۽ جد جي نسل مان سڀيئي مرد، جن جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهي کان مٿي هئي، ۽ جنگ ۾ وڃڻ جي لائق هئا، تن جو سندن پيڙهين، ۽ سندن خاندانن، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب، سندن نالا وٺي شمار ڪيو ويو؛
پر اسين پاڻ هٿيار ٻڌي بني اسرائيل جي اڳيان هلڻ لاءِ تيار ٿينداسين، جيسين ڪ هنن کي سندن جاءِ تائين پهچايون: باقي اسان جا ٻار ٻچا، هتي جي رهاڪن جي سببان ڪوٽن وارن شهرن ۾ رهندا.
۽ مون انهي وقت اوهان کي حڪم ڏيئي چيو، تہ خداوند اوهان جي خدا هيءُ ملڪ اوهان کي ملڪيت طور ڏنو آهي: تہ اوهان مان سڀ جنگي مرد هٿيار ٻڌي، اوهان جي ڀائرن بني اسرائيل جي اڳيان پار هلو.
هن پنهنجي لاءِ پهريون حصو چونڊيو؛ ڇالاءِ جو اتي شريعت ڏيڻ واري جو مقرر حصو رکيل هو؛ ۽ هو اُمت جي رئيسن سان آيو، ۽ هن خداوند جي انصاف جي ۽ اسرائيل جي بابت سندس فيصلن جي تعميل ڪئي.
اوهان جون زالون، اوهان جا ٻار، ۽ اوهان جو چوپايو مال انهيءَ زمين ۾ رهندو، جا يردن جي هن ڀر موسيٰ اوهان کي ڏني؛ پر اوهين سڀ جي زور ۽ همت وارا ماڻهو آهيو، سي پنهنجن ڀائرن جي اڳيان هٿيار ٻڌي پار لنگهو، ۽ هنن جي مدد ڪريو؛