Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 7:12 - Sindhi Bible

12 تنهنڪري بني اسرائيل پنهنجي دشمنن جي اڳيان بيهي نہ ٿا سگهن، ۽ انهن جي اڳيان پٺ ٿا ورائين، ڇالاءِ جو اُهي لعنتي ٿيا آهن. جيستائين ڪ اوهين پاڻ منجهان انهي لعنتي شيءِ کي ناس ڪري نہ ڇڏيندا، تيستائين آءٌ وري اوهان سان نہ ٿيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 انهيءَ ڪري ئي بني اسرائيل پنهنجي دشمنن جي اڳيان بيهي نہ ٿا سگھن. هو انهن کي پٺي ڏيئي ڀڄي وڃن ٿا، ڇاڪاڻ تہ هنن پاڻ کي تباهيءَ جي لائق بڻايو آهي. هاڻ جيستائين اوهين پاڻ منجھان انهن مخصوص شين کي ناس نہ ڪندا جيڪي ناس ڪرڻيون آهن، تيستائين آءٌ اوهان سان نہ هوندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 7:12
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تون اسان کي دشمنن جي اڳيان ڀڄائي ٿو ڇڏين: ۽ جيڪي اسان سان دشمني ٿا رکن سي اسان کي پنهنجي لاءِ پيا لٽين.


اي خدا تو اسان کي ڇڏي نہ ڏنو آهي ڇا؟ اي خدا تون اسان جي لشڪرن سان نٿو هلين.


شرير ڀڄندا آهن، جڏهن ڪوبہ سندن پٺيان نٿو پوي، پر سچا شينهن وانگي بهادر آهن.


پر اوهانجين بدڪارين اوهان ۽ اوهان جي خدا جي وچ ۾ جدائي ڪئي آهي، ۽ اوهان جي گناهن هن جو منهن اوهان کان لڪايو جنهن ڪري هو نٿو ٻڌي.


۽ جيڪڏهن اها قوم، يا اُهو نبي، يا ڪو ڪاهن تو کان پڇي ۽ چوي تہ خداوند جو ڪلام ڪهڙو آهي؟ تہ تون انهن کي چئج تہ ڪهڙو ڪلام؟ خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ اوهان کي اُڇلائي ڇڏيندس.


اي يروشلم، تون ڪي سمجهہ، متان منهنجو روح تو کان ڇڄي ڌار ٿئي؛ متان آءٌ توکي ويران ڪري ڇڏيان، ۽ اهڙي زمين ڪريان جنهن ۾ ڪوبہ ڪونہ رهي.


جيتوڻيڪ هو پنهنجا ٻار پالي وڏا ڪندا، تہ بہ آءٌ اُهي ماري ڇڏيندس، تہ ڪوبہ ماڻهو نہ بچي: جڏهن آءٌ هنن وٽان ويندس تڏهن بہ هنن جي لاءِ ويل ٿيندو.


تنهنجون اکيون اهڙيون پاڪ آهن جو بڇڙائيءَ کي ڏسي نٿو سگهين، ۽ شرارت ڏي نهاري نٿو سگهين، سو ڪهڙي سبب هنن تي نظر ٿو ڪرين جي دغابازيءَ جي هلت ٿا ڪن؛ ۽ جڏهن شرير، پاڻ کان وڌيڪ سچي ماڻهو کي ڳهي وڃي ٿو، تڏهن ڇو ماٺ ڪري ويهي ٿو رهين؛


سو موسيٰ اهي سڀ ڳالهيون بني اسرائيل کي ٻڌايون، ۽ اهي ماڻهو ڏاڍا غمگين ٿيا؛


خداوند اوهان منجهہ ڪونهي، تنهنڪري اوهين مٿي نہ وڃو، متان اوهين پنهنجن دشمنن جي اڳيان مارجي وڃو.


ڇالاءِ جو اتي عماليقي ۽ ڪنعاني اوهان جي سامهون آهن، ۽ اوهين ترار سان مارجي ويندا: اوهين خداوند جي پيروي ڪرڻ کان ڦري ويا آهيو، انهي ڪري خداوند اوهان جو ساڻي نہ ٿيندو.


پوءِ عماليقي ۽ ڪنعاني جي انهيءَ جبل تي رهندا هئا، سي هيٺ لهي آيا، ۽ حرمہ تائين انهن کي ماريندا آيا.


۽ تون ڪابہ مڪروهہ شيءِ پنهنجي گهر ۾ نہ آڻج، نہ تہ تون بہ انهيءَ وانگر برباديءَ جي لائق ٿيندين: تون انهن کي بلڪل ڌڪارج، ۽ انهن کان نفرت ڪج؛ ڇالاءِ جو اها برباديءَ جي لائق آهي.


۽ اوهين هر طرح پاڻ کي لعنت ڪيل شيءِ کان روڪجو، تہ متان اوهين پاڻ کي لعنت ڪيل شيءِ کڻڻ سان لعنتي ڪريو، ۽ اسرائيل جي منزلگاهہ کي لعنتي ڪريو، ۽ انهيءَ کي تڪليف ۾ وجهو.


۽ هن کي چيائين تہ اي سمسون، فلستي توتي اچي پيا آهن. ۽ هو ننڊ مان جاڳيو ۽ چوڻ لڳو تہ آءٌ ٻين وقتن وانگر ٻاهر ويندس ۽ پاڻ کي لوڏيندس، پر هن کي اها خبر نہ هئي تہ خداوند هن وٽان هليو ويو آهي.


تنهن تي خداوند جي ڪاوڙ اسرائيل تي ڀڙڪي ۽ هن انهن کي ڦرلٽ ڪرڻ وارن جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو، جن هنن کي ڦري لٽي ڇڏيو، ۽ انهن کي آس پاس وارن دشمنن وٽ وڪڻي ڇڏيائين، جنهنڪري هو وري پنهنجي دشمنن جي سامهون بيهي ڪين سگهيا.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن خداوند جي فرشتي بني اسرائيل کي اهي ڳالهيون ٻڌايون، تڏهن ماڻهو وڏي سڏ دانهون ڪري روئڻ لڳا.


۽ سائول چيو تہ اي سردارو، اوهين سڀ رڙهي هتي ويجها اچو: ۽ ڄاڻو ۽ ڏسو تہ اڄوڪي ڏينهن ڪهڙي ڳالهہ ۾ اهو گناهہ ٿيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ