Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 24:31 - Sindhi Bible

31 ۽ اسرائيل يشوع جي سڀني ڏينهن ۾، ۽ يشوع کان پوءِ بہ جيڪي بزرگ جيئرا رهيا تن جي ڏينهن ۾، خداوند جي عبادت ڪندا آيا، ۽ جيڪي ڪم هن اسرائيل لاءِ ڪيا هئا سي اُهي بزرگ ڄاڻندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

31 جيستائين يشوع جيئرو هو تيستائين بني اسرائيل خداوند جي عبادت ڪندا رهيا. يشوع جي وفات کان پوءِ بہ هو ائين ئي ڪندا آيا جيستائين اهي اڳواڻ جيئرا هئا جن اهو سڀ ڪجھہ پنهنجي اکين سان ڏٺو هو جيڪي خداوند بني اسرائيل لاءِ ڪيو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 24:31
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي سديم جي ماٿريءَ ۾ رال جون ڪيتريون ئي کڏون هيون، ۽ سدوم ۽ عمورہ جا بادشاهہ ڀڄندا ڀڄندا وڃي اتي ڪِريا؛ ۽ باقي جيڪي بچيا سي جبل ڏانهن ڀڄي ويا.


۽ يهويدع ڪاهن جي سڀني ڏينهن ۾ يوآس اهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا،


۽ جيڪي ملڪ بني اسرائيل جي ذمي هئا، تن سڀني مان يوسياہ سڀ ڪراهت جهڙيون مورتون ڪڍي ڇڏيون، ۽ اسرائيل ۾ جيڪي ماڻهو هئا، تن کان خداوند سندن خدا جي عبادت ڪرايائين. هن جي سڀني ڏينهن ۾ ماڻهو خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي پيروي ڪرڻ کان ٻئي پاسي ڦري نہ ويا.


مون کي خبر آهي تہ منهنجي وڃڻ کانپوءِ ڏاريندڙ بگهڙ اوهان ۾ اچي پوندا، ۽ ڌڻ تي ڪوبہ قياس ڪونہ ڪندا؛


۽ اوهين اڄوڪي ڏينهن اهو سمجهي وٺو: ڇالاءِ جو آءٌ اوهان جي اولاد سان نٿو ڳالهايان، جن کي نڪا خبر آهي، نڪي ڏٺو اٿن، تہ خداوند اوهان جي خدا جي سيکت، ۽ هن جي عظمت، ۽ هن جي زوراور هٿ، ۽ هن جي ڊگهيريل ٻانهن سان ڇا ڇا ٿيو،


پر اوهان خداوند جا اهي سڀ وڏا ڪم پنهنجين اکين سان ڏٺا.


۽ انهن جا ٻار، جن کي ڪابہ خبر ڪانهي، سي بہ ٻڌن، ۽ جنهن ملڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ اوهين يردن جي پار ٿا وڃو، تنهن ۾ جيستائين اوهين رهو تيستائين اهي خداوند تنهنجي خدا کان ڊڄڻ سکن.


ڇالاءِ جو مون کي خبر آهي تہ منهنجي مرڻ کان پوءِ اوهين پاڻ کي بلڪل بگاڙي ڇڏيندا، ۽ جن ڳالهين جو مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي، تن کان ڦري ويندا؛ ۽ پوين ڏينهن ۾ اوهان تي ڏک ايندا؛ ڇالاءِ جو اوهين اهي ڪم ڪندا جي خداوند جي نظر ۾ خراب آهن، ۽ اوهين پنهنجن هٿن جي ڪمن سان هن کي غصو ڏياريندا.


سو اي منهنجا پيارا ڀائرو، جيئن اوهين هميشہ فرمانبرداري ڪندا آيا آهيو، تيئن نہ رڳو منهنجي حاضريءَ ۾، پر هاڻي منهنجي غير حاضريءَ ۾، اڳي کان بہ زيادہ ڊڄندي ۽ ڏڪندي پنهنجي نجات جو ڪم پورو ڪندا رهو؛


۽ ٻيا سڀ انهيءَ پيڙهيءَ وارا بہ وڃي پنهنجي ابن ڏاڏن سان گڏيا: ۽ انهن کان پوءِ ٻي پيڙهي اُٿي، جي نڪي خداوند کي سڃاڻندا هئا، ۽ نڪي جيڪي ڪم هن اسرائيل لاءِ ڪيا هئا، تن کان واقف هئا.


هاڻي جڏهن يشوع ماڻهن کي روانو ڪري ڇڏيو، تڏهن بني اسرائيل مان هرڪو ماڻهو پنهنجي پنهنجي موروثي زمين هٿ ڪرڻ لاءِ ويو.


۽ اُهي ماڻهو يشوع جي حياتيءَ جا سڀ ڏينهن، ۽ يشوع کان پوءِ بہ جيڪي بزرگ جيئرا رهيا، تن جي ڏينهن ۾ خداوند جي عبادت ڪندا آيا، ۽ اُهي وڏا ڪم جيڪي هن اسرائيل لاءِ ڪيا هئا سي ڄاڻندا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ