28 پوءِ يشوع سڀني ماڻهن کي پنهنجي پنهنجي ورثي ڏانهن موڪلي ڇڏيو.
28 ان کان پوءِ يشوع ماڻهن کي روانو ڪيو ۽ هر ڪو پنهنجي پنهنجي ورثي طور مليل زمين ڏانهن واپس هليو ويو.
۽ باقي اسرائيلي، ڪاهنن ۽ لاوين مان، يهوداہ جي سڀني شهرن ۾ هئا، هرڪو پنهنجي پنهنجي موروثي حصي ۾.
انهيءَ طرح بني اسرائيل جو ورثو هڪڙي قبيلي مان نڪري، ٻئي قبيلي ۾ نہ ويندو: ڇالاءِ جو هرڪو اسرائيلي پنهنجي ابن ڏاڏن جي قبيلي جي ورثي کي قائم رکندو.
انهيءَ طرح ڪنهن جو بہ ورثو هڪڙي قبيلي مان نڪري ٻئي قبيلي ۾ نہ ويندو؛ ڇالاءِ جو بني اسرائيل جي قبيلن مان هرڪو پنهنجو پنهنجو ورثو پنهنجي قبضي ۾ رکندو.
پوءِ يشوع هنن کي برڪت ڏيئي روانو ڪيو، ۽ هو پنهنجن تنبن ڏانهن هليا ويا.
پوءِ يشوع سڀني ماڻهن کي چيو تہ ڏسو، هي پٿر اسان تي هڪڙو شاهد ٿيندو؛ ڇالاءِ جو جيڪي ڳالهيون خداوند اسان سان ڪيون آهن، سي هن ٻڌيون آهن: تنهنڪري هو اوهان تي شاهد ٿيندو، تہ متان اوهين پنهنجي خدا جا انڪاري ٿي وڃو.
۽ انهن ڳالهين کان پوءِ هيئن ٿيو تہ خداوند جي ٻانهي يشوع بن نون، هڪ سؤ ڏهن ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪئي.
هاڻي جڏهن يشوع ماڻهن کي روانو ڪري ڇڏيو، تڏهن بني اسرائيل مان هرڪو ماڻهو پنهنجي پنهنجي موروثي زمين هٿ ڪرڻ لاءِ ويو.