Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 6:13 - Sindhi Bible

13 ۽ ست ڪاهن گهٽن جي سڱن جون ست قرنائيون کڻي خداوند جي صندوق جي اڳيان هلندا هليا، ۽ قرنائيون وڄائيندا هليا: ۽ هٿياربند ماڻهو انهن جي اڳيان هئا؛ پر ٻيا جيڪي پوئتي هئا سي خداوند جي صندوق جي پٺيان پئي آيا، ۽ ڪاهن قرنائيون وڄائيندا اڳتي هلندا هليا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 ست ئي ڪاهن نفيلون کڻي خداوند جي صندوق جي اڳيان وڄائيندا هليا. هٿياربند ماڻهو انهن جي اڳيان هئا ۽ باقي ٻيا ماڻهو خداوند جي صندوق جي پٺيان پئي آيا. اهو سمورو وقت نفيلون لڳاتار وڄنديون رهيون

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 6:13
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن خدا لاوين جي مدد ڪئي، جن خداوند جي عهدنامي جي صندوق کنئي هئي، تڏهن هنن ست ڍڳا ۽ ست گهٽا قربان ڪيا.


پوءِ دان جي منزلگاهہ، جا سڀني منزلگاهن جي پٺيان هئي، تنهن جو جهنڊو سندن لشڪرن موجب اڳتي هليو، ۽ عميشديءَ جو پٽ اخيعزر پنهنجي انهي لشڪر جو سردار هو.


پر جيڪو توڙ تائين قائم رهندو سو ئي بچندو.


۽ اسان کي نيڪي ڪرڻ ۾ ٿَڪجڻ نہ کپي، ڇالاءِ تہ جي همت نہ هارينداسين، تہ پوري وقت تي لابارو لاهينداسين.


۽ يشوع صبح جو سوير اُٿيو ۽ ڪاهنن خداوند جي صندوق کنئي.


۽ ٻئي ڏينهن بہ هو هڪڙو ڀيرو شهر کي ڦري آيا، ۽ موٽي منزلگاهہ ۾ اچي لٿا: ڇهہ ڏينهن اهڙيءَ طرح هنن ڪيو.


۽ ست ڪاهن صندوق جي اڳيان گهٽن جي سڱن جون ست قرنائيون کڻن، ۽ ستين ڏينهن اوهين شهر کي ست ڦيرا ڏجو، ۽ ڪاهن اُهي قرنائيون وڄائين.


۽ قرنائيون وڄائيندڙ ڪاهن قرنائيون وڄائيندا هليا، ۽ سندن اڳيان هٿياربند ماڻهو هئا، ۽ جيڪي پٺيان هئا سي صندوق جي پٺيان لڳا آيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ