Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 3:6 - Sindhi Bible

6 ۽ يشوع ڪاهنن کي چيو تہ عهدنامي جي صندوق کڻي ماڻهن جي اڳيان اوهين پار لنگهو، ۽ هو صندوق کڻي اُٿي هليا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 يشوع ڪاهنن کي چيو تہ ”عهد واري صندوق کڻو ۽ ماڻهن جي اڳيان اڳيان هلو.“ سو هنن اها صندوق کنئي ۽ ماڻهن جي اڳيان هلڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 3:6
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اسرائيل جا سڀ بزرگ آيا، ۽ ڪاهنن اچي صندوق کنئي.


۽ اسرائيل جا سڀ بزرگ آيا، ۽ لاوين صندوق کنئي.


ڀڃندڙ هنن جي اڳيان لنگهي ويو آهي: هو ڀڃندا در تائين پهتا آهن ۽ لنگهي ٻاهر ويا آهن: ۽ هنن جو بادشاهہ بہ سندن اڳيان ويو آهي ۽ خداوند سندن سردار ٿيو آهي.


پوءِ هو خداوند جي جبل کان روانا ٿيا، ۽ ٽي ڏينهن پنڌ ڪيائون، ۽ خداوند جي عهد جي صندوق ٽن ڏينهن جي پنڌ تائين، انهن جي واسطي آرام جي جاءِ ڳولڻ لاءِ سندن اڳيان پئي هلي.


هاڻي جيڪڏهن تون هن اُمت کي هڪڙي ماڻهوءَ وانگر ماريندين، تہ جن قومن تنهنجي ناموس ٻڌي آهي، سي چونديون تہ


جتي يسوع اسان جي خاطر، هميشہ جي لاءِ ملڪ صدق جي طريقي موجب سردار ڪاهن ٿي پيشوا جي حيثيت ۾ داخل ٿيو آهي.


ماڻهن کي حڪم ڏنو تہ جڏهن اوهين خداوند پنهنجي خدا جي عهدنامي جي صندوق لاوي ڪاهنن کي کڻندو ڏسو، تڏهن اوهين پنهنجي جاءِ تان ڪوچ ڪجو، ۽ انهيءَ جي پٺيان اُٿي هلجو.


۽ يشوع ماڻهن کي چيو تہ پاڻ کي اوهين پاڪ ڪريو؛ ڇالاءِ جو سڀاڻي خداوند اوهان منجهہ ڪي عجائب ظاهر ڪندو.


پوءِ خداوند يشوع کي چيو تہ اڄوڪي ڏينهن آءٌ اسرائيل جي سامهون تنهنجي وڏائي ظاهر ڪرڻ شروع ڪندس، تہ هو ڄاڻن تہ جهڙيءَ طرح آءٌ موسيٰ سان هوس، تيئن توسان بہ هوندس.


تڏهن يشوع بن نون، ڪاهنن کي سڏي چيو تہ عهدنامي جي صندوق کڻو، ۽ ست ڪاهن گهٽن جي سڱن جون ست قرنائيون خداوند جي صندوق جي اڳيان کڻي هلن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ