Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 5:13 - Sindhi Bible

13 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن يشوع يريحو جي ڀرسان آيو، تڏهن پنهنجون اکيون مٿي کڻي نهاريائين تہ ڏسي، تہ هڪڙو ماڻهو سندس سامهون پنهنجي هٿ ۾ اُگهاڙي ترار ڪڍيو بيٺو آهي: ۽ يشوع وٽس ويو ۽ چيائينس تہ تون اسان جي لاءِ آهين يا اسانجن دشمنن جي لاءِ؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 يشوع جڏهن يريحو شهر جي ويجھو اچي پهتو تہ اوچتو ڏٺائين تہ هڪڙو ماڻهو سندس سامهون پنهنجي هٿ ۾ اگھاڙي تلوار ڪڍيو بيٺو آهي. يشوع وٽس ويو ۽ کانئس پڇيائين تہ ”تون اسان جي طرف آهين يا اسان جي دشمنن جي طرف؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 5:13
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

وري ٻنپهرن جي وقت جڏهن هو پنهنجي تنبوءَ جي در وٽ ويٺو هو، تڏهن ممريءَ جي شاہ بلوطن ۾ خداوند کيس ڏيکاري ڏني.


۽ هن پنهنجون اکيون مٿي کڻي نهاريو تہ ٽي ماڻهو پنهنجي سامهون بيٺل ڏٺائين، ۽ انهن کي ڏسي، هو پنهنجي تنبوءَ جي در تان ڊوڙي کين گڏجڻ ويو، ۽ جهڪي سجدو ڪيائين،


تڏهن يعقوب ننڊ مان جاڳي پيو ۽ چوڻ لڳو تہ ضرور خداوند هن هنڌ موجود آهي، پر مون کي انهيءَ جي خبر ڪانہ هئي.


پوءِ يعقوب پنهنجون اکيون مٿي کڻي نهاريو ۽ عيسوءَ کي چئن سوَن ماڻهن سان ايندو ڏٺائين. تڏهن هن لياہ کي، ۽ راخل کي، ۽ ٻنهي ٻانهين کي، ٻار ورهائي ڏنا.


پوءِ هن پنهنجيون اکيون مٿي کنيون ۽ زالن ۽ ٻارن کي ڏٺائين، ۽ چيائين تہ هي توسان ڪير آهن؟ تڏهن هن چيو تہ اهي ٻار آهن، جي خدا پنهنجي فضل سان تنهنجي ٻانهي کي ڏنا آهن.


۽ روزبروز دائود وٽ سندس مدد لاءِ ماڻهو پي آيا، تان جو خدا جي لشڪر جهڙو هڪڙو وڏو لشڪر اچي گڏ ٿيو.


۽ خداوند ملائڪ کي حڪم ڏنو؛ ۽ هن پنهنجي ترار موٽائي مياڻ ۾ وڌي.


پر دائود خداوند کان پڇڻ لاءِ انهيءَ جي اڳيان نہ وڃي سگهيو: ڇالاءِ تہ هو خداوند جي ملائڪ جي ترار کان ڊنو ٿي.


ڇالاءِ جو منهنجو فرشتو تنهنجي اڳيان هلندو ۽ توکي امورين، حتين، فريزين، ڪنعانين، حوين ۽ يبوسين ۾ وٺي ويندو، ۽ آءٌ انهن کي تباهہ ڪندس.


تڏهن مون اکيون مٿي کڻي نهاريو ۽ هڪڙو ماڻهو ڪتاني ڪپڙي جي پوشاڪ ۾ ڏٺم، جنهن جي چيلهہ کي اوفاز جي خالص سون جهڙو ڪمربند ٻڌل هو:


تڏهن مون مٿي نهاريو، ۽ ڏسان تہ نديءَ جي اڳيان هڪڙو گهٽو بيٺو آهي جنهن کي ٻہ سڱ آهن: ۽ اُهي ٻہ سڱ وڏا هئا؛ پر هڪڙو ٻئي کان وڏو هو، ۽ جيڪو وڌيڪ وڏو هو سو پڇاڙيءَ ۾ آيو.


۽ مون رات جو ڏٺو تہ هڪڙو ماڻهو ڳاڙهي گهوڙي تي چڙهيل آهي ۽ مينديءَ جي وڻن جي وچ ۾ بيٺو آهي، جي هيٺانهين زمين ۾ هئا، ۽ هن جي پٺيان ڳاڙها، ڪميت ۽ سفيد گهوڙا بيٺا هئا.


۽ گڏهہ خداوند جي فرشتي کي هٿ ۾ ترار کڻي رستي تي بيٺل ڏٺو: تڏهن گڏهہ رستي کان مُڙي ٻنيءَ ۾ وڃڻ لڳي، پر بلعام گڏهہ کي ڦيرائي رستي تي آڻڻ لاءِ مارڻ لڳو.


تڏهن خداوند بلعام جون اکيون کوليون، ۽ هن خدا جي فرشتي کي هٿ ۾ اُگهاڙي ترار کڻي رستي تي بيٺل ڏٺو، تنهن تي هن پنهنجو ڪنڌ جهڪائي، سجدو ڪيو.


۽ جيئن هو کڄي ويو ۽ هنن چتائي آسمان ڏانهن پئي نهاريو، تيئن اوچتو ئي ٻہ ماڻهو اڇن وڳن ۾، سندن پاسي ۾ اچي بيهي رهيا؛


۽ خداوند يشوع کي چيو تہ ڏس، مون يريحو، ۽ انهي جو بادشاهہ، ۽ زور وارا بهادر مرد، سڀ تنهنجي هٿ ۾ ڏنا آهن.


۽ اُنهن شمعدانن جي وچ ۾ ابن آدم جهڙو هڪڙو شخص هو، جو پيرن تائين هڪڙيءَ پوشاڪ سان ڍڪيل هو، ۽ ڇاتيءَ تي هڪڙو سونو سينہ بند ٻَڌل هوس.


تڏهن منوحہ اُٿيو، ۽ پنهنجي زال جي پٺيان هليو، ۽ انهيءَ ماڻهو وٽ آيو، ۽ چيائينس تہ تون اُهو ماڻهو آهين ڇا جنهن هن زال سان ڳالهايو هو؟ ۽ هن چيو تہ آءٌ اُهو آهيان.


پوءِ منوحہ پنهنجي زال کي چيو تہ اسين ضرور مري وينداسين، ڇالاءِ جو اسان خدا کي ڏٺو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ