11 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن سڀ ماڻهو پار لنگهي ويا، تڏهن خداوند جي صندوق ۽ ڪاهن، ماڻهن جي روبرو پار لنگهيا.
ڇالاءِ جو اوهين تڙ تڪڙ ۾ نہ نڪرندا، نڪي ڀڄي نڪرندا: ڇو تہ خداوند اوهان جي اڳيان هلندو؛ ۽ اسرائيل جو خدا اوهان جي پٺ سنڀاليندو.
۽ اوهين يردن لنگهي پار پيا ۽ يريحو ۾ آيا: ۽ يريحو جا ماڻهو اوهان سان وڙهيا، يعني اموري، ۽ فرزي، ۽ ڪنعاني، ۽ حتي، ۽ جرجاسي، ۽ حوي، ۽ يبوسي؛ ۽ اُهي مون اوهانجن هٿن ۾ ڏنا.
۽ جيڪي ڪاهن خداوند جي عهدنامي جي صندوق کنيو ٿي آيا، سي يردن جي وچ ۾ سڪي زمين تي محڪم بيهي رهيا، جيستائين ڪ ساري قوم يردن لنگهي پار ٿي.
۽ جيڪي ڪاهن عهدنامي جي صندوق کڻن ٿا تن کي تون حڪم ڏيئي چئُہ، تہ جڏهن يردن نديءَ جي ڪناري تي پهچن، تڏهن يردن جي پاڻيءَ ۾ ماٺ ڪري بيهي رهن.
ڇالاءِ جو جن ڪاهنن صندوق کنئي هئي، سي يردن جي وچ ۾ بيٺا هئا، جيستائين ڪ سڀ ڪم پورو ٿيو: پوءِ خداوند يشوع کي حڪم ڏنو، تہ جيڪي حڪم موسيٰ يشوع کي ڏنا هئا، انهن سڀني مطابق ماڻهن کي سمجهاءِ: ۽ ماڻهو جلدي جلدي پار لنگهي ويا.
۽ بني روبن، ۽ بني جد، ۽ منسيءَ جو اڌ فرقو، اهي بني اسرائيل جي اڳيان هٿيار ٻڌي پار لنگهيا، جيئن موسيٰ کين فرمايو هو:
۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن خداوند جي عهدنامي جي صندوق کڻڻ وارا ڪاهن يردن جي وچ مان نڪري ٻاهر آيا، ۽ ڪاهنن جا پير سڪيءَ زمين تي اچڻ لڳا، تڏهن يردن جو پاڻي پنهنجي جاءِ تي موٽي آيو، ۽ پنهنجن ڪنارن تان اُٿلڻ لڳو جيئن اڳي هو.