Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 3:7 - Sindhi Bible

7 پوءِ خداوند يشوع کي چيو تہ اڄوڪي ڏينهن آءٌ اسرائيل جي سامهون تنهنجي وڏائي ظاهر ڪرڻ شروع ڪندس، تہ هو ڄاڻن تہ جهڙيءَ طرح آءٌ موسيٰ سان هوس، تيئن توسان بہ هوندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 خداوند يشوع کي فرمايو تہ ”اڄ آءٌ اهڙو ڪم ڪندس جنهن مان تون سڄي بني اسرائيل جي نظر ۾ سرفراز ٿيڻ شروع ٿيندين، تہ جيئن هو ڄاڻن تہ جهڙيءَ طرح آءٌ موسيٰ سان گڏ هئس، تهڙيءَ طرح تو سان بہ آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 3:7
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ خداوند ساري اسرائيل جي نگاهہ ۾ سليمان کي نهايت سرفراز ڪيو، ۽ کيس اهڙو شاهاڻو شان بخشيائين، جهڙو کانئس اڳي اسرائيل ۾ ڪنهن بہ بادشاهہ کي نصيب نہ ٿيو هو.


۽ سليمان بن دائود پنهنجي بادشاهت ۾ مضبوط ٿيو، ۽ خداوند هن جو خدا ساڻس هو، ۽ هن کي تمام گهڻو وڌايائين.


ماڻهو ڇا آهي جو تون انهيءَ کي پڏائين ٿو، ۽ انهيءَ سان پنهنجي دل ٿو لائين.


تو مون کي پنهنجي نجات جي ڍال ڏني آهي: ۽ تنهنجي ساڄي هٿ منهنجي سنڀال ڪئي آهي، ۽ تنهنجيءَ مروت مون کي عظمت ڏني آهي.


اهي ڳالهيون يسوع ڪيون، ۽ پنهنجيون اکيون آسمان ڏانهن کڻي چيائين، تہ اي بابا، اُها گهڙي آئي آهي؛ پنهنجي فرزند جو جلال ظاهر ڪر، تہ فرزند تنهنجو جلال ظاهر ڪري:


جو منهنجي دل جي آرزو ۽ اُميد اها آهي، تہ آئون ڪنهن بہ ڳالهہ ۾ شرمندو نہ ٿيان، بلڪ ڏاڍيءَ بهادريءَ سان هميشہ وانگر هاڻي بہ منهنجي بدن ڪري مسيح جي وڏائي ٿئي، پوءِ توڙي جيئرو رهان يا مري وڃان:


جهڙيءَ طرح سڀني ڳالهين ۾ اسان موسيٰ جي فرمانبرداري ڪئي، تهڙيءَ طرح تنهنجي فرمانبرداري ڪنداسين: رڳو خداوند تنهنجو خدا تو ساڻ حامي هجي، جيئن موسيٰ سان هو.


تنهنجي سڄي حياتيءَ جي ڏينهن ۾ ڪوبہ ماڻهو تنهنجي سامهون بيهي نہ سگهندو: جيئن آءٌ موسيٰ سان هوس، تيئن توسان بہ هوندس: آءٌ توکي وساري نہ ڇڏيندس، نڪي توکي ڇڏي ڏيندس.


مون توکي ائين حڪم نہ ڪيو آهي ڇا؟ مضبوط ٿيءُ ۽ چڱي همت ڌار؛ ڊڄ نہ، نڪو خوف ڪر: ڇالاءِ جو جتي بہ تون ويندين اُتي خداوند تنهنجو خدا تو ساڻ آهي.


۽ يشوع ڪاهنن کي چيو تہ عهدنامي جي صندوق کڻي ماڻهن جي اڳيان اوهين پار لنگهو، ۽ هو صندوق کڻي اُٿي هليا.


۽ جيڪي ڪاهن عهدنامي جي صندوق کڻن ٿا تن کي تون حڪم ڏيئي چئُہ، تہ جڏهن يردن نديءَ جي ڪناري تي پهچن، تڏهن يردن جي پاڻيءَ ۾ ماٺ ڪري بيهي رهن.


انهيءَ ڏينهن خداوند اسرائيل جي نظر ۾ يشوع جي وڏائي ظاهر ڪئي؛ ۽ سندس حياتيءَ جا سڀ ڏينهن هو کانئس اهڙو ڊڄندا هئا جهڙو موسيٰ کان ڊڄندا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ