Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 6:25 - Sindhi Bible

25 پر يشوع راحب ڪسبياڻيءَ ۽ سندس پيءُ جي ڪٽنب کي، ۽ جيڪي وٽس هو، تنهن سميت جيئرو ڇڏي ڏنو؛ ۽ اُها اڄ ڏينهن تائين اسرائيل ۾ رهندي اچي؛ ڇالاءِ جو جيڪي قاصد يريحو ڏسڻ لاءِ جاسوس ڪري موڪليا ويا هئا، تن کي هن لڪايو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

25 پر يشوع راحب ڪسبياڻيءَ، انهيءَ جي پيءُ جي گھراڻي ۽ جيڪي مٽ مائٽ وٽس هئا تن سڀني کي جيئرو ڇڏي ڏنو، ڇاڪاڻ تہ جيڪي ماڻهو يشوع يريحو شهر جي جاسوسيءَ لاءِ موڪليا هئا تن کي هن پاڻ وٽ لڪايو هو. انهيءَ راحب ڪسبياڻيءَ جو نسل اڄ ڏينهن تائين بني اسرائيل ۾ رهندو اچي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 6:25
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ سلمون مان راحاب جي پيٽان بوعز پيدا ٿيو: ۽ بوعز مان روٿ جي پيٽان عوبيد پيدا ٿيو: ۽ عوبيد مان يشي پيدا ٿيو:


۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪو خدا جو نالو وٺندو، تنهن کي نجات ملندي.“


ايمان ئي جي ڪري راحب ڪسبياڻي نافرمانن سان گڏ برباد نہ ٿي، ڇالاءِ جو هن جاسوسن کي پاڻ وٽ صحيح سلامت رکيو.


ساڳيءَ طرح راحب ڪسبياڻي بہ عمل جي ڪري سچار نہ ٺهري ڇا، جو هن قاصدن کي پاڻ وٽ ٽڪايو ۽ ٻئي رستي اُماڻي ڇڏيائينِ؟


پوءِ يشوع بن نون، شطيم ڏانهن ٻہ ماڻهو موڪليا تہ ڳجهيءَ طرح جاسوسي ڪري اچن، ۽ چيائين تہ اوهين وڃي اهو ملڪ يعني يريحو ڏسي اچو. تڏهن هو ويا ۽ هڪڙي ڪسبياڻيءَ جي گهر وڃي ٽڪيا، جنهن جو نالو راحب هو.


ڏسج، تہ جڏهن اسين هن ملڪ ۾ اچون تڏهن جنهن دريءَ مان تو اسان کي هيٺ لاٿو آهي تنهن ۾ تون هيءُ کهنبي سٽ جو ڌاڳو ٻڌي ڇڏج: ۽ پنهنجي پيءُ، ۽ پنهنجي ماءُ، ۽ پنهنجن ڀائرن، ۽ پنهنجي پيءُ جي سڄي گهراڻي کي پنهنجي گهر ۾ آڻي گڏ ڪج.


تڏهن انهيءَ زال انهن ٻنهي ماڻهن کي وٺي لڪائي ڇڏيو، ۽ چوڻ لڳي تہ مون وٽ ماڻهو آيا تہ هئا پر خبر ڪانهي تہ ڪٿان جا هئا:


پوءِ هوءَ انهن کي گهر جي ڇت تي چاڙهي وٺي ويئي، ۽ سڻيءَ جون ڪاٺيون جي هن ٺاهي جوڙي رکيون هيون، تن ۾ وڃي لڪايائين.


۽ يشوع ٻارهن پٿر يردن جي وچ ۾ انهيءَ هنڌ کوڙي ڇڏيا، جتي عهدنامي جي صندوق جي کڻڻ وارن ڪاهنن جا پير بيٺا هئا: ۽ اُهي اڄ ڏينهن تائين اُتي آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ