Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 6:10 - Sindhi Bible

10 ۽ يشوع ماڻهن کي حڪم ڏيئي چيو تہ اوهين رڙيون نہ ڪجو، ۽ نہ وڏي سڏ ڳالهائجو، نڪي اوهان جي واتان ڪو آواز نڪري، جيستائين ڪ آءٌ اوهان کي رڙيون ڪرڻ لاءِ نہ چوان؛ پوءِ ڀلي رڙيون ڪجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 يشوع ماڻهن کي حڪم ڏنو تہ ”اوهين واڪا نہ ڪجو ۽ نہ ڏاڍيان ڳالهائجو، مطلب تہ جنهن ڏينهن تائين آءٌ اوهان کي واڪا ڪرڻ لاءِ نہ چوان، تنهن ڏينهن تائين اوهان جي واتان ڪوبہ آواز نہ نڪري. پوءِ اوهين واڪا ڪجو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 6:10
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن ڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ آءٌ صيون ۾ بنياد جي لاءِ هڪڙو پٿر ٿو رکان، اهو آزمايل پٿر، ۽ پڪي بنياد جو قيمتي پٿر آهي: جيڪو ايمان آڻيندو، سو تڪڙ نہ ڪندو.


هو رڙ نہ ڪندو، نڪي هل ڪندو، نڪي هن جو آواز گهٽيءَ ۾ ٻڌڻ ۾ ايندو.


اُهو نہ جهيڙو ڪندو ۽ نہ هُل ڪندو، ۽ نہ بازارن ۾ سندس آواز ڪنهن کي ٻُڌڻ ۾ ايندو.


۽ ڏسو، تہ جنهن جو منهنجي پيءُ انجام ڪيو آهي، سو اوهان تي نازل ڪندس؛ پر جيسين ڪ اوهان کي مٿان طاقت نہ ملي، تيسين شهر ۾ رهجو.


تڏهن چيائين تہ وقت ۽ معيادون، جي ابي پنهنجي وس رکيون آهن، تن کي ڄاڻڻ اوهان جو ڪم ناهي.


انهي طرح خداوند جي صندوق هڪڙو ڀيرو شهر جي چوڌاري ڦري آئي: پوءِ هو منزلگاهہ ۾ آيا، ۽ منزلگاهہ ۾ ٽڪي پيا.


۽ قرنائيون وڄائيندڙ ڪاهن قرنائيون وڄائيندا هليا، ۽ سندن اڳيان هٿياربند ماڻهو هئا، ۽ جيڪي پٺيان هئا سي صندوق جي پٺيان لڳا آيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ