Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 5:9 - Sindhi Bible

9 ۽ خداوند يشوع کي فرمايو تہ اڄوڪي ڏينهن مون مصر وارو طعنو اوهان تان لاهي ڇڏيو، جنهن ڪري انهيءَ هنڌ جو نالو اڄ ڏينهن تائين جلجال سڏبو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 پوءِ خداوند يشوع کي چيو تہ ”اڄ مون مصر جي غلاميءَ واري ملامت اوهان تان لاهي ڇڏي آهي.“ اهو ئي سبب آهي جو اڄ ڏينهن تائين انهيءَ هنڌ کي جِلجال جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 5:9
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو هنن کي چيائون تہ اسان کان اهو ڪم ٿي ڪين سگهندو، جو پنهنجي ڀيڻ هڪڙي اڻ طهريل ماڻهوءَ کي ڏيون، اهو اسان تي مهڻو ٿيندو:


تڏهن بادشاهہ موٽيو ۽ يردن وٽ آيو. ۽ يهوداہ جلجال تائين آيا، انهيءَ لاءِ تہ بادشاهہ جو استقبال ڪري هن کي يردن جي پار وٺي وڃن.


۽ بيت جلجال مان، ۽ جبع، ۽ عزماوت جي ٻنين مان بہ: ڇالاءِ جو ڳائڻ وارن يروشلم جي آس پاس پنهنجا ڳوٺ ٻڌا هئا.


جنهن طعني کان آءٌ ڊڄان ٿو سو مون تان ٽاري ڇڏ؛ ڇو جو تنهنجا فيصلا چڱا آهن.


خداوند ٿو فرمائي، تہ ڏس، اُهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن آءٌ طهريلن کي اڻ طهريلن وانگر، يعني سڀني کي سزا ڏيندس.


انهن مصر ۾ زناڪاري جا ڪم ڪيا؛ بلڪ انهن جوانيءَ جي ڏينهن ۾ زناڪاريءَ جا ڪم ڪيا؛ اُتي هنن جون ڇاتيون مليون ويون، ۽ اُتي هنن جي ڪنوارپڻ جا ڏُڪ نپوڙيا ويا.


هن مصر جي ڏينهن کان وٺي اڃا پنهنجون زناڪاريون نہ ڇڏيون آهن؛ ڇالاءِ جو هو سندس جوانيءَ ۾ ساڻس گڏ سمهيا، ۽ سندس ڪنوارپڻ وارا ڏُڪ نپوڙيا هئائون. ۽ هنن ساڻس خوب زنا ڪئي.


جيتوڻيڪ، اي اسرائيل تون ڪڃري ٿي گذاريندينءَ، تہ بہ يهوداہ ڏوهاري نہ ٿئي؛ ۽ اوهين جلجال ۾ نہ اچجو، نڪي بيت اون ڏانهن چڙهي وڃجو، نڪي چئجو تہ جيئري خداوند جو قسم آهي.


جنهن شخص لعنت ڪئي آهي، تنهن کي ڪڍي منزلگاهہ کان ٻاهر آڻ؛ ۽ جن جن اها ٻڌي آهي، سي سڀيئي پنهنجا هٿ انهي جي مٿي تي رکن، ۽ ساري جماعت انهي کي سنگسار ڪري.


پر بيت ايل کي نہ ڳوليو، نڪي جلجال ۾ وڃو، نڪي بيرسبع ڏي لنگهي وڃو؛ ڇالاءِ جو يقين آهي تہ جلجال قيد ٿي ويندو ۽ بيت ايل نابود ٿي ويندو.


اي منهنجي قوم، هاڻي ياد ڪر تہ موآب جي بادشاهہ ڪهڙي صلاح پڇي، ۽ بلعام بن بعور هن کي ڪهڙو جواب ڏنو؛ شتيم کان وٺي جلجال تائين ياد ڪريو، تہ اوهان کي خداوند جي سچن ڪمن جي خبر پوي.


مون موآب جي خواري ڏٺي آهي، ۽ بني عمون جا طعنا، جن سان هنن منهنجي قوم کي مهڻا ٿي ڏنا، ۽ انهن جي سرحدن ۾ پاڻ کي وڌايو اٿن.


تنهنڪري هاڻي خداوند جو خوف رکو، ۽ سچي نيت ۽ صداقت سان انهي جي عبادت ڪريو؛ ۽ نديءَ جي هن ڀر، ۽ مصر ۾، جن معبودن جي اوهان جا ابا ڏاڏا عبادت ڪندا هئا، تن کي ڇڏي ڏيو؛ ۽ خداوند جي عبادت ڪريو.


۽ اهي ماڻهو پهرين مهيني جي ڏهين تاريخ يردن مان نڪري آيا، ۽ يريحو جي اُڀرندي واري سرحد تي جلجال ۾ منزل ڪيائون.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هنن سڀني ماڻهن کي طهرايو، ۽ جيستائين ڪ هو سڀ ڇٽي چڱا ڀلا ٿيا، تيستائين هو منزلگاهہ ۾ پنهنجين جاين تي رهي پيا هئا.


۽ يونتن پنهنجي زرهہ بردار جوان کي چيو تہ اچ تہ هنن اڻ طهريلن جي فوج ۾ هلون: من خداوند اسان جي لاءِ ڪم ڪري: ڇالاءِ جو ڇڏائڻ جي لاءِ خداوند کي گهڻن يا ٿورن جي ڪابہ رڪاوٽ ڪانهي


۽ دائود جي آس پاس جيڪي ماڻهو بيٺا هئا تن کي هن چيو تہ جيڪو ماڻهو هن فلستيءَ کي ماري، ۽ اسرائيل تان اهو داغ دور ڪندو تنهن سان ڇا ڪيو ويندو؟ ڇالاءِ جو هي اڻطهريل فلستي ڪير آهي جو جيئري خدا جي لشڪرن کي اچي ٿو هاڪاري؟


تنهنجي ٻانهي شينهن کي ۽ رڇ کي بہ ماريو: ۽ هي اڻ طهريل فلستي بہ اُنهن مان هڪڙو ٿيندو، ڇالاءِ جو هن جيئري خدا جي لشڪرن کي اچي هاڪاريو آهي.


۽ هو سال بسال گشت ڪندو بيت ايل، ۽ جلجال، ۽ مصفاہ ڏي ويندو هو؛ ۽ انهن سڀني جڳهن تي هو اسرائيل جي عدالت ڪندو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ