Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 3:13 - Sindhi Bible

13 ۽ هيئن ٿيندو تہ جنهن وقت خداوند، يعني ساري دنيا جي خداوند جي صندوق کڻڻ وارن ڪاهنن جا پير يردن جي پاڻيءَ ۾ لڳندا، انهيءَ وقت يردن جو پاڻي هيٺ ايندڙ پاڻيءَ کان ڌار ٿي پوندو، ۽ چڙهي بيهي رهندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 جنهن وقت سڄي دنيا جي خداوند جي عهد واري صندوق کڻي هلندڙ ڪاهنن جا پير اردن درياءَ جي پاڻيءَ ۾ لڳندا انهيءَ ئي وقت اردن درياءَ جي پاڻيءَ جو وهڪرو بند ٿي ويندو ۽ پاڻي هڪ هنڌ ڪٺو ٿي بيهي رهندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 3:13
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي خداوند، عظمت، ۽ قدرت، ۽ جلال، ۽ فتح ۽ حشمت تنهنجي آهي: ڇالاءِ جو جيڪي ڪجهہ آسمان ۽ زمين ۾ آهي سو تنهنجو آهي. اي خداوند، بادشاهي تنهنجي آهي، ۽ تون ئي سڀني جي مٿان بلند آهين.


هو سمنڊ جي پاڻيءَ کي گڏي ڍڳ ڪري ٿو رکي: ۽ اونهن پاڻين کي انبار خانن ۾ رکي ٿو ڇڏي.


تو چشما ۽ ٻوڏ جاري ڪيا: تو وڏا وڏا درياهہ سڪائي ڇڏيا.


هن سمنڊ کي چيري انهن کي پار لنگهايو: ۽ پاڻيءَ کي ڍڳ ڪري بيهاريائين.


تنهنجن ناسن جي هوا سان پاڻي ڍڳ ٿي پيا، ۽ لهرون ٽڪرين وانگي اُڀيون ٿي بيٺيون؛ اونهو پاڻي سمنڊ جي وچ ۾ ڄمي بيهي رهيو.


ڇالاءِ جو جنهن توکي جوڙيو آهي، سو تنهنجو مڙس آهي؛ انهي جو نالو لشڪرن جو خداوند آهي: اسرائيل جو قدوس تنهنجو ڇڏائيندڙ آهي؛ هو ساري زمين جو خدا سڏيو ويندو.


تون پنهنجن گهوڙن تي سوار ٿي، سمنڊ جي مٿان پاڻيءَ جي ڍڳ تي لنگهي وئين.


تڏهن هن چيو، تہ اهي ٻئي مسح ٿيل فرزند آهن، جي رب العالمين اڳيان بيهن ٿا.


ڏسو ساري دنيا جي خداوند جي عهدنامي جي صندوق، اوهان جي اڳيان يردن مان پار لنگهيو ٿي وڃي.


تڏهن اوهين انهن کي اهو جواب ڏجو تہ يردن جو پاڻي خداوند جي عهدنامي جي صندوق اڳيان ڇڄي ڌار ٿيو؛ ۽ اهي پٿر بني اسرائيل جي لاءِ هميشہ واسطي هڪڙي يادگاريءَ جي نشاني ٿي قائم رهندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ