Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 3:10 - Sindhi Bible

10 ۽ يشوع چيو تہ انهي ڪري اوهان کي خبر پوندي تہ زندہ خدا اوهان جي وچ ۾ موجود آهي، ۽ هو ضرور ڪنعانين، ۽ حتين، ۽ حوين، ۽ فرزين، ۽ جرجاسين، ۽ امورين، ۽ يبوسين کي اوهان جي اڳيان هڪالي ڪڍندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10-11 ڏسو، سڄي دنيا جي خداوند جي عهد واري صندوق اوهان جي اڳيان اڳيان اردن درياءَ ۾ وڃڻ واري آهي. اوهان کي انهيءَ مان خبر پوندي تہ زندہ خدا اوهان جي وچ ۾ موجود آهي ۽ هو ضرور ڪنعانين، حتين، حوين، فرزين، جِرجاشين، امورين ۽ يبوسين کي اوهان جي اڳيان اتان ڀڄائي ڪڍندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 3:10
37 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اموري، ڪنعاني، جرجاسي ۽ يبوسي، انهن سڀني جو ملڪ، مون تنهنجي اولاد کي ڏنو آهي.


۽ ميڪاياہ چيو تہ جيڪڏهن تون ڪنهن بہ طرح صحيح سلامت موٽي آئين تہ خداوند منهنجي معرفت نہ ڳالهايو آهي. ۽ هن چيو تہ اوهين سڀ ٻڌو.


من خداوند تنهنجو خدا ربشاقيءَ جون سڀ ڳالهيون ٻڌي، جنهن کي سندس ڌڻيءَ اسور جي بادشاهہ موڪليو آهي تہ جيئري خدا کي ملامت ڪري، ۽ جيڪي ڳالهيون خداوند تنهنجي خدا ٻڌيون آهن تن بابت هو ڇڙٻي: تنهنڪري باقي جيڪي بچيا آهن، تن جي حق ۾ دعا گهر.


منهنجي جان خدا لاءِ يعني زندہ خدا لاءِ اُڃايل آهي: آءٌ ڪڏهن وڃي خدا جي حضور ۾ حاضر ٿيندس.


خداوند پاڻ کي ظاهر ڪيو آهي، هن انصاف ڪيو آهي، بڇڙو پنهنجي ئي هٿن جي ڪم ۾ ڦاٿل آهي.


هن انهيءَ جاءِ جو نالو مساہ ۽ مريباہ رکيو؛ ڇالاءِ جو بني اسرائيل اتي ساڻس وڙهيا هئا، ۽ هنن اتي خداوند کي آزمايو هو، ۽ چيو هئائون تہ ڏسون تہ خداوند اسان جي وچ ۾ آهي يا نہ؟


۽ آءٌ انهيءَ لاءِ نازل ٿيو آهيان تہ هنن کي مصرين جي هٿان ڇڏايان، ۽ کين هن ملڪ مان ڪڍي، ٻئي ڪنهن چڱي ۽ وڏي ملڪ ۾ نيان؛ جتي کير ۽ ماکي پيئي وهندي هجي؛ يعني ڪنعانين، حتين، امورين،


۽ آءٌ هڪڙو فرشتو تنهنجي اڳيان موڪليندس، ۽ آءٌ ڪنعانين، امورين، حتين، فريزين، حوين ۽ يبوسين کي هڪالي ڪڍندس.


تنهن ڪري خداوند پاڻ اوهان کي هڪڙو نشان ڏيندو؛ ڏسو، هڪڙي ڪنواري زال پيٽ سان ٿيندي، ۽ هڪڙو پٽ ڄڻيندي، ۽ انهيءَ جو نالو عمانوايل رکندي.


پر خداوند سچو خدا آهي؛ هو جيئرو خدا، ۽ دائم قائم بادشاهہ آهي: ان جي ڪاوڙ تي زمين ڏڪي ٿي، ۽ قومون ان جو غصو سهي نٿيون سگهن.


انهي هوندي بہ بني اسرائيل جو شمار سمنڊ جي واريءَ جيترو ٿيندو، جا نہ ماپي ٿي سگهجي، ۽ نہ ڳڻي ٿي سگهجي؛ ۽ هيئن ٿيندو تہ جنهن هنڌ هنن کي چيو ويو آهي تہ اوهين منهنجي اُمت نہ آهيو، انهي هنڌ هنن کي چيو ويندو تہ اوهين جيئري خدا جا پٽ آهيو.


انهي ملڪ جي ڏکڻ ۾ عماليقي ٿا رهن، ۽ حتي ۽ يبوسي ۽ اموري جبلن ۾ ٿا رهن، ۽ سمنڊ واري پاسي ۽ يردن جي ڪناري تي ڪنعاني ٿا رهن.


۽ شمعون پطرس ورندي ڏيئي چيو تہ تون مسيح، زندہ خدا جو فرزند آهين.


۽ اسان ايمان آندو آهي، ۽ ڄاتو اٿئون تہ تون اُهو خدا جو قدوس آهين.


تڏهن انهي ڏينهن مون کي ماڻهن تي ڏاڍي ڪاوڙ ايندي، ۽ آءٌ انهن کي ڇڏي ڏيندس، ۽ پنهنجو منهن انهن کان لڪائي ڇڏيندس، ۽ اهي کاڄ ٿي ويندا، ۽ گهڻيون ئي خرابيون ۽ مصيبتون مٿن اينديون؛ جنهن ڪري انهي ڏينهن اهي چوندا، تہ هي خرابيون اسان تي انهي ڪري نہ آيون آهن ڇا جو اسان جو خدا اسان منجهہ ڪونهي.


ڇالاءِ جو اهڙو ڪهڙو انسان آهي، جو اسان وانگر باهہ جي وچ مان زندہ خدا کي ڳالهائيندو ٻڌي، ۽ پوءِ بہ جيئرو رهي؟


جڏهن خداوند تنهنجو خدا توکي انهي ملڪ ۾ پهچائي، جنهن کي هٿ ڪرڻ لاءِ تون وڃين ٿو، ۽ اتي جون ست قومون، يعني حتي، جرجاسي، اموري، ڪنعاني، فرزي، حوي ۽ يبوسي، جي توکان وڏيون ۽ زور واريون آهن، تن کي تنهنجي اڳيان هڪالي ڪڍي؛


تون انهن کان ڪوبہ خوف نہ ڪج: ڇالاءِ جو خداوند تنهنجو خدا تنهنجي وچ ۾ آهي، هو عظيم ۽ خوفناڪ آهي.


ڇالاءِ جو هو پاڻ اسان جي نسبت ۾ ذڪر ٿا ڪن تہ ڪهڙيءَ طرح اوهان وٽ اسان جو اچڻ ٿيو؛ ۽ ڪهڙيءَ طرح اوهين بُتن کي ڇڏي خدا ڏانهن ڦريا، تہ اُن سچي ۽ زندہ خدا جي بندگي ڪريو،


زندہ خدا جي هٿن ۾ پوڻ خوفناڪ ڳالهہ آهي.


۽ اُڀرندي ۽ اُلهندي ڏانهن ڪنعانين ڏي، ۽ امورين، ۽ حتين، ۽ فرزين، ۽ يبوسين ڏي، جي جابلو ملڪن ۾ هئا، ۽ حوين ڏي، جي مصفاہ جي ملڪ ۾ حرمون جي هيٺان هئا، تن سڀني کي اچڻ لاءِ چوائي موڪليو.


يعني جابلو ملڪ ۾، ۽ وادين ۾، ۽ ميدانن ۾، ۽ لاهين تي، ۽ بيابان ۾، ۽ ڏکڻ واري ملڪ ۾؛ حتي ۽ اموري، ۽ ڪنعاني، ۽ فرزي، ۽ حوي، ۽ يبوسي:


ڪابہ چڱي ڳالهہ جنهن بابت خداوند اسرائيل جي گهراڻي سان ذڪر ڪيو هو سا ڪانہ گٿي؛ سڀيئي اچي پوريون ٿيون.


۽ فينحاس بن اليعزر ڪاهن، بني روبن، ۽ بني جد، ۽ بني منسيءَ کي چيو تہ اڄ اسين ڄاڻون ٿا تہ خداوند اسان جي وچ ۾ آهي، ڇالاءِ جو اوهان خداوند جي برخلاف اهو قصور نہ ڪيو آهي: هاڻي اوهان بني اسرائيل کي خداوند جي هٿان ڇڏايو آهي.


۽ اوهين يردن لنگهي پار پيا ۽ يريحو ۾ آيا: ۽ يريحو جا ماڻهو اوهان سان وڙهيا، يعني اموري، ۽ فرزي، ۽ ڪنعاني، ۽ حتي، ۽ جرجاسي، ۽ حوي، ۽ يبوسي؛ ۽ اُهي مون اوهانجن هٿن ۾ ڏنا.


۽ يشوع بني اسرائيل کي چيو، تہ ويجهو اچو، ۽ اچي خداوند پنهنجي خدا جا حڪم ٻڌو.


۽ هيئن ٿيو تہ جيڪي بادشاهہ يردن جي اُلهندي ڀر، ٽڪرين ۾ ۽ وادين ۾، وڏي سمنڊ جي ڪنارن تي لبنان جي سامهون، يعني حتي ۽ اموري، ڪنعاني، فرزي، حوي ۽ يبوسي هئا، تن جڏهن اها خبر ٻڌي؛


۽ دائود جي آس پاس جيڪي ماڻهو بيٺا هئا تن کي هن چيو تہ جيڪو ماڻهو هن فلستيءَ کي ماري، ۽ اسرائيل تان اهو داغ دور ڪندو تنهن سان ڇا ڪيو ويندو؟ ڇالاءِ جو هي اڻطهريل فلستي ڪير آهي جو جيئري خدا جي لشڪرن کي اچي ٿو هاڪاري؟


تڏهن دائود اخيملڪ حتيءَ ۽ يوآب جي ڀاءُ، ضروياہ جي پٽ ابيشيءَ کي چيو، تہ مون سان ڪير گڏجي سائول وٽ لشڪرگاهہ ۾ لهي هلندو؟ تڏهن ابيشيءَ چيو تہ آءٌ توسان گڏجي هلندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ