9 ۽ يشوع بني اسرائيل کي چيو، تہ ويجهو اچو، ۽ اچي خداوند پنهنجي خدا جا حڪم ٻڌو.
9 سو يشوع بني اسرائيل کي چيو تہ ”ويجھو اچي خداوند پنهنجي خدا جون ڳالهيون ٻڌو.
جيئن اڄوڪي ڏينهن اسين هتي ڪريون ٿا، يعني جنهن ماڻهوءَ کي جيڪي ٿو وڻي سو ٿو ڪري، تيئن اوهين نہ ڪجو:
هاڻي اي اسرائيليو، جيڪي قانون ۽ فيصلا آءٌ اوهان کي سيکاريان ٿو، سي چڱيءَ طرح ٻڌي، انهن تي عمل ڪريو؛ تہ اوهين جيئرا رهو، ۽ جيڪو ملڪ خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن جو خدا اوهان کي ڏئي ٿو، انهي ۾ وڃي مٿس قبضو ڪريو.
۽ يشوع چيو تہ انهي ڪري اوهان کي خبر پوندي تہ زندہ خدا اوهان جي وچ ۾ موجود آهي، ۽ هو ضرور ڪنعانين، ۽ حتين، ۽ حوين، ۽ فرزين، ۽ جرجاسين، ۽ امورين، ۽ يبوسين کي اوهان جي اڳيان هڪالي ڪڍندو.
۽ جيڪي ڪاهن عهدنامي جي صندوق کڻن ٿا تن کي تون حڪم ڏيئي چئُہ، تہ جڏهن يردن نديءَ جي ڪناري تي پهچن، تڏهن يردن جي پاڻيءَ ۾ ماٺ ڪري بيهي رهن.