Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 24:23 - Sindhi Bible

23 هن چيو تہ تڏهن هاڻي اهي ڌاريا معبود، جي اوهان منجهہ آهن، سي اُڇلائي ڇڏيو، تہ پنهنجي دل خداوند اسرائيل جي خدا سان لڳايو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 تنهن تي هن کين چيو تہ ”چڱو هاڻي اهي ڌاريا معبود جيڪي اوهان وٽ آهن سي اڇلائي ڇڏيو ۽ پنهنجي دل خداوند، بني اسرائيل جي خدا سان لڳايو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 24:23
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

شل خداوند اسان جو خدا اسان ساڻ بہ ائين هجي، جيئن اسان جي ابن ڏاڏن سان هو: شل هو اسان کي نہ ڇڏي، ۽ نہ ترڪ ڪري:


۽ هو اسانجين دلين کي پاڻ ڏي مائل ڪري، جنهن ڪري اسين هن جي سڀني رستن تي هلون، ۽ هن جي اُنهن حڪمن، ۽ قاعدن، ۽ فيصلن جي تعميل ڪريون، جي هن اسان جي ابن ڏاڏن کي ڏنا.


منهنجيءَ دل کي پنهنجين شاهدين ڏانهن مائل ڪر، نہ لالچ ڏانهن.


منهنجيءَ دل کي ڪنهن خراب ڳالهہ ڏانهن مائل ٿيڻ نہ ڏي، متان آءٌ بدڪارن سان گڏجي بڇڙائي ڪريان ۽ انهن جي لذيذ طعام مان ڪجهہ کاوان.


آءٌ خداوند تنهنجو خدا آهيان، جنهن توکي مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو: تون پنهنجو وات چڱيءَ طرح پٽ تہ آءٌ انهيءَ کي ڀري ڇڏيندس.


اوهين مون سان گڏ ٻين معبودن کي نہ مڃو، نڪي پنهنجي لاءِ چانديءَ يا سون جا معبود جوڙيو.


جيڪڏهن تون پنهنجا ڪن ڏاهپ ڏانهن ڦيرائيندين، ۽ پنهنجي دل سمجهہ تي لڳائيندين؛


افرائيم چوندو تہ اڳتي وري بُتن سان منهنجو ڪهڙو واسطو آهي؟ مون خداوند هن کي جواب ڏنو آهي، ۽ آءٌ مٿس نگاهہ ڪندس: آءٌ صنوبر جي سائي وڻ جهڙو آهيان؛ مون کان توکي پنهنجو ميوو حاصل ٿيندو.


تنهنڪري هاڻي خداوند جو خوف رکو، ۽ سچي نيت ۽ صداقت سان انهي جي عبادت ڪريو؛ ۽ نديءَ جي هن ڀر، ۽ مصر ۾، جن معبودن جي اوهان جا ابا ڏاڏا عبادت ڪندا هئا، تن کي ڇڏي ڏيو؛ ۽ خداوند جي عبادت ڪريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ