Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 3:14 - Sindhi Bible

14 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن ماڻهو پنهنجن تنبن مان ڪوچ ڪري يردن جي پار وڃڻ لاءِ نڪتا، ۽ عهدنامي جي صندوق کڻڻ وارا ڪاهن ماڻهن جي اڳيان هليا؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 سو جڏهن ماڻهو اردن درياءَ جي پار وڃڻ لاءِ منزل کڻي نڪتا تہ ڪاهن عهد واري صندوق کڻي ماڻهن جي اڳيان اڳيان هلندا رهيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 3:14
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي خداوند اُتي پنهنجيءَ آرامگاهہ ۾ اچ؛ تون ۽ تنهنجي قدرت جي صندوق.


۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن اوهين وڌندا ۽ اوهين ملڪ ۾ گهڻا ٿيندا، تڏهن خداوند ٿو فرمائي تہ انهن ڏينهن ۾ هو وري اڳتي ائين نہ چوندا تہ خداوند جي عهدنامي جي صندوق؛ نڪا اها ڳالهہ دل ۾ ايندي: نڪي انهي کي هو ياد ڪندا؛ نڪي هو انهي جي زيارت ڪندا؛ نڪي وري اڳتي ائين ڪرڻ ۾ ايندو.


هي شريعت جو ڪتاب کڻي، خداوند پنهنجي خدا جي عهد جي صندوق جي پاسي ۾ رکو، تہ ڀلي تہ اها اوهان تي شاهدي هجي.


انهي ۾ سونو خوشبودان، ۽ عهد جي صندوق هئي، جا چوڌاري سون سان مڙهيل هئي، ۽ منجهس من سان ڀريل هڪڙو سونو ٿانءُ، ۽ هارون جي لٺ جنهن مُکڙيون جهليون، ۽ عهد جون تختيون هيون؛


۽ اوهين يردن لنگهي پار پيا ۽ يريحو ۾ آيا: ۽ يريحو جا ماڻهو اوهان سان وڙهيا، يعني اموري، ۽ فرزي، ۽ ڪنعاني، ۽ حتي، ۽ جرجاسي، ۽ حوي، ۽ يبوسي؛ ۽ اُهي مون اوهانجن هٿن ۾ ڏنا.


ماڻهن کي حڪم ڏنو تہ جڏهن اوهين خداوند پنهنجي خدا جي عهدنامي جي صندوق لاوي ڪاهنن کي کڻندو ڏسو، تڏهن اوهين پنهنجي جاءِ تان ڪوچ ڪجو، ۽ انهيءَ جي پٺيان اُٿي هلجو.


۽ يشوع ڪاهنن کي چيو تہ عهدنامي جي صندوق کڻي ماڻهن جي اڳيان اوهين پار لنگهو، ۽ هو صندوق کڻي اُٿي هليا.


تڏهن يشوع بن نون، ڪاهنن کي سڏي چيو تہ عهدنامي جي صندوق کڻو، ۽ ست ڪاهن گهٽن جي سڱن جون ست قرنائيون خداوند جي صندوق جي اڳيان کڻي هلن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ