12 ۽ يشوع صبح جو سوير اُٿيو ۽ ڪاهنن خداوند جي صندوق کنئي.
12 ٻئي ڏينهن يشوع صبح جو سوير اٿيو ۽ ڪاهنن خداوند جي صندوق کنئي.
تڏهن ابرهام صبح جو سوير اٿي پنهنجو گڏهہ پلاڻيو، ۽ قربانيءَ جي ساڙڻ لاءِ ڪاٺيون چيريائين، پوءِ پنهنجا ٻہ نوڪر ۽ پنهنجي پٽ اسحاق کي پاڻ سان وٺي، انهيءَ هنڌ ويو، جنهن جو خدا ڏس ڏنو هوس.
تڏهن لاوي، جي خداوند جي عهد جي صندوق کڻندا هئا، تن کي موسيٰ حڪم ڏيئي چيو، تہ
۽ يشوع صبح جو سوير اُٿيو، ۽ هو، ۽ سڀ بني اسرائيلي شطيم مان روانا ٿيا ۽ يردن وٽ آيا، ۽ پار لنگهڻ کان اڳي اُتي ٽڪي پيا.
انهي طرح خداوند جي صندوق هڪڙو ڀيرو شهر جي چوڌاري ڦري آئي: پوءِ هو منزلگاهہ ۾ آيا، ۽ منزلگاهہ ۾ ٽڪي پيا.
۽ ست ڪاهن گهٽن جي سڱن جون ست قرنائيون کڻي خداوند جي صندوق جي اڳيان هلندا هليا، ۽ قرنائيون وڄائيندا هليا: ۽ هٿياربند ماڻهو انهن جي اڳيان هئا؛ پر ٻيا جيڪي پوئتي هئا سي خداوند جي صندوق جي پٺيان پئي آيا، ۽ ڪاهن قرنائيون وڄائيندا اڳتي هلندا هليا.
۽ بني اسرائيل صبح جو اُٿيا، ۽ جبعہ جي سامهون اچي منزل ڪيائون.