Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 4:14 - Sindhi Bible

14 انهيءَ ڏينهن خداوند اسرائيل جي نظر ۾ يشوع جي وڏائي ظاهر ڪئي؛ ۽ سندس حياتيءَ جا سڀ ڏينهن هو کانئس اهڙو ڊڄندا هئا جهڙو موسيٰ کان ڊڄندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14-18 پوءِ خداوند يشوع کي فرمايو تہ ”عهد واري صندوق کڻي هلڻ وارن ڪاهنن کي حڪم ڏي تہ هو اردن درياءَ مان نڪري ٻاهر اچن.“ سو يشوع ڪاهنن کي حڪم ڏنو تہ ”اوهين اردن درياءَ مان نڪري ٻاهر اچو.“ تڏهن خداوند جي عهد واري صندوق کڻي هلڻ وارا ڪاهن بہ اردن درياءَ مان نڪري ٻاهر آيا ۽ جيئن ئي انهن پنهنجا پير سڪيءَ زمين تي رکيا، تہ اردن درياءَ جو وهڪرو وري شروع ٿي ويو ۽ اڳي وانگر پاڻي ڪنارن کان ٻاهر وهڻ لڳو. انهيءَ ڏينهن خداوند بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن جي نظرن ۾ يشوع کي سرفراز ڪيو ۽ بني اسرائيل سندس سڄي حياتيءَ تائين کانئس اهڙو ڊڄندا رهيا جهڙو موسيٰ کان ڊڄندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 4:14
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اها جيڪا عدالت بادشاهہ ڪئي سا سڄي اسرائيل قوم ٻڌي؛ ۽ هو بادشاهہ کان ڊڄڻ لڳا: ڇالاءِ جو هنن ڏٺو تہ عدالت ڪرڻ لاءِ هن ۾ خدا جي ڏاهپ آهي.


۽ جڏهن نبين جا پٽ، جي هن جي سامهون يريحو ۾ هئا، تن هن کي ڏٺو، تڏهن هو چوڻ لڳا تہ ايلياہ جو روح اليشع تي اچي پيو آهي، ۽ هو سندس استقبال لاءِ آيا، ۽ سندس اڳيان زمين تائين جهڪيا.


۽ خداوند ساري اسرائيل جي نگاهہ ۾ سليمان کي نهايت سرفراز ڪيو، ۽ کيس اهڙو شاهاڻو شان بخشيائين، جهڙو کانئس اڳي اسرائيل ۾ ڪنهن بہ بادشاهہ کي نصيب نہ ٿيو هو.


يهوداہ تي بہ خدا جو هٿ هو تہ هنن کي هڪ دل ڪري، انهي لاءِ تہ هو خداوند جي ڪلام موجب بادشاهہ ۽ اميرن جي حڪم جي تعميل ڪن.


۽ خداوند انهن ماڻهن کي مصرين جي نظر ۾ عزت بخشي، ۽ فرعون جا نوڪر ۽ سندس ماڻهو، موسيٰ کي وڏو بزرگ سمجهڻ لڳا.


اهو وڏو معجزو، جو خداوند مصرين تي ڪيو، سو اسرائيل ڏٺو ۽ ماڻهو خداوند کان ڊنا؛ ۽ هنن خداوند تي، ۽ سندس ٻانهي موسيٰ تي ايمان آندو.


اي منهنجا پٽ، تون خداوند ۽ بادشاهہ کان ڊڄندو رهہ؛ ۽ جيڪي چنچل آهن تن سان ڪوبہ واسطو نہ رکو:


ڇالاءِ تہ هو تنهنجي ڀلي لاءِ خدا جو خادم آهي. پر جي تون بدي ڪرين تہ ڊڄ؛ ڇالاءِ جو هو ترار بي سبب نٿو کڻي: هن ڪري جو هو خدا جو خادم آهي ۽ سندس غضب موجب بدڪار کي سزا ٿو ڏئي.


۽ سڀني انهي ڪڪر ۽ سمنڊ ۾ موسيٰ جي بپتسما ورتي،


پوءِ خداوند يشوع کي چيو تہ اڄوڪي ڏينهن آءٌ اسرائيل جي سامهون تنهنجي وڏائي ظاهر ڪرڻ شروع ڪندس، تہ هو ڄاڻن تہ جهڙيءَ طرح آءٌ موسيٰ سان هوس، تيئن توسان بہ هوندس.


اٽڪل چاليهہ هزار ماڻهو جنگ جي لاءِ تيار ٿي، خداوند جي اڳيان پار لنگهي يريحو جي ميدان تي لڙائي لاءِ آيا.


تڏهن خداوند يشوع کي فرمايو، ۽ چيائينس تہ


پوءِ سموئيل خداوند کي عرض ڪيو؛ ۽ خداوند انهي ڏينهن گجگوڙ ۽ مينهن موڪليو: ۽ سڀ ماڻهو خداوند کان ۽ سموئيل کان تمام گهڻو ڊنا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ