Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 6:19 - Sindhi Bible

19 پر سڀ روپو، سون، ۽ پتل ۽ لوهہ جا ٿانوَ، خداوند جي لاءِ خاص طرح پاڪ ٿيل آهن: اُهي خداوند جي خزاني ۾ ايندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 سموري چاندي، سون ۽ اُهي ٿانوَ جيڪي پتل ۽ لوهہ منجھان ٺهيل آهن سي خداوند لاءِ مخصوص آهن. اهي خداوند جي خزاني ۾ جمع ڪيا ويندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 6:19
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهي بہ بادشاهہ دائود انهيءَ چانديءَ ۽ سون سان گڏ خدا لاءِ وقف ڪيا، جيئن هن سڀني فتح ڪيل قومن مان هٿ ڪري وقف ڪيا هئا:


۽ هو خداوند جي گهر جا خزانا، ۽ بادشاهہ جي گهر جا خزانا کڻي ويو؛ بلڪ هو سڀ ڪجهہ کڻي ويو: ۽ جيڪي سون جون سپرون سليمان جوڙايون هيون سي سڀ هو کڻي ويو.


انهيءَ طرح خداوند جي گهر ۾ جيڪو ڪم سليمان ڪرايو سو پورو ٿيو. ۽ سليمان اُهي شيون کڻي آيو جي سندس پيءُ دائود مخصوص ڪيون هيون، يعني چاندي، ۽ سون، ۽ باسڻ، اُهي هن خداوند جي گهر جي خزانن ۾ رکيا.


۽ هن اُتان خداوند جي گهر جا سڀ خزانا ۽ بادشاهہ جي گهر جا سڀ خزانا ڪڍائي ٻاهر ڪيا، ۽ جيڪي سونا باسڻ اسرائيل جي بادشاهہ سليمان خداوند جي هيڪل ۾ جوڙايا هئا، سي وڍائي پرزا پرزا ڪيا، جيئن ڪ خداوند فرمايو هو.


اهي بہ بادشاهہ دائود انهيءَ چانديءَ ۽ سون سان گڏ خداوند لاءِ وقف ڪيا جي هن ادوم، ۽ موآب، ۽ بني عمون، ۽ بني فلستين، ۽ بني عماليق، يعني سڀني قومن مان هٿ ڪيا هئا.


۽ لاوين مان اخياہ خدا جي گهر جي خزانن ۽ مخصوص ڪيل شين جي خزانن جي مٿان هو.


۽ اهو سلوميت ۽ سندس ڀائر انهن سڀني مخصوص ڪيل شين جي خزانن جي مٿان هئا، جي دائود بادشاهہ ۽ اباڻي گهراڻن جي سردارن، هزارن ۽ سوَن جي عملدارن، ۽ لشڪر جي سردارن، مخصوص ڪيون هيون.


جنگين جي فتح ڪيل لٽ مان ڪجهہ مال هنن خداوند جي گهر جي مرمت لاءِ مخصوص ڪيو هو.


۽ اُهي سڀ شيون جي غيب دان سموئيل ۽ سائول بن قيس، ۽ ابنير بن نير، ۽ يوآب بن ضروياہ، مخصوص ڪيون هيون، ۽ ٻيو جيڪي بہ ڪنهن مخصوص ڪيو هو، سو سڀ سلوميت ۽ سندس ڀائرن جي هٿ هيٺ هو.


۽ انهن سڀني شين، يعني خداوند جي گهر جي ورانڊي، ۽ آس پاس جي ڪوٺين، ۽ خداوند جي گهر جي خزانن، ۽ مخصوص ڪيل شين جي خزانن جو نمونو بہ ڏنو، جو هن کي روح جي وسيلي مليو هو:


۽ هن خدا جي گهر ۾ اهي شيون آنديون جي هن جي پيءُ ۽ هن پاڻ وقف ڪيون هيون، يعني چاندي ۽ سون ۽ باسڻ.


۽ هنن نذرانا ۽ ڏهان حصا ۽ وقف ڪيل شيون، امانت سلامت آنديون: ۽ انهن جي مٿان ڪنعنياہ لاوي نظر ڪندڙ هو، ۽ ان جو ڀاءُ سمعي انهي کان پوءِ ٻئي درجي جو هو.


۽ ڪاهن، جو هارون جو پٽ آهي، سو لاوين جي ڏهين حصي اُڳاڙڻ وقت ساڻن حاضر رهندو: ۽ لاوي انهيءَ ڏهين حصي جو ڏهون حصو، اسان جي خدا جي گهر جي ڪوٺين ۾، خزاني جي گهر ۾ آڻيندا.


اُن موجب عبد ملڪ پاڻ سان ماڻهو وٺي بادشاهہ جي گهر خزاني جي جاءِ جي هيٺان ويو، ۽ اُتان هن پراڻا ڦاٽل ڪپڙا، ۽ پراڻيون ڳريل اڳڙيون ڪڍيون، ۽ اُهي رسن سان هيٺ لاهي يرمياہ کي ڏنيون.


پر چوٿين ورهيہ انهن جو سڀ ميوو خداوند جي شڪرگذاريءَ جي لاءِ پاڪ ڪيو ويندو.


اي صيون جي ڌيءَ، اُٿي ڳاهہ: ڇالاءِ جو آءٌ تنهنجي سڱ کي لوهہ وانگر ڪندس ۽ تنهنجي کرن کي پتل، ۽ تون گهڻين قومن کي ڀڃي پرزا پرزا ڪندينءَ، ۽ انهن جو مال خداوند جي نذر ڪندينءَ ۽ انهن جي دولت سڄي زمين جي خداوند جي لاءِ مخصوص ڪندينءَ.


۽ انهن لٽ جو سمورو مال، ۽ سڀ قيدي، انسان توڙي حيوان پاڻ سان کنيا.


۽ هو اهي قيدي، ۽ لٽ جو سمورو مال، موسيٰ ۽ اليعزر ڪاهن ۽ ساريءَ جماعت وٽ، موآب جي ميدان ۾ يريحو جي سامهون يردن جي ڪناري تي کڻي آيا.


پوءِ سون، رُپو، پتل، لوهہ، قلعي، شيهو،


پوءِ سردار ڪاهنن اُهي روپيا کڻي چيو، تہ هنن جو خزاني ۾ رکڻ روا نہ آهي، ڇالاءِ جو اها خون جي قيمت آهي.


پوءِ هو هيڪل جي خزاني جي سامهون ويهي رهيو، ۽ ڏٺائين تہ ڪيئن ماڻهو پئسا خزاني ۾ ٿا وجهن: ۽ ڪيترا جي دولتمند هئا، تن گهڻوئي ڪي اُن ۾ وڌو ٿي.


اسرائيل گناهہ ڪيو آهي؛ ۽ جيڪو عهد اقرار مون هنن سان ڪيو هو سو بہ ڀڳو اٿن: ڇالاءِ جو هنن لعنت ڪيل شين مان بہ ڪا کنئي آهي، ۽ چوري، ٺڳي بہ ڪئي اٿن: ۽ اُها شيءِ کڻي پنهنجي سامان ۾ رکي اٿن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ