Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 7:15 - Sindhi Bible

15 ۽ جيڪو ماڻهو انهي لعنت ڪيل شيءِ سان پڪڙيو ويندو، سو جيڪي وٽس هوندو تنهن سميت باهہ سان ساڙيو ويندو: ڇالاءِ جو هن خداوند جو عهد اقرار ڀڳو آهي، ۽ ڇالاءِ جو هن اسرائيل ۾ گناهہ جو ڪم ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 جيڪو ماڻهو انهن مخصوص ڪيل شين جي چوريءَ ۾ پڪڙيو ويندو سو ۽ سندس ڪٽنب ۽ سندن سمورو سامان باهہ ۾ ساڙيو ويندو، ڇاڪاڻ تہ هن مون خداوند جو عهد ٽوڙيو آهي ۽ بني اسرائيل ۾ شرمناڪ ڪم ڪيو اٿائين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 7:15
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ يعقوب جا پٽ بہ اها ڳالهہ ٻڌي جهنگ مان موٽي آيا: اهي تمام رنج ٿيا ۽ ڏاڍي ڪاوڙ آين؛ ڇالاءِ جو هن يعقوب جي ڌيءَ سان سمهڻ ڪري اسرائيل ۾ بي عزتي جو ڪم ڪيو هو، جو بلڪل بي واجب هو.


پوءِ آءٌ پنهنجي خواري کڻي ڪيڏي وينديس؟ ۽ تون اسرائيلين ۾ بي عقلن مان هڪڙو شمار ۾ ايندين. تنهنڪري هاڻي آءٌ منٿ ٿي ڪريان تہ انهيءَ بابت بادشاهہ کي چئُہ؛ ڇالاءِ جو هو مون کي توکان ڪين روڪيندو.


اسرائيل گناهہ ڪيو آهي؛ ۽ جيڪو عهد اقرار مون هنن سان ڪيو هو سو بہ ڀڳو اٿن: ڇالاءِ جو هنن لعنت ڪيل شين مان بہ ڪا کنئي آهي، ۽ چوري، ٺڳي بہ ڪئي اٿن: ۽ اُها شيءِ کڻي پنهنجي سامان ۾ رکي اٿن.


انهيءَ موجب يشوع صبح جو سوير اُٿيو، ۽ اسرائيل کي سندن فرقن موجب وٺي آيو؛ ۽ يهوداهہ جو فرقو پڪڙيو ويو:


۽ اسين اسرائيل جي سڀني فرقن مان، هر ڪنهن سؤ مان ڏهہ ماڻهو وٺنداسين، ۽ هر ڪنهن هزار مان هڪ سؤ، ۽ ڏهن هزارن مان هڪ هزار وٺنداسين، تہ قوم لاءِ کاڌو آڻين، ۽ جڏهن بنيمين واري جبعہ ۾ اچن تڏهن جيڪو احمق پڻو هنن اسرائيل ۾ ڪيو آهي، انهيءَ موجب هنن سان ڪن.


جبعہ جا ماڻهو مون تي ڪاهي آيا، ۽ رات جو گهر جي چوڌاري مون کي وڪوڙي ويا؛ هنن منهنجي مارڻ جو خيال ڪيو، ۽ منهنجي سريت سان هنن زور زبردستي ڪئي، ۽ هوءَ مري ويئي.


۽ پوءِ مون پنهنجي سريت کي وڍي ٽڪر ٽڪر ڪيو، ۽ اُهي اسرائيل جي سڄي موروثي ملڪ ۾ موڪلي ڏنم: ڇالاءِ جو هنن اسرائيل ۾ برائي ۽ احمق پڻو ڪيو آهي.


تڏهن سائول چيو تہ مون گناهہ ڪيو آهي: اي منهنجا پٽ دائود، تون موٽي اچ: ڇالاءِ جو آءٌ توکي اڳتي نقصان ڪونہ رسائيندس، جو اڄ منهنجي حياتي تنهنجي نظر ۾ قيمتي هئي: ڏس، مون بيوَقوفي ڪئي آهي، ۽ ڏاڍي غلطي ڪئي اٿم.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ