Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 3:1 - Sindhi Bible

1 ۽ يشوع صبح جو سوير اُٿيو، ۽ هو، ۽ سڀ بني اسرائيلي شطيم مان روانا ٿيا ۽ يردن وٽ آيا، ۽ پار لنگهڻ کان اڳي اُتي ٽڪي پيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 ٻئي ڏينهن صبح جو يشوع ۽ بني اسرائيل جا سڀيئي ماڻهو شطيم مان اُٿي روانا ٿيا ۽ اردن درياءَ وٽ آيا، جتي هو ڪنعان ملڪ ڏانهن پار وڃڻ کان اڳ خيما کوڙي ترسي پيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 3:1
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو ابرهام صبح جو سوير اُٿيو، ۽ ماني، ۽ پاڻيءَ سان ڀريل هڪڙي مشق هاجرہ کي سندس ڪلهي تي رکي ڏنائين، ۽ ٻار سميت روانو ڪري ڇڏيائينس. هو اتان نڪري بيرسبع جي رڻ پٽ ۾ رلندي رهي.


تڏهن ابرهام صبح جو سوير اٿي پنهنجو گڏهہ پلاڻيو، ۽ قربانيءَ جي ساڙڻ لاءِ ڪاٺيون چيريائين، پوءِ پنهنجا ٻہ نوڪر ۽ پنهنجي پٽ اسحاق کي پاڻ سان وٺي، انهيءَ هنڌ ويو، جنهن جو خدا ڏس ڏنو هوس.


مون تنهنجن حڪمن تي عمل ڪرڻ ۾ سيگهہ ڪئي، ۽ دير ڪانہ ڪيم.


يهوداہ جي بادشاهہ يوسياہ بن آمون جي تيرهين سال کان وٺي اڄ ڏينهن تائين جيڪي ٽيويهہ ورهيہ گذريا آهن، تن ۾ خداوند جو ڪلام مون وٽ آيو آهي ۽ مون صبح جو سوير اُٿي اوهان کي ٻڌايو آهي؛ پر اوهان نہ ٻڌو.


۽ جن پنهنجن ٻانهن نبين کي صبح جو سوير اُٿي اوهان ڏي موڪليان ٿو، پر جن جي اوهان نہ ٻڌي آهي تن جون ڳالهيون جي اوهين نہ ٻڌندا؛


۽ هاڻي خداوند ٿو فرمائي تہ اوهان هي سڀ ڪم ڪيا آهن، ۽ مون اوهان سان سوير اُٿي ڳالهايو پر اوهان نہ ٻڌو: ۽ مون اوهان کي سڏيو پر اوهان جواب ڪونہ ڏنو:


اي منهنجي قوم، هاڻي ياد ڪر تہ موآب جي بادشاهہ ڪهڙي صلاح پڇي، ۽ بلعام بن بعور هن کي ڪهڙو جواب ڏنو؛ شتيم کان وٺي جلجال تائين ياد ڪريو، تہ اوهان کي خداوند جي سچن ڪمن جي خبر پوي.


۽ اسرائيلي شطيم ۾ رهڻ لڳا، ۽ ماڻهن موآٻين جي ڌيئرن سان زناڪاري ڪئي:


۽ صبح جو سج اُڀرڻ کان گهڻو اڳي هو اُٿي ٻاهر نڪتو، ۽ هڪڙي ويران هنڌ وڃي دعا گهُرڻ لڳو.


پوءِ يشوع بن نون، شطيم ڏانهن ٻہ ماڻهو موڪليا تہ ڳجهيءَ طرح جاسوسي ڪري اچن، ۽ چيائين تہ اوهين وڃي اهو ملڪ يعني يريحو ڏسي اچو. تڏهن هو ويا ۽ هڪڙي ڪسبياڻيءَ جي گهر وڃي ٽڪيا، جنهن جو نالو راحب هو.


۽ يشوع صبح جو سوير اُٿيو ۽ ڪاهنن خداوند جي صندوق کنئي.


۽ هيئن ٿيو تہ ستين ڏينهن هو پرهہ ڦٽيءَ مهل اُٿيا، ۽ اڳي وانگر شهر کي ست ڀيرا ڦري آيا: رڳو انهيءَ ڏينهن هو شهر جي چوڌاري ست ڀيرا ڦريا.


انهيءَ موجب يشوع صبح جو سوير اُٿيو، ۽ اسرائيل کي سندن فرقن موجب وٺي آيو؛ ۽ يهوداهہ جو فرقو پڪڙيو ويو:


۽ ٻئي ڏينهن يشوع صبح جو سوير اُٿيو، ۽ سڀ ماڻهو گڏ ڪيائين. پوءِ هو ۽ اسرائيل جا بزرگ، ماڻهن جي اڳيان ٿي عئيءَ ڏي هليا.


۽ بني اسرائيل صبح جو اُٿيا، ۽ جبعہ جي سامهون اچي منزل ڪيائون.


۽ دائود صبح جو سوير اُٿيو ۽ رڍون هڪڙي نگهبان جي حوالي ڪري، جيئن يسيءَ حڪم ڏنو هوس تيئن اُهي شيون کڻي هليو ويو؛ ۽ هو گاڏين جي جاءِ تي پهتو، ۽ انهي مهل جيڪو جيڪو لشڪر وڙهڻ لاءِ ٿي ويو، تنهن جنگ جي لاءِ نعرو ٿي هنيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ