Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 5:1 - Sindhi Bible

1 ۽ هيئن ٿيو تہ امورين جا سڀ بادشاهہ جي يردن جي الهندي پاسي هئا، ۽ ڪنعانين جا سڀ بادشاهہ جي سمنڊ جي ڪناري سان هئا، تن جڏهن ٻڌو تہ خداوند يردن جو پاڻي بني اسرائيل جي اڳيان سڪائي ڇڏيو آهي، جيستائين ڪ هو پار لنگهي ويا، تڏهن هنن جي دل پگهرجي ويئي، ۽ بني اسرائيل جي ڊپ کان منجهن وڌيڪ همت ڪانہ رهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 امورين جا سڀ بادشاهہ جيڪي اردن درياءَ جي اولهہ طرف رهندا هئا ۽ ڪنعانين جا سڀ بادشاهہ جيڪي ڀُونوِچ سمنڊ جي ويجھو رهندا هئا، تن جڏهن ٻڌو تہ خداوند اردن درياءَ جو پاڻي بني اسرائيل جي اڳيان سڪائي ڇڏيو آهي، جيستائين هو لنگھي پار ٿيا، تڏهن هنن جون دليون گھٻرائجي ويون ۽ بني اسرائيل سان منهن ڏيڻ جي منجھن ڪا همت ڪانہ رهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 5:1
32 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ابرام انهيءَ ملڪ مان لنگهي، سڪم ۾ مورہ جي شاہ بلوط تائين پهتو. تنهن وقت ڪنعاني انهيءَ ملڪ ۾ رهندا هئا.


ٻيو تہ مون توکي تنهنجي ڀائرن کان هڪڙو حصو وڌيڪ ڏنو آهي، جو مون پنهنجيءَ ترار ۽ پنهنجيءَ ڪمان سان امورين کان ورتو هو.


تڏهن بادشاهہ جبعونين کي سڏي چيو؛ (هاڻي اهي جبعوني بني اسرائيل مان نہ هئا پر باقي بچيل امورين مان هئا؛ ۽ بني اسرائيل هنن سان قسم کنيو هو: ۽ سائول بني اسرائيل ۽ بني يهوداہ جي جوش ۾ هنن کي قتل ڪرڻ ٿي گهريو:)


۽ سندس دسترخاني جو طعام، ۽ سندس نوڪرن جو ويهڻ، ۽ سندس خدمت گارن جو حاضر رهڻ، ۽ اُنهن جي پوشاڪ، ۽ سندس شراب پيارڻ وارا، ۽ جنهن ڏاڪڻ تان چڙهي هو خداوند جي گهر ويندو هو، اُها ڏٺائين: تڏهن هوش حواس اُڏامي ويس.


هاڻي جڏهن هي ڪم پورا ٿيا، تڏهن امير مون وٽ آيا، ۽ چوڻ لڳا تہ، اسرائيل جي ماڻهن، ۽ ڪاهنن، ۽ لاوين پاڻ کي ماڻهن کان ڌار نہ ڪيو آهي، ۽ انهن جي ڪراهت وارن دستورن موجب هليا آهن، يعني ڪنعانين، ۽ حتين، ۽ فرزين، ۽ يبوسين، ۽ عمونين، ۽ موآبين، ۽ مصرين، ۽ امورين جي دستورن موجب:


امورين جي بادشاهہ صيون کي ۽ بسن جي بادشاهہ عوج کي، ۽ ڪنعان جي سڀني بادشاهتن کي.


آءٌ توکان اڳ ۾ چيلاٽا موڪليندس، جي حوين، ڪنعانين ۽ حتين کي تنهنجي اڳيان هڪالي ڪڍندا.


ٻيٽن ڏٺو ۽ اهي ڊنا؛ ۽ زمين جون سرحدون ڏڪي ويون: اهي ويجها آيا.


۽ چئُہ تہ خداوند خدا، يروشلم کي هيئن ٿو فرمائي، تہ تنهنجو ڄائي ڄم جو وطن ڪنعانين جي زمين ۾ آهي: تنهنجو پيءُ اموري هو ۽ تنهنجي ماءُ حتي هئي.


۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن هو توکي چوندا تہ تون ڇو ٿو آهون ڪرين؟ تڏهن تون چئج تہ انهي خبر جي ڪري، ڇالاءِ جو اُها اچي ٿي: ۽ سڀ ڪا دل پگهرجي ويندي، ۽ سڀ هٿ ضعيف ٿي ويندا ۽ سڀ ڪو روح ماندو ٿي ويندو، ۽ سڀ گوڏا پاڻيءَ جهڙا نستا ٿي ويندا: خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ ڏس، اُها اچي ٿي ۽ ائين ڪيو ويندو.


تڏهن بادشاهہ جي شڪل ڦري ويئي، ۽ سندس خيالن کيس پريشان ڪيو؛ ۽ سندس چيلهہ جا سنڌ ڍرا ٿي پيا، ۽ سندس گوڏا هڪٻئي سان ٺهڪڻ لڳا.


مون سندن آڏو انهيءَ اموريءَ کي ناس ڪيو جنهن جو قد ديودار جي قد جيڏو هو، ۽ جو شاهہ بلوطن جهڙو مضبوط هو، انهي هوندي بہ مون مٿان سندس ميوو ۽ هيٺان سندس پاڙون ناس ڪيون.


انهي ملڪ جي ڏکڻ ۾ عماليقي ٿا رهن، ۽ حتي ۽ يبوسي ۽ اموري جبلن ۾ ٿا رهن، ۽ سمنڊ واري پاسي ۽ يردن جي ڪناري تي ڪنعاني ٿا رهن.


انهي هوندي بہ منسي انهن شهرن جي رهاڪن کي هڪالي ڪڍي نہ سگهيو، پر ڪنعاني اڃا انهي ۾ رهندا اچن.


پر اهو جابلو ملڪ اوهان جو ٿيندو؛ ۽ جيتوڻيڪ اُتي جهنگ آهي پر اوهين اُهو وڍي صفا ڪندا، ۽ انهن جون ٻاهريون حدون بہ اوهان جون ٿينديون: ۽ جيتوڻيڪ ڪنعانين وٽ لوهہ جون جنگي گاڏيون آهن ۽ زور ڀريا آهن، تہ بہ اوهين هنن کي هڪالي ڪڍندا.


۽ جيڪڏهن خداوند جي عبادت ڪرڻ اوهان کي خراب نظر ۾ اچي، تہ اڄوڪي ڏينهن فيصلو ڪريو تہ ڪنهن جي عبادت ڪرڻ گهرو ٿا: اُهي معبود جن جي عبادت اوهان جا ابا ڏاڏا نديءَ جي هن ڀر ڪندا هئا، يا امورين جا معبود جن جي ملڪ ۾ اوهين رهو ٿا: پر آءٌ ۽ منهنجو گهراڻو، اسين خداوند جي عبادت ڪنداسين.


تڏهن جيڪو پاڻي مٿان ٿي آيو سو بيهي رهيو، ۽ ادم جو شهر، جو ضرتان جي پاسي ۾ آهي، تنهن کان گهڻو پري مٿي چڙهڻ لڳو: ۽ جيڪو پاڻي آرباہ جي سمنڊ ڏي، يعني کاري سمنڊ ڏي ٿي آيو، سو بيهي ويو، ۽ ڇڄي ڌار ٿي پيو: ۽ هو سڀ يريحو جي بلڪل آمهون سامهون لنگهي پار ٿيا.


۽ جيڪي ڪاهن خداوند جي عهدنامي جي صندوق کنيو ٿي آيا، سي يردن جي وچ ۾ سڪي زمين تي محڪم بيهي رهيا، جيستائين ڪ ساري قوم يردن لنگهي پار ٿي.


۽ انهي جي عذاب جي ڊپ کان پري بيهي چوندا تہ هاءِ هاءِ، اي بابل وڏا شهر، مضبوط شهر! هڪڙي ڪلاڪ ۾ تنهنجي سزا اچي پهتي آهي.


۽ يشوع جي وفات ڪرڻ کان پوءِ هيئن ٿيو جو بني اسرائيل خداوند کان پڇيو، تہ اسان جي لاءِ ڪير پهرين ڪنعانين سان جنگ ڪرڻ لاءِ انهن تي ڪاهي وڃي؟


سو جڏهن خداوند، اسرائيل جي خدا، امورين کي پنهنجي قوم جي هٿان ڦرايو، تڏهن تون ڪهڙيءَ طرح اُهي پنهنجي هٿ آڻي سگهندين؟


يعني پنج سردار فلستين جا، ۽ سڀ ڪنعاني، ۽ صيداني، ۽ حوي، جي لبنان جي جبل ۾ رهندا هئا، بعل حرمون جبل کان وٺي حمات جي لنگهہ تائين.


تڏهن خداوند هنن کي ڪنعان جي بادشاهہ، يابين وٽ وڪڻي ڇڏيو، جو حصور ۾ بادشاهي ڪندو هو؛ انهي جي لشڪر جو سپهہ سالار سيسرا هو، جو حروسيت هگوئيم ۾ رهندو هو.


۽ صبح جو هيئن ٿيو تہ جڏهن نابال جو نشو لٿو، تڏهن کيس سندس زال اُهي ڳالهيون ٻڌايون، ۽ هن جي دل اندر ئي اندر مري ويئي، ۽ هو پهڻ جهڙو ٿي پيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ