Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 4:18 - Sindhi Bible

18 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن خداوند جي عهدنامي جي صندوق کڻڻ وارا ڪاهن يردن جي وچ مان نڪري ٻاهر آيا، ۽ ڪاهنن جا پير سڪيءَ زمين تي اچڻ لڳا، تڏهن يردن جو پاڻي پنهنجي جاءِ تي موٽي آيو، ۽ پنهنجن ڪنارن تان اُٿلڻ لڳو جيئن اڳي هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 4:18
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهي اُهي آهن جي پهرين مهيني ۾ يردن لنگهي هن ڀر ويا، جڏهن اها پنهنجن ڪنارن کان اُٿلي پيئي هئي؛ ۽ وادين ۾ جيڪي ماڻهو هئا، تن سڀني کي انهن ڀڄائي ڪڍيو؛ جهڙو اُڀرندي ڏي، تهڙو اُلهندي ڏي.


۽ اهو وهندو اڳتي يهوداہ ۾ هليو ويندو؛ اهو اُٿلي پوندو ۽ لنگهيو هليو ويندو اهو ڳچيءَ تائين بہ وڃي پهچندو؛ اي عمانوايل. ان جي کنڀن جي پکڙجڻ سان تنهنجي زمين جو شڪم ڀرجي ويندو.


۽ هيئن ٿيندو تہ جنهن وقت خداوند، يعني ساري دنيا جي خداوند جي صندوق کڻڻ وارن ڪاهنن جا پير يردن جي پاڻيءَ ۾ لڳندا، انهيءَ وقت يردن جو پاڻي هيٺ ايندڙ پاڻيءَ کان ڌار ٿي پوندو، ۽ چڙهي بيهي رهندو.


۽ صندوق کڻڻ وارا يردن وٽ آيا، ۽ ڪاهنن جا پير ڪناري واري پاڻيءَ ۾ ٽٻيا، (ڇالاءِ جو يردن فصل جي موسم ۾ پنهنجن سڀني ڪنارن تان اُٿلي پوندي آهي،)


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن سڀ ماڻهو پار لنگهي ويا، تڏهن خداوند جي صندوق ۽ ڪاهن، ماڻهن جي روبرو پار لنگهيا.


تنهنڪري يشوع ڪاهنن کي حڪم ڏيئي چيو تہ اوهين يردن مان نڪري ٻاهر اچو.


۽ اهي ماڻهو پهرين مهيني جي ڏهين تاريخ يردن مان نڪري آيا، ۽ يريحو جي اُڀرندي واري سرحد تي جلجال ۾ منزل ڪيائون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ