Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 5:6 - Sindhi Bible

6 ڇالاءِ جو بني اسرائيل چاليهہ ورهيہ بيابان ۾ پئي رليا، جيستائين ڪ سڄي قوم، يعني سڀ جنگي مرد جي مصر مان نڪتا هئا، سي مري کپي ويا، ڇو جو هنن خداوند جو حڪم نہ مڃيو: ۽ انهن سان خداوند قسم کنيو هو، تہ جنهن ملڪ جي کين ڏيڻ جو خداوند انهن جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو، ۽ جنهن ملڪ ۾ کير ۽ ماکي پيئي وهي، سا هنن کي نہ ڏيکاريندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 بني اسرائيل چاليهن سالن تائين بيابان ۾ پئي رليا ۽ انهيءَ عرصي دوران اهي سڀ جنگي مرد جيڪي مصر مان نڪتا هئا سي مري کپي ويا، ڇو تہ هنن خداوند جي نافرماني ڪئي هئي. خداوند بہ ساڻن قسم کنيو تہ جنهن ملڪ جي ڏيڻ جو هن سندن ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو ۽ جيڪو آسودو ۽ خوشحال ملڪ آهي سو کين ڏسڻ بہ ڪين ڏيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 5:6
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهي رڻ پٽ جي رستي تي بيابان ۾ پئي رُليا، ۽ ڪوبہ شهر رهڻ لاءِ نٿي ملين.


۽ مون چيو آهي تہ اوهان کي مصر جي مصيبت مان ڪڍي، ڪنعانين، حتين، امورين، فريزين، حوين ۽ يبوسين جي ملڪ ۾ آڻيندس، جنهن ۾ کير ۽ ماکي پيئي وهي.


۽ آءٌ انهيءَ لاءِ نازل ٿيو آهيان تہ هنن کي مصرين جي هٿان ڇڏايان، ۽ کين هن ملڪ مان ڪڍي، ٻئي ڪنهن چڱي ۽ وڏي ملڪ ۾ نيان؛ جتي کير ۽ ماکي پيئي وهندي هجي؛ يعني ڪنعانين، حتين، امورين،


وڃ ۽ يروشلم جي ڪنن ۾ پڪار تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ مون کي تنهنجي جوانيءَ جي اُلفت ۽ تنهنجي شاديءَ واري محبت ياد آهي؛ جو تون بيابان ۾ يعني اڻ پوکيل زمين ۾ منهنجي پٺيان پئي هلئين.


۽ مون بيابان ۾ قسم کاڌو تہ جيڪا زمين مون هنن کي ڏني هئي، جنهن ۾ کير ۽ ماکي پي وهي، ۽ جا سڀني زمينن جو فخر آهي، تنهن ۾ هنن کي نہ آڻيان:


تڏهن انهي ڏينهن مون انهي لاءِ هنن سان قسم کاڌو تہ هنن کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي انهي زمين ۾ آڻيان، جا مون هنن لاءِ ڏسي جاچي ڇڏي هئي، جنهن ۾ ماکي ۽ کير پئي وهيو، ۽ جا سڀني زمينن جو فخر هئي.


۽ انهي ڏينهن هيئن ٿيندو تہ جبلن تان مٺو شراب وهندو، ۽ ٽڪرين مان کير جون نديون وهنديون، ۽ يهوداہ جون سڀ نهرون پاڻيءَ سان وهنديون؛ خداوند جي گهر مان هڪڙو چشمو نڪرندو ۽ شطيم جي واديءَ کي ريج ڏيندو.


سو جنهن ملڪ جي بابت مون انهن جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو، سو اهي اصل ڪين ڏسندا. نڪي جن مون کي ڪاوڙايو آهي، تن مان ڪو اهو ڏسندو.


هي اهي بني اسرائيل آهن، جن جو موسيٰ ۽ اليعزر ڪاهن، موآب جي ميدانن ۾، يريحو جي سامهون، يردن نديءَ جي ڪناري تي شمار ڪيو.


۽ چاليهين ورهيہ ۾، يارهين مهيني جي پهرين تاريخ هيئن ٿيو، جو جيڪي ڳالهيون خداوند موسيٰ کي فرمايون هيون، سي هن بني اسرائيل کي چئي ٻڌايون؛


۽ قادس برنيع کان رواني ٿيڻ کان وٺي، زرد نهر جي پار وڃڻ تائين اسان کي اٺٽيهہ ورهيہ لڳا؛ انهي وچ ۾ انهيءَ پيڙهيءَ جا سڀ جنگي مرد منزلگاهہ منجهان مري کپي ويا، جيئن ڪ خداوند قسم کڻي انهن کي چيو هو.


ڇالاءِ جو خداوند تنهنجي خدا تنهنجي هٿ جي ڪمائيءَ ۾ برڪت وڌي آهي: ۽ هن وڏي بيابان ۾ تنهنجي گهمڻ ڦرڻ جي بہ هن کي خبر آهي: هي چاليهہ ورهيہ خداوند تنهنجو خدا توساڻ رهيو؛ ۽ توکي ڪنهن بہ شيءِ جي ڪمي ڪانہ ٿي.


اُنهن چاليهن ورهين ۾ نہ تنهنجا ڪپڙا تنهنجي بدن تي پراڻا ٿيا، نڪي تنهنجا پير سڄي پيا.


۽ مون ڪاوڙ ۾ قسم کنيو تہ هو منهنجي آرام ۾ داخل نہ ٿيندا.“


مضبوط ٿيءُ ۽ چڱي همت ڌار: ڇالاءِ جو جنهن ملڪ جي نسبت ۾ مون هنن ماڻهن جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو تہ کين ڏيندس، اها تون کين ورثو ڪري وٺي ڏيندين.


۽ جڏهن هنن خداوند وٽ دانهن ڪئي، تڏهن هن اوهان جي ۽ مصرين جي وچ ۾ اونداهي وڌي، ۽ سمنڊ انهن جي مٿان آندائين، ۽ انهن کي ڍڪي ڇڏيائين؛ ۽ جيڪي مون مصر ۾ ڪيو سو اوهان پنهنجين اکين سان ڏٺو: ۽ اوهين گهڻا ڏينهن بيابان ۾ رهيا پيا هئا.


هاڻي جيڪي ماڻهو نڪري آيا هئا سي سڀ طهريل هئا: پر جيڪي ماڻهو مصر مان نڪرڻ کان پوءِ واٽ تي بيابان ۾ ڄاوا هئا، تن جو طهر نہ ٿيو هو.


۽ انهن جو اولاد، جنهن کي هن انهن جي جاءِ تي قائم مقام ڪيو، تن کي يشوع طهرايو: ڇالاءِ جو اهي اڻ طهريل هئا، جو رستي ۾ انهن جو طهر نہ ٿيو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ