي ڪاوڙ مان اهڙا ڪم ٿي نٿا سگهن، جي خدا جي راستبازيءَ موجب آهن.


تڏهن عڪن يشوع کي ورندي ڏيئي چيو، تہ بيشڪ مون خداوند اسرائيل جي خدا جو گناهہ ڪيو آهي، ۽ مون هيئن ڪيو تہ،


۽ هو ڏاڍا سڙي ويا؛ ۽ خدا، جنهن کي انهن آفتن تي اختيار آهي، تنهن جي نالي تي ڪفر بڪڻ لڳا، ۽ توبهہ ڪري سندس تمجيد ظاهر نہ ڪيائون.


تڏهن سائول يونتن کي چيو تہ مون کي ٻڌاءِ تہ تو ڇا ڪيو آهي، ۽ يونتن چيس تہ جيڪا لٺ منهنجي هٿ ۾ هئي تنهن جي ڇيڙي سان مون بيشڪ ماکيءَ جو ذرو چکيو؛ ۽ ڏس، هاڻي ضرور مون کي مرڻو پوندو.


تنهنڪري اوهين پنهنجن ڳوڙهين جون، ۽ پنهنجن ڪوئن جون شڪليون جوڙيو، جي ملڪ کي خراب ٿيون ڪن؛ ۽ اوهين اسرائيل جي خدا جو جلال ظاهر ڪريو: تہ من هو اوهان تي، ۽ اوهان جي معبودن تي، ۽ اوهان جي ملڪ تي پنهنجو هٿ هلڪو ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ