4 تڏهن يشوع بني اسرائيل مان ٻارهن ماڻهو، هرهڪ فرقي مان هڪڙو ماڻهو، چونڊي تيار ڪيا، ۽ انهن کي سڏيائين:
4 پوءِ يشوع ٻارهن ماڻهو چونڊي ڪڍيا ۽
تنهنڪري هاڻي اوهين اسرائيل جي فرقن مان ٻارهن ماڻهو کڻو، هر ڪنهن فرقي مان هڪڙو ماڻهو.
قوم منجهان ٻارهن ماڻهو چونڊي ڪڍ، هرهڪ فرقي مان هڪڙو ماڻهو،
۽ انهن کي حڪم ڏي تہ يردن جي وچ ۾ جنهن هنڌ ڪاهنن جا پير محڪم بيٺا هئا، اُتان ٻارهن پٿر پاڻ سان کڻي هلن، ۽ جنهن هنڌ اوهين اڄوڪي رات وڃي ٽڪو اُتي اُهي ڇڏي ڏجو.
۽ يشوع انهن کي چيو تہ خداوند پنهنجي خدا جي صندوق جي اڳيان لنگهي يردن جي وچ ۾ وڃو، ۽ اوهان مان هرڪو ماڻهو، بني اسرائيل جي فرقن جي شمار موجب، هڪڙو پٿر پنهنجن ڪلهن تي کڻي: