Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 4:22 - Sindhi Bible

22 تڏهن اوهين پنهنجي اولاد کي خبر ڏجو تہ اسرائيلي يردن مان سڪيءَ زمين تان لنگهي آيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 تڏهن اوهين پنهنجن ٻارن کي ٻڌائجو تہ ’بني اسرائيل هن وهندڙ اردن درياءَ وچان سڪيءَ زمين تان لنگھي پار آيا هئا.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 4:22
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ بني اسرائيل سمنڊ جي وچ مان سڪيءَ زمين تان لنگهي ويا، ۽ انهن جي ساڄي هٿ پاسي کان ۽ کاٻي هٿ پاسي کان پاڻي سندن لاءِ ڀت وانگر ٿي پيو.


پر بني اسرائيل سمنڊ جي وچ ۾ بہ سڪيءَ زمين تي پنڌ ڪيو، ۽ پاڻي هنن جي ساڄي هٿ پاسي توڙي کٻي پاسي، سندن لاءِ ڀت وانگر بيٺو هو.


سو فرعون جا گهوڙا، سندس گاڏين ۽ گهوڙي سوارن سميت، سمنڊ ۾ گهڙي ويا، ۽ خداوند سمنڊ جو پاڻي موٽائي مٿن آندو؛ پر بني اسرائيل سمنڊ جي وچ ۾ سڪيءَ زمين تي پنڌ ڪري ويا.


جو اونهي سمنڊ کي چوي ٿو تہ سڪي وڃ، آءٌ تنهنجون نديون سڪائي ڇڏيندس:


تون اها ناهين ڇا جنهن سمنڊ کي، بلڪ وڏي سمنڊ جو پاڻي سڪائي ڇڏيو؟ جنهن ڇڏايلن جي پار لنگهڻ لاءِ سمنڊ جي تري کي رستو بنايو؟


تڏهن جيڪو پاڻي مٿان ٿي آيو سو بيهي رهيو، ۽ ادم جو شهر، جو ضرتان جي پاسي ۾ آهي، تنهن کان گهڻو پري مٿي چڙهڻ لڳو: ۽ جيڪو پاڻي آرباہ جي سمنڊ ڏي، يعني کاري سمنڊ ڏي ٿي آيو، سو بيهي ويو، ۽ ڇڄي ڌار ٿي پيو: ۽ هو سڀ يريحو جي بلڪل آمهون سامهون لنگهي پار ٿيا.


۽ جيڪي ڪاهن خداوند جي عهدنامي جي صندوق کنيو ٿي آيا، سي يردن جي وچ ۾ سڪي زمين تي محڪم بيهي رهيا، جيستائين ڪ ساري قوم يردن لنگهي پار ٿي.


۽ هن بني اسرائيل کي چيو تہ ايندڙ وقت ۾ جڏهن اوهان جا ٻار پنهنجن ابن ڏاڏن کان پڇن تہ هنن پٿرن جو مطلب ڇا آهي؟


۽ ڇهين ملائڪ پنهنجو پيالو وڏيءَ نديءَ فرات تي اوتيو ۽ ان جو پاڻي سُڪي ويو، تان تہ جيڪي بادشاهہ اُڀرندي کان اچن، تن جي لاءِ رستو تيار ٿي وڃي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ