Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 3:17 - Sindhi Bible

17 ۽ جيڪي ڪاهن خداوند جي عهدنامي جي صندوق کنيو ٿي آيا، سي يردن جي وچ ۾ سڪي زمين تي محڪم بيهي رهيا، جيستائين ڪ ساري قوم يردن لنگهي پار ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 3:17
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ايلياہ پنهنجي چادر کڻي ويڙهي سيڙهي پاڻيءَ کي هنئي تہ پاڻي هِن پاسي ۽ هُن پاسي ڌار ٿي بيهي رهيو، جنهنڪري هو ٻئي سڪيءَ زمين تان لنگهي پار ويا.


هن سمنڊ کي ڦيرائي سُڪي زمين ڪيو: اهي درياهہ مان پنڌ هليا ويا: هن جي ڪري اسان اتي خوشيون ڪيون.


۽ موسيٰ پنهنجو هٿ سمنڊ تي ڊگهيريو تہ خداوند ساري رات اڀرندي جو واءُ لڳايو، ۽ سمنڊ کي هٽائي سڪائي ڇڏيائين، ۽ پاڻي وچ مان چيرجي پيو.


۽ بني اسرائيل سمنڊ جي وچ مان سڪيءَ زمين تان لنگهي ويا، ۽ انهن جي ساڄي هٿ پاسي کان ۽ کاٻي هٿ پاسي کان پاڻي سندن لاءِ ڀت وانگر ٿي پيو.


پر بني اسرائيل سمنڊ جي وچ ۾ بہ سڪيءَ زمين تي پنڌ ڪيو، ۽ پاڻي هنن جي ساڄي هٿ پاسي توڙي کٻي پاسي، سندن لاءِ ڀت وانگر بيٺو هو.


هن هميشہ لاءِ موت کي فنا ڪري ڇڏيو آهي؛ ۽ خداوند خدا سڀني جي منهن تان ڳوڙها اُگهي ڇڏيندو؛ ۽ پنهنجي قوم جي ملامت ساري زمين جي سطح تان ڪڍي ڇڏيندو؛ ڇالاءِ جو خداوند ائين فرمايو آهي.


جڏهن اوهين يردن ندي اُڪري، ڪنعان جي ملڪ ۾ داخل ٿيو،


ايمان ئي جي ڪري هو ڳاڙهي سمنڊ مان ائين لنگهي ويا جيئن سُڪيءَ تان لنگهبو آهي: ۽ جڏهن مصرين بہ ائين ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، تڏهن ٻُڏي مُئا.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن ساري قوم يردن لنگهي پار ٿي، تڏهن خداوند يشوع سان ڳالهايو، ۽ چيائينس تہ


ڇالاءِ جو جن ڪاهنن صندوق کنئي هئي، سي يردن جي وچ ۾ بيٺا هئا، جيستائين ڪ سڀ ڪم پورو ٿيو: پوءِ خداوند يشوع کي حڪم ڏنو، تہ جيڪي حڪم موسيٰ يشوع کي ڏنا هئا، انهن سڀني مطابق ماڻهن کي سمجهاءِ: ۽ ماڻهو جلدي جلدي پار لنگهي ويا.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن سڀ ماڻهو پار لنگهي ويا، تڏهن خداوند جي صندوق ۽ ڪاهن، ماڻهن جي روبرو پار لنگهيا.


تڏهن اوهين پنهنجي اولاد کي خبر ڏجو تہ اسرائيلي يردن مان سڪيءَ زمين تان لنگهي آيا.


۽ انهن کي حڪم ڏي تہ يردن جي وچ ۾ جنهن هنڌ ڪاهنن جا پير محڪم بيٺا هئا، اُتان ٻارهن پٿر پاڻ سان کڻي هلن، ۽ جنهن هنڌ اوهين اڄوڪي رات وڃي ٽڪو اُتي اُهي ڇڏي ڏجو.


۽ هيئن ٿيو تہ امورين جا سڀ بادشاهہ جي يردن جي الهندي پاسي هئا، ۽ ڪنعانين جا سڀ بادشاهہ جي سمنڊ جي ڪناري سان هئا، تن جڏهن ٻڌو تہ خداوند يردن جو پاڻي بني اسرائيل جي اڳيان سڪائي ڇڏيو آهي، جيستائين ڪ هو پار لنگهي ويا، تڏهن هنن جي دل پگهرجي ويئي، ۽ بني اسرائيل جي ڊپ کان منجهن وڌيڪ همت ڪانہ رهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ