Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 3:5 - Sindhi Bible

5 ۽ يشوع ماڻهن کي چيو تہ پاڻ کي اوهين پاڪ ڪريو؛ ڇالاءِ جو سڀاڻي خداوند اوهان منجهہ ڪي عجائب ظاهر ڪندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 پوءِ يشوع ماڻهن کي چيو تہ ”اوهين پاڻ کي پاڪ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ سڀاڻي خداوند اوهان منجھہ ڪي عجب جهڙا ڪم ڪندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 3:5
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هيئن ٿيندو هو تہ جڏهن انهن جي مجلس ڪرڻ جا ڏينهن لنگهي ويندا هئا تڏهن ايوب هنن کي پاڪ ڪندو هو، ۽ هو سوير اُٿي انهن سڀني جي شمار موجب سوختني قربانيون چاڙهندو هو: ڇالاءِ جو ايوب چوندو هو تہ متان منهنجن پٽن گناهہ ڪيو هجي، ۽ پنهنجي دل ۾ خدا کي ڇڏي ڏنو هجي. انهيءَ طرح هميشہ ايوب ڪندو هو.


تو پنهنجي اُمت کي يعني يعقوب ۽ يوسف جي اولاد کي ڇڏايو آهي.


ڇو جو تون عظيم آهين، ۽ عجيب ڪم ٿو ڪرين: فقط تون ئي خدا آهين.


ماڻهو ميڙيو، جماعت خاص طرح مقرر ڪريو، بزرگن کي گڏ ڪريو؛ ٻار ۽ کير پياڪ معصوم گڏ ڪريو: ڀلي گهوٽ پنهنجي ڪوٺيءَ مان، ۽ ڪنوار پنهنجي خلوت مان نڪري اچي.


تڏهن موسيٰ هارون کي چيو تہ، هيءَ اها ئي ڳالهہ آهي جا خداوند فرمائي هئي، تہ جيڪي منهنجي ويجهو ايندا، تن ۾ آءٌ پاڪ سمجهيو ويندس، ۽ سڀني ماڻهن جي اڳيان منهنجو جلال ظاهر ٿيندو: ۽ هارون ماٺ ڪري بيهي رهيو.


تنهنڪري اوهين پاڻ کي پاڪ ڪريو، ۽ پاڪ رهو: ڇالاءِ جو آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.


ماڻهو هيڏانهن هوڏانهن وڃي اها گڏ ڪندا هئا، ۽ انهيءَ کي جنڊ ۾ پيهندا هئا، يا اُکرين ۾ ڪُٽيندا هئا، ۽ ديڳڙن ۾ ٿورو ٻاڦي، پوءِ انهيءَ مان مانيون پچائيندا هئا؛ انهيءَ جو سواد تازي تيل جهڙو هو.


۽ انهن جي خاطر آئون پاڻ کي پاڪ ٿو ڪريان، تہ اهي پڻ سچ ۾ پاڪ ٿين.


۽ هيئن ٿيندو تہ جنهن وقت خداوند، يعني ساري دنيا جي خداوند جي صندوق کڻڻ وارن ڪاهنن جا پير يردن جي پاڻيءَ ۾ لڳندا، انهيءَ وقت يردن جو پاڻي هيٺ ايندڙ پاڻيءَ کان ڌار ٿي پوندو، ۽ چڙهي بيهي رهندو.


۽ صندوق کڻڻ وارا يردن وٽ آيا، ۽ ڪاهنن جا پير ڪناري واري پاڻيءَ ۾ ٽٻيا، (ڇالاءِ جو يردن فصل جي موسم ۾ پنهنجن سڀني ڪنارن تان اُٿلي پوندي آهي،)


پر اوهان جي، ۽ انهيءَ جي وچ ۾، اٽڪل ٻن هزارن هٿن جيتري وڇوٽي رهي. انهيءَ کي ويجهو نہ اچجو، تہ جنهن رستي تان اوهان کي هلڻو آهي تنهن جي اوهان کي خبر پوي؛ ڇالاءِ جو اوهين اڳي ڪڏهن بہ هن رستي کان نہ آيا آهيو.


۽ يشوع ڪاهنن کي چيو تہ عهدنامي جي صندوق کڻي ماڻهن جي اڳيان اوهين پار لنگهو، ۽ هو صندوق کڻي اُٿي هليا.


اُٿ، ماڻهن کي پاڪ ڪر، ۽ چئين تہ سڀاڻي جي لاءِ اوهين پاڻ کي پاڪ ڪريو: ڇالاءِ جو خداوند اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اي اسرائيل تنهنجي وچ ۾ هڪڙي لعنت ڪيل شيءِ آهي، ۽ جيستائين اوهين اُها لعنت ڪيل شيءِ پاڻ وٽان ڪڍي نہ ڇڏيندا، تيستائين اوهين پنهنجن دشمنن جي اڳيان بيهي نہ سگهندا.


۽ هن چيو تہ خير مان: آءٌ خداوند جي لاءِ قرباني چاڙهڻ آيو آهيان. پاڻ کي پاڪ ڪريو، ۽ مون سان قربانيءَ تي هلو. ۽ هن يسيءَ ۽ سندس پٽن کي پاڪ ڪيو، ۽ هنن کي قربانيءَ تي سڏيائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ