Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 6:26 - Sindhi Bible

26 ۽ يشوع انهي وقت قسم ڏيئي چيو، تہ جيڪو ماڻهو اُٿي هي شهر يريحو وري ٻڌندو، سو خداوند جي اڳيان لعنتي ٿيندو؛ ۽ انهيءَ جي بنياد لاءِ پنهنجي پهرين ڄاول ٻار جي قرباني ڏيڻي پونديس، ۽ انهي جا دروازا پنهنجي سڀ کان ننڍي پٽ جي موت تي اڏيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

26 يشوع انهيءَ وقت قسم کڻي خبردار ڪيو تہ ”جيڪو ماڻهو هن شهر يريحو کي وري اڏڻ جي ڪوشش ڪندو، سو خداوند جي لعنت هيٺ ايندو. جيڪو انهيءَ جو بنياد وجھندو، سو وڏي پٽ تان هٿ کڻندو. جيڪو انهيءَ جا در اڏيندو، سو ننڍڙي پٽ تان هٿ کڻندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 6:26
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن جي ڏينهن ۾ حي ايل بيت ايليءَ يريحو اڏايو: هن پنهنجي پهريتي پٽ ابرام تي اُنهيءَ جو بنياد وڌو، ۽ پنهنجي سڀ کان ننڍي پٽ سجوب تي اُنهيءَ جا در بيهاريائين؛ جيئن ڪ خداوند يشوع بن نون جي معرفت ڪلام ڪيو هو.


۽ بادشاهہ اُنهيءَ کي چيو تہ ڪيترا ڀيرا آءٌ توکي قسم ڏيندس تہ خداوند جي نالي تي سچ کانسواءِ مون کي ٻيو ڪي بہ ڪين چوين؟


۽ ايلياہ هن کي چيو تہ اي اليشع، ڀلائي ڪري هتي ترس؛ ڇالاءِ جو خداوند مون کي يريحو ڏي موڪليو آهي. ۽ هن چيو تہ خداوند جيئري جو قسم آهي، ۽ تنهنجيءَ جان جو قسم آهي تہ آءٌ توکي نہ ڇڏيندس. تڏهن هو يريحو ۾ آيا.


هاڻي جيڪڏهن ادوم چوي تہ اسين سُڃا ٿي ويا آهيون، پر وري موٽي اچي ويران جڳهن کي اڏينداسين؛ تہ لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪڏهن هو اڏيندا تہ بہ آءٌ ڊاهي ڇڏيندس: ۽ ماڻهو انهن کي شرارت جي حد سڏيندا، يعني اُها قوم جنهن تي خداوند هميشہ غضبناڪ آهي.


پر يسوع ماٺ ڪري بيهي رهيو، ۽ سردار ڪاهن چيس تہ آئون توکي زندہ خدا جو قسم ٿو ڏيان، تہ تون اسان کي ٻڌاءِ تہ تون خدا جو فرزند مسيح آهين ڇا؟


پر ڪي رولو يهودي، جي ڀوپا هئا، تن هي رستو ورتو، تہ جن ۾ ڀوت هجن، تن کي خداوند يسوع جو نالو وٺي هيئن چون، تہ ”يسوع، جنهن جي منادي پولس ٿو ڪري، تنهن جي نالي جي آئون توکي ڊوهي ٿو ڏيان.“


۽ ينوحاہ کان هيٺ لهي عطاراٿ ۽ نعراٿہ ڏانهن وڃي يريحو تائين آئي، ۽ پوءِ نڪري يردن تائين ويئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ