Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 3:4 - Sindhi Bible

4 پر اوهان جي، ۽ انهيءَ جي وچ ۾، اٽڪل ٻن هزارن هٿن جيتري وڇوٽي رهي. انهيءَ کي ويجهو نہ اچجو، تہ جنهن رستي تان اوهان کي هلڻو آهي تنهن جي اوهان کي خبر پوي؛ ڇالاءِ جو اوهين اڳي ڪڏهن بہ هن رستي کان نہ آيا آهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 اهو انهيءَ لاءِ تہ جنهن رستي تان اوهان کي هلڻو آهي تنهن جي اوهان کي خبر پوي، ڇاڪاڻ تہ اوهين اڳي ڪڏهن بہ هن رستي سان نہ لنگھيا آهيو. پر عهد واري صندوق جي ويجھو نہ وڃجو، اوهان جي ۽ انهيءَ جي وچ ۾ اٽڪل هڪ ڪلوميٽر جيتري وٿي هجڻ گھرجي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 3:4
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ يعقوب لابن جي منهن ڏانهن نظر ڪئي ۽ هن جو رخ پاڻ ڏانهن اڳئين جهڙو نہ ڏٺائين.


گذريل وقت ۾، جڏهن سائول بادشاهہ هوندو هو، تڏهن بہ اُهو تون ئي هئين جنهن اسان کي وٺي اسرائيل ۾ آندو: ۽ خداوند تنهنجي خدا توکي چيو تہ تون منهنجي قوم اسرائيل کي کارائيندي پياريندين، ۽ منهنجي قوم اسرائيل جو بادشاهہ ٿيندين.


اهو ڪهڙو ماڻهو آهي جو خداوند کان ڊڄي ٿو؟ هو ان کي اهو رستو ڏيکاريندو جو کيس پسند آهي.


هو اهڙو خدا آهي جو پاڪ ماڻهن جي جماعت ۾ تعظيم جي لائق آهي؛ ۽ جيڪي سندس آس پاس آهن تن سڀني کان هو وڌيڪ هيبتناڪ آهي.


۽ تون ماڻهن جي لاءِ چوڌاري حدون مقرر ڪري انهن کي چئُہ تہ خبردار رهو، ڪوبہ ماڻهو جبل تي نہ چڙهي، نڪي انهيءَ جي ڪناري کي ڇهي: جيڪو بہ جبل کي هٿ لائيندو، سو ضرور ماريو ويندو:


تڏهن هن چيو تہ هتي ويجهو نہ اچ؛ پنهنجن پيرن مان جتي لاهہ، ڇالاءِ جو اهو هنڌ جتي تون بيٺو آهين، سا پاڪ زمين آهي.


تڏهن موسيٰ خداوند کي چيو تہ اي خداوند، آءٌ ڳالهائڻ ۾ هوشيار نہ آهيان، نہ هن کان اڳي هوس، نڪي تو پنهنجي ٻانهي سان ڳالهايو، تنهن کان پوءِ ٿيو آهيان؛ ڇالاءِ جو منهنجيءَ زبان ۾ ڍرائي آهي ۽ ڳالهائڻ ۾ هٻڪندو آهيان.


ڇالاءِ جو قديم زماني کان توفت تيار ڪيل آهي؛ هائو، اهو بادشاهہ جي لاءِ تيار ڪيل آهي؛ هن انهي کي اونهو ۽ وڏو ڪيو آهي: انهي ۾ باهہ ۽ گهڻين ڪاٺين جو ڍير آهي؛ خداوند جو دم گندرف جي نهر وانگي انهي کي ٻاري ٿو.


خداوند خدا تنهنجو ڪفارو ڏيندڙ، اسرائيل جو پاڪ خدا، هيئن ٿو فرمائي: آءٌ خداوند تنهنجو خدا آهيان، جو توکي فائدي جي تعليم ٿو ڏيان، جو توکي انهي رستي تي ٿو هلايان، جنهن تي توکي هلڻ گهرجي.


ماڻهن کي حڪم ڏنو تہ جڏهن اوهين خداوند پنهنجي خدا جي عهدنامي جي صندوق لاوي ڪاهنن کي کڻندو ڏسو، تڏهن اوهين پنهنجي جاءِ تان ڪوچ ڪجو، ۽ انهيءَ جي پٺيان اُٿي هلجو.


۽ يشوع ماڻهن کي چيو تہ پاڻ کي اوهين پاڪ ڪريو؛ ڇالاءِ جو سڀاڻي خداوند اوهان منجهہ ڪي عجائب ظاهر ڪندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ