Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 24:33 - Sindhi Bible

33 ۽ هارون جي پٽ اليعزر بہ وفات ڪئي؛ ۽ انهيءَ کي بہ سندس پٽ فينحاس جي ٽڪر ۾ دفن ڪيائون، جو ٽڪر هن کي افرائيم جي ڪوهستان ۾ مليو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

33 هارون جي پٽ اليعزر وفات ڪئي ۽ کيس انهيءَ ٽڪريءَ تي دفن ڪيو ويو، جيڪا سندس پٽ فينحاس کي افرائيم جي جابلو علائقي ۾ ڏني ويئي هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 24:33
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

حقيقت ائين ناهي: پر افرائيم جي ڪوهستان جو هڪڙو ماڻهو، جنهن جو نالو سبع بن بڪري آهي، تنهن بادشاهہ تي، يعني دائود تي، پنهنجو هٿ کنيو آهي: رڳو انهي جي ٻانهن ڪڍي ڏي تہ آءٌ شهر مان هليو ويندس. ۽ زال يوآب کي چيو تہ ڏس، انهيءَ جي سسي ڀت تان اُڇلائي توکي ڏني ويندي.


۽ انهن جا نالا هي آهن: بن حور، افرائيم جي ڪوهستان ۾:


۽ هن چيو تہ ٻيو سڀ خير آهي. منهنجي ڌڻيءَ مون کي موڪليو آهي ۽ چوايو اٿس تہ ڏس، بلڪل هينئر، افرائيم جي ڪوهستان مان مون وٽ نبين جي پٽن مان ٻہ جوان ماڻهو آيا آهن؛ آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ اُنهن کي هڪڙو چانديءَ جو قنطار ۽ ٻہ وڳا ڪپڙن جا ڏي.


بن ابيسوع، بن فينحاس، بن اليعزر، بن هارون سردار ڪاهن:


ڇالاءِ جو آءٌ ڄاڻان ٿو تہ تون نيٺ مون کي ماريندين، ۽ جيڪو گهر سڀني جيئرن جي لاءِ ٺهرايل آهي اتي آڻيندين.


ڇو جو هو ڏسي ٿو تہ داناءُ ماڻهو مريو ٿا وڃن، ۽ بيوقوف ۽ وحشي بہ فنا ٿا ٿين، ۽ پنهنجي ملڪيت ٻين لاءِ ڇڏي ٿا وڃن.


هارون اليسبع سان شادي ڪئي، جا نحون جي ڀيڻ ۽ عميناداب جي ڌيءَ هئي؛ انهيءَ مان ندب، ابيهو، اليعزر ۽ اتمر پيدا ٿيا.


هارون جي پٽ اليعزر فوطيئل جي ڌيئرن مان هڪڙي سان شادي ڪئي، انهيءَ مان فنيحاس پيدا ٿيو. لاويءَ وارن جي ابن ڏاڏن جي خاندانن مان هي سردار سندن گهراڻن موجب هئا.


اوهان جا ابا ڏاڏا ڪٿي آهن؟ ۽ نبي ڪو هميشہ لاءِ جيئرا آهن ڇا؟


۽ هارون ڪاهن جو پٽ اليعزر، لاوين جي سردارن جو سردار ٿئي، ۽ جيڪي پاڪ مڪان جي نگهباني ٿا ڪن، تن تي نظرداري ڪري.


ڇالاءِ جو دائود تہ پنهنجي وقت ۾ خدا جي مرضيءَ پٽاندر هلندو هو، تنهن کانپوءِ پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي گڏيو، ۽ سڙي مري ويو:


پر هن جي ڪهانت لازوال آهي، ڇالاءِ جو هو هميشہ تائين قائم آهي.


۽ جيڪي ملڪ بني اسرائيل کي ڪنعان جي زمين ۾ ورثو ٿي مليا سي هي آهن، ۽ اُهي اليعزر ڪاهن، ۽ يشوع بن نون، ۽ بني اسرائيل جي فرقن جي بزرگن انهن کي ورهائي ڏنا.


۽ بني اسرائيل، بني روبن، ۽ بني جد، ۽ منسي جي اڌ فرقي ڏانهن، جلعاد جي ملڪ ۾ اليعزر ڪاهن جي پٽ فينحاس کي ڏياري موڪليو؛


۽ اهو ماڻهو بيت لحم يهوداہ واري شهر مان نڪتو تہ جتي ڪا جاءِ مليس اُتي وڃي رهي: ۽ سفر ڪندو افرائيم جي ڪوهستان ۾ ميڪاہ جي گهر آيو.


۽ اُتان هو لنگهي افرائيم جي ڪوهستان ڏانهن ويا، ۽ ميڪاہ جي گهر آيا.


۽ فينحاس، بن اليعزر، بن هارون، انهن ڏينهن ڏينهن ۾ انهيءَ جي اڳيان بيهندو هو) ۽ چيائين تہ آءٌ وري بہ پنهنجي ڀاءُ بني بنيمين سان جنگ ڪرڻ لاءِ نڪري وڃان يا بس ڪري ويهي رهان؟ ۽ خداوند چيو تہ وڃ؛ ڇالاءِ جو سڀاڻي آءٌ هن کي تنهنجي هٿ ۾ ڏيندس.


هاڻي افرائيم جي ڪوهستان ۾ راماتيم صوفيم جو هڪڙو ماڻهو هو، ۽ انهي جو نالو هو القانہ، بن يروحام، بن اليهو، بن توحو، بن صوف، جو افرائيمي هو.


۽ هو افرائيم جي ڪوهستان مان ۽ سليسہ جي زمين مان لنگهندو گهمندو ويو، پر گڏهہ نہ لڌائين: پر هو سعليم جي زمين مان لنگهيا، تہ بہ اُتي گڏهہ نہ ملين: پوءِ هو بنيمينين جي زمين مان لنگهيو، تہ بہ گڏهہ نہ لڌن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ