Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 6:24 - Sindhi Bible

24 پوءِ هنن انهي شهر کي، جيڪي منجهس هو تنهن سميت باهہ سان ساڙي ڇڏيو: فقط روپو، ۽ سون، ۽ پتل، ۽ لوهہ جا ٿانوَ هنن خدا جي گهر جي خزاني ۾ آندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

24 پوءِ هنن انهيءَ شهر کي ۽ جيڪي منجھس هو تنهن سميت باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏيو. فقط چاندي، سون ۽ اهي ٿانوَ جيڪي پتل ۽ لوهہ منجھان ٺهيل هئا سي خداوند جي گھر جي خزاني ۾ جمع ڪيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 6:24
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن اها ڳالهہ دائود کي وڃي ٻڌايائون تڏهن هن انهن کي گڏجڻ لاءِ ماڻهو موڪليا؛ ڇالاءِ جو اهي ماڻهو ڏاڍا شرمندا هئا. ۽ بادشاهہ چيو تہ اوهين يريحو ۾ ترسي پئو، جيسين ڪ اوهان جون ڏاڙهيون وڌن، پوءِ موٽي اچجو.


۽ انهيءَ خداوند جو گهر ۽ بادشاهہ جو گهر ساڙي ڇڏيو؛ ۽ يروشلم جا سڀ گهر، يعني سڀ وڏا گهر، باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏيا.


اهي بہ بادشاهہ دائود انهيءَ چانديءَ ۽ سون سان گڏ خداوند لاءِ وقف ڪيا جي هن ادوم، ۽ موآب، ۽ بني عمون، ۽ بني فلستين، ۽ بني عماليق، يعني سڀني قومن مان هٿ ڪيا هئا.


۽ انهن جا سڀ شهر جن ۾ هو رهندا هئا، ۽ انهن جون سڀ ڇانوڻيون ساڙي ڇڏيائون.


۽ تون انهي جو سمورو لٽ جو مال انهي جي چونڪ ۾ گڏ ڪج، ۽ شهر کي لٽ جي سموري مال سميت، خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ باهہ سان ساڙي ڇڏج: اهو هميشہ جي لاءِ هڪڙو ڍڳ رهندو؛ ۽ اهو شهر وري نہ ٻڌبو.


۽ انهيءَ برباديءَ لاءِ مقرر ٿيل شين منجهان ڪجهہ بہ تنهنجي هٿ ۾ نہ رهي، تہ خداوند پنهنجيءَ خوفناڪ ڪاوڙ کان مُڙي، ۽ توتي رحم ڪري، ۽ توتي مهربان ٿئي، ۽ جيئن هن تنهنجي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو آهي، تيئن هو توکي وڌائي.


پر هنن قومن جا شهر، جي خداوند تنهنجو خدا توکي ورثي طور ٿو ڏئي، تن ۾ ڪوبہ ساهوارو جيئرو نہ ڇڏج:


۽ جيڪي ماڻهو انهيءَ ۾ هئا تن سڀني کي ترار جي ڌار سان ماري صفا ناس ڪري ڇڏيائون: هڪڙو بہ جيئرو نہ ڇڏيائون: ۽ هن حصور کي باهہ سان ساڙي ڇڏيو.


پر سڀ روپو، سون، ۽ پتل ۽ لوهہ جا ٿانوَ، خداوند جي لاءِ خاص طرح پاڪ ٿيل آهن: اُهي خداوند جي خزاني ۾ ايندا.


پر يشوع راحب ڪسبياڻيءَ ۽ سندس پيءُ جي ڪٽنب کي، ۽ جيڪي وٽس هو، تنهن سميت جيئرو ڇڏي ڏنو؛ ۽ اُها اڄ ڏينهن تائين اسرائيل ۾ رهندي اچي؛ ڇالاءِ جو جيڪي قاصد يريحو ڏسڻ لاءِ جاسوس ڪري موڪليا ويا هئا، تن کي هن لڪايو هو.


۽ يشوع عئي کي ساڙي هميشہ جي لاءِ ڍير ڪري ڇڏيو، ۽ اُهو اڄ ڏينهن تائين ويران آهي.


۽ جي ڏهہ سڱ تو ڏٺا سي، ۽ اهو جانور، انهيءَ ڪسبياڻيءَ کي ڌڪاريندا ۽ کيس برباد ۽ اُگهاڙو ڪندا، ۽ سندس گوشت کائي ويندا، ۽ کيس پوريءَ طرح باهہ ۾ ساڙي ڇڏيندا.


تنهنڪري هن جون آفتون هڪڙي ئي ڏينهن ۾ اينديون، يعني موت ۽ ماتم، ۽ ڏڪار؛ ۽ هوءَ باهہ سان ساڙي چٽ ڪئي ويندي؛ ڇالاءِ تہ خداوند خدا، جنهن هن جي عدالت ڪئي سو قادر آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ