Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 3:8 - Sindhi Bible

8 ۽ جيڪي ڪاهن عهدنامي جي صندوق کڻن ٿا تن کي تون حڪم ڏيئي چئُہ، تہ جڏهن يردن نديءَ جي ڪناري تي پهچن، تڏهن يردن جي پاڻيءَ ۾ ماٺ ڪري بيهي رهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 تون عهد واري صندوق کڻي هلندڙ ڪاهنن کي حڪم ڏي تہ جڏهن هو اردن درياءَ جي ڪناري تي پهچن تہ هو پاڻيءَ ۾ لهي هڪ هنڌ بيهي رهن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 3:8
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ايلياہ هن کي چيو تہ آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان تہ هتي ترس؛ ڇالاءِ جو خداوند مون کي يردن ڏانهن موڪليو آهي. ۽ هن چيو تہ خداوند جيئري جو قسم آهي، ۽ تنهنجيءَ جان جو قسم آهي تہ آءٌ توکي نہ ڇڏيندس. پوءِ هو ٻئي اڳتي هليا ويا.


۽ هنن پنهنجا ڀائر گڏ ڪيا ۽ پاڻ کي پاڪ ڪيائون، ۽ بادشاهہ جي حڪم پٺيان خداوند جي ڪلام موجب، خداوند جي گهر کي صاف ڪرڻ لاءِ اندر ويا.


۽ حزقياہ حڪم ڏنو تہ قربانگاهہ تي سوختني قرباني چاڙهين. ۽ جڏهن سوختني قرباني شروع ٿي، تڏهن خداوند جو راڳ بہ شروع ٿيو، ۽ قرنائون بہ، ۽ اسرائيل جي بادشاهہ دائود جا ساز بہ وڄڻ لڳا.


تنهن کانسواءِ حزقياہ بادشاهہ ۽ اميرن، لاوين کي حڪم ڏنو تہ دائود جي، ۽ آسف غيب دان جي، لفظن ۾ خدا جي تعريف جا راڳ ڳائين. ۽ هنن خوشيءَ سان راڳ ڳايا ۽ هنن پنهنجا سر جهڪايا ۽ سجدو ڪيائون.


يهوداہ تي بہ خدا جو هٿ هو تہ هنن کي هڪ دل ڪري، انهي لاءِ تہ هو خداوند جي ڪلام موجب بادشاهہ ۽ اميرن جي حڪم جي تعميل ڪن.


۽ مون لاوين کي حڪم ڏنو تہ پاڻ کي پاڪ ڪري اچي دروازن جي نگهباني ڪن، تہ سبت جو ڏينهن پاڪ رهي. اي منهنجا خدا، اهو بہ منهنجي حق ۾ ياد رکج، ۽ پنهنجيءَ وڏيءَ رحمت موجب مون کي معاف ڪج.


يويدع بن الياسب سردار ڪاهن جي پٽن مان هڪڙو سنبلط حورونيءَ جو ناٺي هو: تنهنڪري مون هن کي پاڻ وٽان هڪلي ڪڍيو.


تڏهن موسيٰ ماڻهن کي چيو تہ ڊڄو نہ، صبر ڪريو خداوند جو ڇوٽڪارو ڏسو جو اڄ هو ظاهر ڪندو: ڇالاءِ تہ جن مصرين کي اوهين اڄ ڏسو ٿا، تن کي وري ڪڏهن بہ ڪين ڏسندا.


ائين چڱو آهي تہ ماڻهو اُميد رکي، ۽ خداوند جي نجات لاءِ منتظر رهي.


۽ جيڪي ڪاهن خداوند جي عهدنامي جي صندوق کنيو ٿي آيا، سي يردن جي وچ ۾ سڪي زمين تي محڪم بيهي رهيا، جيستائين ڪ ساري قوم يردن لنگهي پار ٿي.


ماڻهن کي حڪم ڏنو تہ جڏهن اوهين خداوند پنهنجي خدا جي عهدنامي جي صندوق لاوي ڪاهنن کي کڻندو ڏسو، تڏهن اوهين پنهنجي جاءِ تان ڪوچ ڪجو، ۽ انهيءَ جي پٺيان اُٿي هلجو.


پوءِ خداوند يشوع کي چيو تہ اڄوڪي ڏينهن آءٌ اسرائيل جي سامهون تنهنجي وڏائي ظاهر ڪرڻ شروع ڪندس، تہ هو ڄاڻن تہ جهڙيءَ طرح آءٌ موسيٰ سان هوس، تيئن توسان بہ هوندس.


۽ يشوع بني اسرائيل کي چيو، تہ ويجهو اچو، ۽ اچي خداوند پنهنجي خدا جا حڪم ٻڌو.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن سڀ ماڻهو پار لنگهي ويا، تڏهن خداوند جي صندوق ۽ ڪاهن، ماڻهن جي روبرو پار لنگهيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ