Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 24:6 - Sindhi Bible

6 ۽ مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي مصر مان ڪڍيو، ۽ اوهين سمنڊ وٽ آيا؛ ۽ مصري جنگي گاڏيون ۽ گهوڙي سوار وٺي ڳاڙهي سمنڊ تائين اوهان جي ابن ڏاڏن جي پٺيان پيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 جڏهن مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي مصر مان ڪڍيو ۽ هو سمنڊ وٽ پهتا، تہ مصرين پنهنجي جنگي گاڏين ۽ گھوڙي سوارن سان ڳاڙهي سمنڊ تائين سندن پيڇو ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 24:6
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ تو اُنهن جي اڳيان سمنڊ چيريو، جنهنڪري هو سمنڊ جي وچان سڪي زمين تان لنگهيا؛ ۽ هنن جي پٺيان پوڻ وارن کي تو ائين اونهي سمنڊ ۾ اُڇلائي وڌو، جيئن ڪو پٿر کڻي پاڻيءَ ۾ اُڇلائبو آهي.


هن سمنڊ کي چيري انهن کي پار لنگهايو: ۽ پاڻيءَ کي ڍڳ ڪري بيهاريائين.


پوءِ بني اسرائيل رعمسيس کان مسافري ڪندا سڪات تائين آيا، ۽ اهي ٻارن کان سواءِ فقط مرد ماڻهو ڇهہ لک هئا.


انهيءَ ساڳئي ڏينهن هيئن ٿيو جو خداوند بني اسرائيل کي سندن لشڪرن موجب مصر جي ملڪ مان ٻاهر آندو.


ڇالاءِ جو مون توکي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو ۽ غلاميءَ جي گهر مان توکي ڇڏايو اٿم؛ تنهنجي اڳيان مون موسيٰ ۽ هارون ۽ مريم کي موڪليو.


اهوئي شخص هنن کي ڪڍي آيو؛ ۽ مصر ۾، ۽ ڳاڙهي سمنڊ ۾، ۽ رڻ پٽ ۾، چاليهہ ورهيہ عجب جهڙا ڪم ڪيائين، ۽ نشان ڏيکاريائين.


ايمان ئي جي ڪري هو ڳاڙهي سمنڊ مان ائين لنگهي ويا جيئن سُڪيءَ تان لنگهبو آهي: ۽ جڏهن مصرين بہ ائين ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، تڏهن ٻُڏي مُئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ