Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 6:1 - Sindhi Bible

1 (هاڻي يريحو بني اسرائيل جي ڪري ڏاڍي پڪيءَ طرح بند ڪيو ويو هو؛ نہ تہ ڪو ٻاهر ويندو هو نہ ڪو اندر ايندو هو).

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 يريحو شهر جا دروازا بني اسرائيل جي خوف سبب وڏي مضبوطيءَ سان بند ڪيا ويا هئا. نہ تہ ڪو شهر کان ٻاهر ٿي آيو ۽ نہ ئي وري ڪو اندر ٿي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 6:1
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن اها ڳالهہ دائود کي وڃي ٻڌايائون تڏهن هن انهن کي گڏجڻ لاءِ ماڻهو موڪليا؛ ڇالاءِ جو اهي ماڻهو ڏاڍا شرمندا هئا. ۽ بادشاهہ چيو تہ اوهين يريحو ۾ ترسي پئو، جيسين ڪ اوهان جون ڏاڙهيون وڌن، پوءِ موٽي اچجو.


۽ اسور جي بادشاهہ هوسيع جو منصوبو معلوم ڪيو: ڇالاءِ جو هن مصر جي بادشاهہ سو ڏانهن ايلچي موڪليا ۽ اسور جي بادشاهہ ڏانهن ڪو نذرانو نہ موڪليائين، جيئن اڳي سال بسال موڪليندو هو: تنهنڪري اسور جي بادشاهہ هن کي قيد ۾ وجهي ٻڌي بند ڪري ڇڏيو.


۽ ايلياہ هن کي چيو تہ اي اليشع، ڀلائي ڪري هتي ترس؛ ڇالاءِ جو خداوند مون کي يريحو ڏي موڪليو آهي. ۽ هن چيو تہ خداوند جيئري جو قسم آهي، ۽ تنهنجيءَ جان جو قسم آهي تہ آءٌ توکي نہ ڇڏيندس. تڏهن هو يريحو ۾ آيا.


جيڪڏهن خداوند پاڻ گهر نہ اڏي، تہ اڏيندڙن جي محنت اجائي آهي: جيڪڏهن خداوند پاڻ شهر جي سنڀال نہ ڪري، تہ چوڪيدار جو جاڳڻ اجايو آهي.


۽ ينوحاہ کان هيٺ لهي عطاراٿ ۽ نعراٿہ ڏانهن وڃي يريحو تائين آئي، ۽ پوءِ نڪري يردن تائين ويئي.


هاڻي بني بنيمين جي فرقي جا شهر سندن قبيلن موجب هي هئا، يريحو، ۽ بيت حجلہ، ۽ عيمق قصيص؛


پوءِ يشوع بن نون، شطيم ڏانهن ٻہ ماڻهو موڪليا تہ ڳجهيءَ طرح جاسوسي ڪري اچن، ۽ چيائين تہ اوهين وڃي اهو ملڪ يعني يريحو ڏسي اچو. تڏهن هو ويا ۽ هڪڙي ڪسبياڻيءَ جي گهر وڃي ٽڪيا، جنهن جو نالو راحب هو.


۽ هنن يشوع کي چيو تہ بيشڪ خداوند اهو سڄو ملڪ اسان جي حوالي ڪيو آهي؛ ۽ تنهن کان سواءِ ملڪ جا سڀيئي رهاڪو اسان جي اڳيان هيسجي ويا آهن.


۽ هو ماڻهو انهن جي پٺيان پيا، ۽ يردن جي گهير تائين ويا: جيئن اُهي نڪتا تيئن هنن شهر جو دروازو بند ڪري ڇڏيو.


۽ خداوند جي لشڪر جي سردار يشوع کي چيو، تہ پنهنجي پير مان جتي لاهہ؛ ڇالاءِ جو جنهن جاءِ تي تون بيٺو آهين سا پاڪ آهي. ۽ يشوع ائين ئي ڪيو.


۽ خداوند يشوع کي چيو تہ ڏس، مون يريحو، ۽ انهي جو بادشاهہ، ۽ زور وارا بهادر مرد، سڀ تنهنجي هٿ ۾ ڏنا آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ