Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 4:10 - Sindhi Bible

10 ڇالاءِ جو جن ڪاهنن صندوق کنئي هئي، سي يردن جي وچ ۾ بيٺا هئا، جيستائين ڪ سڀ ڪم پورو ٿيو: پوءِ خداوند يشوع کي حڪم ڏنو، تہ جيڪي حڪم موسيٰ يشوع کي ڏنا هئا، انهن سڀني مطابق ماڻهن کي سمجهاءِ: ۽ ماڻهو جلدي جلدي پار لنگهي ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10-13 جيڪي جنگي جوان بني روبن، بني جد ۽ منسيءَ جي اڌ قبيلي مان جنگ جي لاءِ آيا هئا سي موسيٰ جي چوڻ مطابق هٿيار ٻڌي ٻين ماڻهن کان اڳ ۾ جلدي جلدي عهد واري صندوق جي اڳيان لنگھي پار ويا ۽ يريحو شهر جي ويجھو ميدان تي لڙائيءَ لاءِ آيا. اهي اٽڪل چاليهہ هزار ماڻهو هئا. پوءِ جيستائين سڀ ماڻهو پار لنگھي نہ ويا ۽ اهو سمورو ڪم پورو نہ ٿيو جنهن جي ڪرڻ جو خداوند موسيٰ ۽ يشوع کي حڪم ڏنو هو، تيستائين ڪاهن عهد جي صندوق سميت اردن درياءَ جي وچ ۾ بيٺا رهيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 4:10
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مون تنهنجن حڪمن تي عمل ڪرڻ ۾ سيگهہ ڪئي، ۽ دير ڪانہ ڪيم.


۽ جيڪو ڳوهيل اٽو مصر مان آندو هئائون، تنهن مان بي خمير مانيون پچايائون؛ ڇالاءِ جو اهو اٽو خمير ٿيل نہ هو، ڇو تہ هو مصر مان هڪاليا ويا هئا ۽ ترسي نہ سگهيا، نڪي پنهنجي لاءِ ڪو سمر تيار ڪري سگهيا.


سڀاڻي جي بابت ٻٽاڪ نہ هڻ، ڇالاءِ توکي خبر ناهي تہ ڏينهن جي اندر ڇا ٿيندو.


جيڪو ڪم تنهنجي هٿ لڳي سو پنهنجي طاقت آهر پيو ڪر؛ ڇالاءِ جو جنهن قبر ۾ تون وڃڻو آهين تنهن ۾ نڪو ڪم آهي، نڪا رِٿ آهي، نڪو علم آهي، نڪو عقل آهي.


تنهن ڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ آءٌ صيون ۾ بنياد جي لاءِ هڪڙو پٿر ٿو رکان، اهو آزمايل پٿر، ۽ پڪي بنياد جو قيمتي پٿر آهي: جيڪو ايمان آڻيندو، سو تڪڙ نہ ڪندو.


(ڇالاءِ جو هو چوي ٿو تہ ”قبوليت جي وقت مون اوهان جي ٻُڌي، ۽ نجات جي ڏينهن مون اوهان جي مدد ڪئي:“ ڏسو، اهو قبوليت جو ڏينهن هاڻي آهي، ڏسو، اهو نجات جو ڏينهن هاڻي آهي.)


۽ موسيٰ هيءَ شريعت لکي بني لاويءَ کي، جي ڪاهن هئا، ۽ خداوند جي عهد جي صندوق کڻندا هئا، ۽ اسرائيل جي سڀني بزرگن کي ڏني.


۽ اوهين يردن لنگهي پار پيا ۽ يريحو ۾ آيا: ۽ يريحو جا ماڻهو اوهان سان وڙهيا، يعني اموري، ۽ فرزي، ۽ ڪنعاني، ۽ حتي، ۽ جرجاسي، ۽ حوي، ۽ يبوسي؛ ۽ اُهي مون اوهانجن هٿن ۾ ڏنا.


۽ هيئن ٿيندو تہ جنهن وقت خداوند، يعني ساري دنيا جي خداوند جي صندوق کڻڻ وارن ڪاهنن جا پير يردن جي پاڻيءَ ۾ لڳندا، انهيءَ وقت يردن جو پاڻي هيٺ ايندڙ پاڻيءَ کان ڌار ٿي پوندو، ۽ چڙهي بيهي رهندو.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن سڀ ماڻهو پار لنگهي ويا، تڏهن خداوند جي صندوق ۽ ڪاهن، ماڻهن جي روبرو پار لنگهيا.


۽ يشوع ٻارهن پٿر يردن جي وچ ۾ انهيءَ هنڌ کوڙي ڇڏيا، جتي عهدنامي جي صندوق جي کڻڻ وارن ڪاهنن جا پير بيٺا هئا: ۽ اُهي اڄ ڏينهن تائين اُتي آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ