Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 6:5 - Sindhi Bible

5 ۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن هو گهٽي جي سڱ سان هڪڙو ڊگهو آواز ڪن، ۽ اوهين اُهو قرناءِ جو آواز ٻڌو، تڏهن سڀ ماڻهو ڏاڍي زور سان رڙيون ڪن؛ ۽ شهر جي ڀت هيٺ ڪري پوندي، پوءِ سڀڪو ماڻهو پنهنجي سامهون سڌو چڙهندو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 پوءِ هو نفيلن سان هڪڙو ڊگھو آواز ڪن. جيئن ئي اوهين اهو ٻڌو تيئن سڀ هڪ وڏو واڪو ڪجو، تہ شهر جو ڪوٽ اتي ئي ڪري پوندو. پوءِ هر ڪو ڄڻو پنهنجي نڪ سامهون شهر ۾ ڪاهي پوي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 6:5
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن تريءَ جو آواز درجي بدرجي وڌندو ويو، تڏهن موسيٰ ڳالهايو، ۽ خداوند کيس هڪڙي آواز سان جواب ڏنو.


۽ هو ڀتين جي مٿانهين ڪوٽ جي ٺلهہ کي هيٺ پٽ تي ڪيرائيندو بلڪ مٽيءَ سان ملائي ڇڏيندو.


۽ وڏي قتلام جي ڏينهن، جڏهن ٺلهہ ڪري پوندا، تڏهن سڀ ڪنهن مٿانهين جبل تي ۽ سڀ ڪنهن مٿانهين ٽڪريءَ تي پاڻيءَ جون نديون ۽ چشما وهندا.


انهي جي چوڌاري مٿس هڪلون ڪريو؛ هوءَ اچي پيش پئي آهي؛ انهي جا ڪوٽ ڪنگرا ڪري پيا آهن، انهي جون ڀتيون ڊاٺيون ويون آهن: ڇالاءِ جو خداوند انهي کان وير ورتو آهي؛ اوهين بہ انهي کان وير وٺو؛ جيئن هن پاڻ ڪيو آهي تيئن اوهين بہ ساڻس ڪريو.


ايمان ئي جي ڪري يريحو جون ديوارون جڏهن ست ڏينهن انهن جي چوڌاري ڦيرا ڏنائون، تڏهن ڪِري پيون.


۽ هيئن ٿيو جو ستين ڀيري جڏهن ڪاهنن قرنائون وڄايون تڏهن يشوع ماڻهن کي چيو تہ رڙيون ڪريو؛ ڇالاءِ جو خداوند اوهان کي هي شهر ڏنو آهي.


تڏهن ماڻهن رڙيون ڪيون ۽ ڪاهنن قرنائيون وڄايون: ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن ماڻهن قرنائين جو آواز ٻڌو، ۽ وڏي سڏ رڙيون ڪيائون، تڏهن ڀت هيٺ ڪري پيئي، ۽ ماڻهو چڙهي شهر ۾ ويا، سڀڪو سڌو پنهنجي سامهون ويو، ۽ هنن شهر وٺي هٿ ڪيو.


۽ ست ڪاهن صندوق جي اڳيان گهٽن جي سڱن جون ست قرنائيون کڻن، ۽ ستين ڏينهن اوهين شهر کي ست ڦيرا ڏجو، ۽ ڪاهن اُهي قرنائيون وڄائين.


تڏهن يشوع بن نون، ڪاهنن کي سڏي چيو تہ عهدنامي جي صندوق کڻو، ۽ ست ڪاهن گهٽن جي سڱن جون ست قرنائيون خداوند جي صندوق جي اڳيان کڻي هلن.


۽ انهن لڪي ويٺل ماڻهن جلدي ڪري جبعہ تي حملو ڪيو؛ ۽ اهي لڪي ويٺل نڪري ٻاهر ٿيا، ۽ سڄي شهر کي ترار جي ڌار سان ماريائون.


۽ دائود صبح جو سوير اُٿيو ۽ رڍون هڪڙي نگهبان جي حوالي ڪري، جيئن يسيءَ حڪم ڏنو هوس تيئن اُهي شيون کڻي هليو ويو؛ ۽ هو گاڏين جي جاءِ تي پهتو، ۽ انهي مهل جيڪو جيڪو لشڪر وڙهڻ لاءِ ٿي ويو، تنهن جنگ جي لاءِ نعرو ٿي هنيو.


۽ اسرائيل جا، ۽ يهوداہ جا ماڻهو اُٿيا، ۽ نعرا هڻي فلستين جي پٺيان پيا، ۽ گئيءَ تائين، ۽ عقرون جي دروازن تائين هنن کي ڀڄائيندا ويا. ۽ فلستين مان جيڪي ڦٽجي پيا سي شعريم جي راهہ ۾، جات ۽ عقرون تائين پئي ڪِريا.


۽ جڏهن خداوند جي عهدنامي جي صندوق لشڪرگاهہ ۾ آئي، تڏهن سڀني اسرائيلين اهڙي وڏي آواز سان رڙيون ڪيون جو زمين مان پڙلاءُ نڪرڻ لڳو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ