Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 24:32 - Sindhi Bible

32 ۽ يوسف جا هڏا، جي بني اسرائيل مصر مان آندا هئا، سي بہ هنن سڪم ۾، انهيءَ زمين جي ٽڪر ۾ دفن ڪيا، جو يعقوب سڪم جي پيءُ حمور جي پٽن کان ناڻي جي هڪ سؤ سڪن تي خريد ڪيو هو: ۽ اُهي يوسف جي اولاد جي موروثي ملڪيت ٿيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

32 يوسف جا هڏا جيڪي بني اسرائيل مصر مان آندا هئا سي بہ هنن سڪم ۾ زمين جي انهيءَ ٽڪري ۾ دفن ڪيا، جيڪو يعقوب سڪم جي پيءُ حمور جي اولاد کان چانديءَ جي هڪ سؤ سڪن ۾ خريد ڪيو هو. اها زمين يوسف جي اولاد کي ورثي طور ملي هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 24:32
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جنهن زمين جي ٽڪر تي پنهنجو تنبو کوڙيو هئائين، سو سڪم جي پيءُ حمور جي پٽن کان سؤ سڪن تي خريد ڪيائين.


ٻيو تہ مون توکي تنهنجي ڀائرن کان هڪڙو حصو وڌيڪ ڏنو آهي، جو مون پنهنجيءَ ترار ۽ پنهنجيءَ ڪمان سان امورين کان ورتو هو.


نيٺ يوسف پنهنجن ڀائرن کي چيو تہ هاڻ آءٌ مرڻ تي آهيان: پر خدا ضرور اوهان جي سار لهندو، ۽ اوهان کي هن ملڪ مان ڪڍي، انهيءَ ملڪ ۾ نيندو: جنهن جو هن ابرهام سان، ۽ اسحاق سان، ۽ يعقوب سان قسم کنيو هو.


۽ يوسف بني اسرائيل کان قسم کڻائي کين چيو تہ خدا ضرور اوهان جي سار لهندو، پوءِ اوهين منهنجا هڏا هتان کڻي وڃجو.


۽ موسيٰ يوسف جا هڏا پاڻ سان کنيا؛ ڇالاءِ جو هن بني اسرائيل کي قسم ڏيئي چيو هو تہ خداوند ضرور اوهان جي سار لهندو، ۽ اوهين منهنجا هڏا هتان پاڻ سان کڻي وڃجو.


پوءِ هو سامريہ جي هڪڙي سوخار نالي شهر وٽ، انهيءَ ٻنيءَ جي ڀر ۾ آيو، جا يعقوب پنهنجي پٽ يوسف کي ڏني هئي:


سو يعقوب مصر ۾ ويو؛ اُتي هو پاڻ ۽ اسان جا ابا ڏاڏا گذر ڪري ويا؛


۽ اُنهن کي کڻي وڃي شڪم ۾ اُنهي قبرستان ۾ دفن ڪيائون، جو ابراهيم شڪم ۾ حمور جي پٽن کان رپيا ڏيئي خريد ڪيو هو.


ايمان ئي جي ڪري جڏهن يوسف مرڻ تي هو، تڏهن بني اسرائيل جي خروج جو ذڪر ڪيائين؛ ۽ پنهنجين هڏين بابت حڪم ڏنائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ