Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 6:23 - Sindhi Bible

23 ۽ اُهي جوان ماڻهو، جي جاسوس هئا، سي اندر وڃي راحب ۽ سندس پيءُ، ۽ سندس ماءُ، ۽ سندس ڀائرن کي، ۽ جيڪي وٽس هو تنهن سميت کيس ٻاهر وٺي آيا؛ ۽ هنن اُنهي جا سڀ مائٽ آڻي اسرائيل جي منزلگاهہ جي ٻاهر ويهاريا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 سو اُهي جوان ماڻهو جن جاسوسي ڪئي هئي سي اندر ويا ۽ راحب کي سندس پيءُ، ماءُ، ڀائرن کي ۽ جيڪي وٽس رهيل هئا، تن سڀني کي ٻاهر ڪڍي آيا. هنن انهيءَ جا سڀ مٽ مائٽ آڻي بني اسرائيل جي خيمي‌گاهہ جي ٻاهر ويهاريا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 6:23
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ تو مان هڪڙي وڏي قوم پيدا ڪندس، توکي برڪت ڏيندس، تنهنجو نالو سرفراز ڪندس ۽ تون برڪت جو سبب ٿيندين.


شايد پنجاهہ راستباز ماڻهو انهيءَ شهر ۾ هجن، پوءِ بہ تون اهو شهر برباد ڪندين ۽ انهن پنجاهہ راستبازن جي ڪري، هن کي ڇڏي ڪين ڏيندين؟


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن خدا انهيءَ ميدان جي شهرن کي برباد ڪيو، تڏهن خدا ابرهام جي يادگيري ڪئي ۽ جن شهرن ۾ لوط رهندو هو، تن کي برباد ڪرڻ وقت لوط کي انهيءَ آفت کان بچائي ورتائين.


۽ اوهين ست ڏينهن منزلگاهہ کان ٻاهر رهو: اوهان مان جنهن، ڪنهن ماڻهوءَ کي ماريو هجي، يا جنهن، ڪنهن مئل ماڻهوءَ کي هٿ لاتو هجي، سو پاڻ کي، ۽ پنهنجن قيدين کي، ٽئين ڏينهن ۽ ستين ڏينهن پاڪ ڪري.


تڏهن اُنهن کي چيائين تہ خود اوهان کي خبر آهي تہ ڪنهن بہ يهوديءَ کي ٻي قوم واري ماڻهوءَ سان سنگت رکڻ يا انهي وٽ لنگهي وڃڻ روا نہ آهي؛ تنهن هوندي بہ خدا مون کي ڏيکاريو آهي تہ آئون ڪنهن کي بہ پليت يا ناپاڪ نہ سڏيان.


۽ چيائين، تہ اي پولس، ڊڄ نہ، تون ضرور قيصر جي اڳيان پيش ٿيندين: ۽ ڏس هي جيڪي جهاز ۾ تو سان گڏ آهن، تن سڀني کي خدا تنهنجي خاطر بچايو آهي.


ڇالاءِ تہ جيڪي ڌاريا آهن تن تي فتويٰ ڏيڻ سان منهنجو ڪهڙو واسطو؟ ائين نہ آهي ڇا تہ اوهين انهن تي فتويٰ ڏيندا جي پنهنجا آهن؟


۽ انهي وقت اوهين مسيح کان ڌار ۽ اسرائيلي جماعت کان خارج هئا، ۽ واعدي جي عهدن کان غير واقف هئا، ۽ دنيا ۾ نااُميد ۽ خدا کان جدا هئا،


ايمان ئي جي ڪري راحب ڪسبياڻي نافرمانن سان گڏ برباد نہ ٿي، ڇالاءِ جو هن جاسوسن کي پاڻ وٽ صحيح سلامت رکيو.


ايمان ئي جي ڪري جيڪي ڳالهيون اڃا ڏسڻ ۾ نہ آيون هيون، تن جي نسبت ۾ خدا نوح کي خبردار ڪيو، ۽ هن خدا جي خوف کان پنهنجي خاندان جي بچاءَ لاءِ هڪڙي ٻيڙي تيار ڪئي؛ ۽ ائين ڪرڻ سان هن جهان کي ڏوهاري ٺهرايو، ۽ پاڻ انهيءَ راستبازيءَ جو وارث ٿيو جا ايمان جي ڪري آهي.


۽ منهنجي پيءُ کي، ۽ منهنجي ماءُ کي، ۽ منهنجي ڀائرن کي، ۽ منهنجين ڀينرن کي جيئرو ڇڏي ڏيندا، ۽ جيڪي وٽن آهي سو بچائيندا، ۽ اسان کي جيئدان ڏيندا.


۽ هن انهن کي چيو تہ اوهين جبل ڏي هليا وڃو، متان اوهان جا پيڇو ڪندڙ اوهان کي اچي پهچن، ۽ اُتي ٽي ڏينهن اوهين پاڻ کي لڪائجو، جيستائين ڪ پيڇو ڪندڙ موٽي اچن: ۽ تنهن کان پوءِ اوهين ڀلي پنهنجو رستو وٺي هليا وڃجو.


ڏسج، تہ جڏهن اسين هن ملڪ ۾ اچون تڏهن جنهن دريءَ مان تو اسان کي هيٺ لاٿو آهي تنهن ۾ تون هيءُ کهنبي سٽ جو ڌاڳو ٻڌي ڇڏج: ۽ پنهنجي پيءُ، ۽ پنهنجي ماءُ، ۽ پنهنجن ڀائرن، ۽ پنهنجي پيءُ جي سڄي گهراڻي کي پنهنجي گهر ۾ آڻي گڏ ڪج.


۽ هن انهن کي شهر ۾ گهڙڻ جو رستو ڏيکاريو، ۽ انهن شهر کي ترار جي ڌار سان ماري ورتو؛ پر انهيءَ ماڻهوءَ کي سندس ڪٽنب سميت ڇڏي ڏنائون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ