Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 4:8 - Sindhi Bible

8 ۽ بني اسرائيل ائين ڪيو جيئن يشوع حڪم ڏنو، ۽ جهڙيءَ طرح خداوند يشوع کي فرمايو هو، تهڙيءَ طرح بني اسرائيل جي فرقي جي شمار موافق هنن ٻارهن پٿر يردن جي وچ مان کنيا، ۽ اُهي پاڻ سان کڻي پار لنگهي انهيءَ هنڌ آندائون، جتي هو ٽڪي پيا هئا، ۽ اُتي اُهي رکي ڇڏيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 تڏهن هنن ائين ئي ڪيو جيئن يشوع کين حڪم ڏنو. جهڙيءَ طرح خداوند يشوع کي فرمايو هو، تهڙيءَ طرح بني اسرائيل جي قبيلن جي شمار موجب هنن ٻارهن پٿر اردن درياءَ جي وچ مان کنيا. اُهي پٿر پاڻ سان کڻي انهيءَ هنڌ آندائون جتي بني اسرائيل رهيا ۽ اتي اهي رکي ڇڏيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 4:8
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ بني اسرائيل وڃي ائين ئي ڪيو، يعني جهڙيءَ طرح خداوند موسيٰ ۽ هارون کي حڪم ڏنو هو، تهڙيءَ طرح هنن ڪيو.


پوءِ موسيٰ خداوند جون سڀيئي ڳالهيون لکيون، ۽ صبح جو سوير اُٿي جبل جي تري تي هڪڙي قربانگاهہ، ۽ اسرائيل جي ٻارهن قبيلن جي حساب موجب ٻارهن ٿنڀ جوڙيائين.


۽ اهي ٻارهن پٿر جي هنن يردن مان ڪڍي آندا هئا، سي يشوع جلجال ۾ کوڙيا.


۽ يشوع ٻارهن پٿر يردن جي وچ ۾ انهيءَ هنڌ کوڙي ڇڏيا، جتي عهدنامي جي صندوق جي کڻڻ وارن ڪاهنن جا پير بيٺا هئا: ۽ اُهي اڄ ڏينهن تائين اُتي آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ