Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 6:9 - Sindhi Bible

9 ۽ قرنائيون وڄائيندڙ ڪاهن قرنائيون وڄائيندا هليا، ۽ سندن اڳيان هٿياربند ماڻهو هئا، ۽ جيڪي پٺيان هئا سي صندوق جي پٺيان لڳا آيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 هٿياربند ماڻهو نفيلون وڄائيندڙ ڪاهنن جي اڳيان ٿي هليا ۽ باقي ماڻهو صندوق جي پٺيان لڳا آيا. اهو سمورو وقت نفيلون لڳاتار وڄنديون رهيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 6:9
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن تنهنجو سوجهرو صبح وانگي ڦٽندو، ۽ تون جلد صحت حاصل ڪندين: ۽ تنهنجي راستبازي تنهنجي اڳيان هلندي؛ ۽ خداوند جو جلال تنهنجي پٺ جي سنڀال ڪندو.


پوءِ دان جي منزلگاهہ، جا سڀني منزلگاهن جي پٺيان هئي، تنهن جو جهنڊو سندن لشڪرن موجب اڳتي هليو، ۽ عميشديءَ جو پٽ اخيعزر پنهنجي انهي لشڪر جو سردار هو.


۽ يشوع ماڻهن کي حڪم ڏيئي چيو تہ اوهين رڙيون نہ ڪجو، ۽ نہ وڏي سڏ ڳالهائجو، نڪي اوهان جي واتان ڪو آواز نڪري، جيستائين ڪ آءٌ اوهان کي رڙيون ڪرڻ لاءِ نہ چوان؛ پوءِ ڀلي رڙيون ڪجو.


۽ ست ڪاهن گهٽن جي سڱن جون ست قرنائيون کڻي خداوند جي صندوق جي اڳيان هلندا هليا، ۽ قرنائيون وڄائيندا هليا: ۽ هٿياربند ماڻهو انهن جي اڳيان هئا؛ پر ٻيا جيڪي پوئتي هئا سي خداوند جي صندوق جي پٺيان پئي آيا، ۽ ڪاهن قرنائيون وڄائيندا اڳتي هلندا هليا.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن يشوع ماڻهن کي ائين چيو تڏهن ست ڪاهن گهٽن جي سڱن جون ست قرنائيون کڻي خداوند جي اڳيان هليا، ۽ قرنائيون وڄايائون: ۽ خداوند جي عهدنامي جي صندوق انهن جي پٺيان هلي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ